فرموداتِ گوهر شاهي
” ٽي حصا ظاهري علم جا آهن، ۽ هڪ حصو باطني علم جو آهي.
ظاهري علم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن موسيٰ ۽ باطني علم لاءِ ڪنهن خضر کي تلاش ڪرڻو پوندو آهي“.
”جبرائيل کانسواءِ جيڪا آواز آئي، ان کي الهام ۽ جيڪو علم آيو ان کي صحيفا ۽ حديثِ
قدسي چوندا آهن ۽ جبرائيل سان گڏ جيڪو علم آيو ان کي قرآن چوندا آهن ڀلي اهو ظاهري
علم هجي يا باطني علم هجي! ان کي توريت چئو، زبور چئو يا انجيل چئو“
”عالمن کان جيڪڏهن ڪا غلطي ٿي وڃي ته ان کي سياست چئي ڇوٽڪارو حاصل ڪري
وٺندا آهن اولياءِ کان ڪا غلطي ٿي وڃي، ته ان کي حڪمت سمجهي نظر انداز ڪري ڇڏيندا آهن.
جڏهن ته نبين تي غلطي جو قلم نٿو لڳي“
”جيڪي جنهن شغل ۾ آهن، اندران انهن جا لاڳاپيل روح طاقتور آهن. ۽ جيڪي ڪنهن به شغل ۾ نه آهن، انهن جا روح ستل ۽ بي حس آهن. ۽ جنهن ڪنهن به طريقي سان الله جو نالو انهن روحن ۾ وسائي ورتو ته پوءِ انهن جو شغل هر وقت ذڪرِ سلطاني ۽ عشقِ خداوندي آهي“
تڏهن ئي علامه اقبال چيو : ”اگر هو عشق تو ڪفر ڀي هي مسلماني“
سچل سائين چيو : ”بن عشقِ دلبر ڪي سچل، ڪيا ڪفر هي ڪيا اسلام هي“
سلطان باهو چيو: ”جٿي عشق پهچاوي، ايمان نون وي خبر نه ڪائي“
اهڙا ماڻهو جڏهن ڪنهن مذهب ۾ هوندا آهن يا ويندا آهن ته انهن جي برڪت سان اُن خطي تي الله جي رحمت جي برسات وسڻ شروع ٿي ويندي آهي.
پوءِ هو بابا فريد هجن ته هندو، سک به سندن چونهٽ تي! جيڪڏهن بابا گرونانڪ هجن ته مسلمان، عيسائي به سندن در تي هليا ايندا آهن.
ترجمي معلومات
ھي ترجمي برادريءَ جي مدد سان تيار ڪئي وئي آھي ۽ درستگي ۽ اصل متن سان مطابقت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ان جي تصديق ضروري آھي۔