Skip to content

تقويٰ ڪهڙن ماڻهن جي لائِ آهي

علم الیقین

هي ماڻهو دنيادار هوندا آهن. مقام شنيد هوندو آهي. علم جي ذريعي يقين رکندا آهن. انهن جو ايمان ٻڌل ٻڌايل ڳالهين تي هوندو آهي. ڀٽڪي به ويندا آهن. انهن کي تقوى سان نه پر محنت سان ملندو آهي. وڻي رزق حلال سان ڪمائن يا حرام سان!

عین الیقین

هي ماڻهو تارڪ الدنيا سڏرائيندي به دنيا وارن سان گڏ ئي رهندا آهن پر انهن جو رخ ۽ دل رب جي طرف هوندو آهي. انهن کي اڪثر ڪري رحماني منظر به ڏيکاريا ويندا رهندا آهن. انهن جو مقام ديد هوندو آهي انهن کي به جائز محنت سان ملندو آهي. ناجائز سان انهن کي نقصان ٿيندو آهي.

حق الیقین

هنن جو مقام رسيد هوندو آهي يعني الله جي طرفان ڪو مرتبو ملي ويندو آهي ۽ الله جي نظرِ رحمت ۾ اچي ويندا آهن. انهن کي فارغ الدنيا چوندا آهن. دنيا ۾ رهي ڪري به جائز ۽ ناجائز ڌنڌي کان پري رهندا آهن. اھي جيڪڏھن جھنگلن ۾ به ويھي رھن ته الله انھن کي اتي به رزق پھچائيندو آهي. اھا تقويٰ جي منزل آھي ابتدائي ماڻھو تقويٰ جي ڳالھه ضرور ڪندا آھن پر ان ۾ ڪامياب نه ٿيندا آھن.

ترجمي معلومات

ھي ترجمي برادريءَ جي مدد سان تيار ڪئي وئي آھي ۽ درستگي ۽ اصل متن سان مطابقت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ان جي تصديق ضروري آھي۔

Copyright © 2025 Mehdi Foundation International