
هي اُهو گوهر شاهي آهي جنهن ٽن سالن تائين سيوهڻ شريف جي جبلن ۽ لال باغ ۾ الله جي عشق جي خاطر چله ڪيا ـ الله کي حاصل ڪرڻ خاطر دنيا کي ڇڏيائون ـ پوئِ الله جي ئي حڪم سان ٻيهر دنيا ۾ آيا ـ لکين دلين ۾ الله جو ذڪر وسايو ۽ ماڻهن کي الله جي محبت طرف راغب ڪيائون ـ هر مذهب وارن گوهر شاهي کي مسجدن ، مندرن ، گردوارن ۽ گرجا گهرن ۾ روحاني خطاب لائِ دعوت ڏني ۽ ذڪرِ قلب حاصل ڪيو ـ بيشمار مرد ۽ عورتون سندن تعليم سبب گناهن کان توبهة ڪئي ۽ الله جي طرف جهڪي ويا ـ بيشمار لاعلاج مريض سندن روحاني علاج سان شفاياب ٿيا ، پوئِ الله سندن چهرو چنڊ ۾ ڏيکاريو ، پوئِ حجرِ اسود ۾ بة سندن تصوير ظاهر ٿي ، سڄي دنيا ۾ سندن شهرت ٿي وئي ـ پر باطني علم کان انڌن مولوين کي ۽ ولين سان حسد ۽ بغض رکندڙ مسلمانن کي هي شخص پسند نة آيو ، سندس ڪتابن جي تحريرن ۾ خيانت ڪري سندن تي ڪفر ۽ واجب القتل جا فتوٰي لڳايا ـ مانچسٽر ۾ سندن رهائش گاهة تي پيٽرول بم اڇلايو ، ڪوٽڙي ۾ خطاب مهل مٿس هينڊ گرنيڊ بم سان حملو ڪيو ويو ـ لکين روپيا سندن سِر جي قيمت رکي وئي ـ پنج قسمن جا سنگين ڪُوڙا ڪيس ، ملڪ اندر کين ڦاسائڻ لائِ قائم ڪيا ويا ـ نواز شريف جي ڪري حڪومت سنڌ بة شامل ٿي وئي هئي ـ ٻة ڪيس قتل ، ناجائز هٿيار ، ناجائز قبضي جو قلم بة لڳايو ويو ـ آمريڪا ۾ بة هڪ عورت سان زيادتي ۽ حبس بيجا جو ڪيس ٺاهيو ويو ـ زرد صحافت کين زماني ۾ خوب بدنام ڪيو ، پر آخر ۾ عدالتن شنوائي ۽ جاچ کان پوئِ سڀئي ڪيس ڪوڙا قرار ڏئي خارج ڪري ڇڏيا ۽ الله پنهنجي هن دوست کي هر مصيبت کان بچائي رکيو ـ
انهن ڪيسن جي باري ۾ هائي ڪورٽ جي رپورٽ ڏسندا تة
’’گوهر شاهي کي فرقه واريت جي ڪري گهڙي گهڙي ڦاسايو وڃي ٿوـ‘‘




خصوصي نوٽ
هنن ڪيسن جي ناڪامي کان پوئِ ابليسين 295 جو هڪ ٻيو منطقي ڪيس ٺاهيو تة گوهر شاهي نبوت جو اعلان ڪري ڄڏيو آهي ـ ان ۾ هنن کي حڪومت جي اعلٰي قسم جي طبقي جي حمايت حاصل ٿي وئي هئي ، ايتري قدر جو اڳوڻو صدر رفيق تارڙ فرقي جي ڪري پارٽي بڻجي ويو هئو ـ جنهن جي ڪري اينٽي دهشتگردي جي انت واري جج تي دٻاء سبب سزا ٻڌائي وئي ـ انشاء الله هائي ڪورٽ ۾ يا سپريم ڪورٽ ۾ هن ڪوڙي ڪيس جو بة فيصلو ٿي ويندو ـ
ترجمي معلومات
ھي ترجمي برادريءَ جي مدد سان تيار ڪئي وئي آھي ۽ درستگي ۽ اصل متن سان مطابقت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ان جي تصديق ضروري آھي۔