رسولن جا ڪلما هي آهن
عيسائين جو ڪلمو
لا الهٰ الا الله عيسٰي روح الله
ترجمو: الله کان سواءِ ڪو معبود نه آهي عيسيٰ الله جو روح آهي
يهودين جو ڪلمو
لا الهٰ الا الله موسٰي ڪليم الله
ترجمو: الله کان سواءِ ڪو معبود نه آهي موسٰي الله سان ڳالهه ٻولهه ڪندو آهي
ابراهمن جو ڪلمو
لا الهٰ الا الله ابراهيم خليل الله
ترجمو: الله کان سواءِ ڪو معبود نه آهي ابراهيم الله جو دوست آهي
مسلمانن جو ڪلمو
لا الهٰ الا الله محمد رسول الله
ترجمو: الله کان سواءِ ڪو معبود نه آهي محمد الله جو رسول آهي
جڏهن ته هندو ۽ سک آدم ۽ نوح جي دين جي هڪ ڪڙي آهن. آدم جو حجر اسود (پٿر) جي تعظيم ڪرڻ ڪري انهن ۾ به پٿر کي پوڄڻ جي ريت هلي پئي. نوح جي ٻيڙي مان بچي ويل ماڻهن به هندوستان ۾ وڃي تبليغ ڪئي هئي ۽ خضر کان به انهن جي گروون کي فيض مليو هيو، ۽ انهن جي دعائن ۾ آدم (شنڪر جي) ۽ خضر (وشنو مهاراج) جا نالا شامل آهن.
جڏهن ته هندو ۽ سک آدم ۽ نوح جي دين جي هڪ ڪڙي آهن. آدم جو حجر اسود (پٿر) جي تعظيم ڪرڻ ڪري انهن ۾ به پٿر کي پوڄڻ جي ريت هلي پئي. نوح جي ٻيڙي مان بچي ويل ماڻهن به هندوستان ۾ وڃي تبليغ ڪئي هئي ۽ خضر کان به انهن جي گروون کي فيض مليو هيو، ۽ انهن جي دعائن ۾ آدم (شنڪر جي) ۽ خضر (وشنو مهاراج) جا نالا شامل آهن.
دل کي صاف ڪرڻ ۽ گناهن جا داغ مٽائڻ لاءِ ساهه واري مشق، ساهه کڻڻ وقت ’لا الهٰ الا الله‘ ۽ ساهه خارج ڪرڻ وقت باقي اڳيون حصو پڙهو، ساهه خارج ڪرڻ وقت ڌيان دل جي طرف هجي. الله سان محبت ۽ قرب حاصل ڪرڻ لاءِ ٻيو طريقو آهي جيڪو بنا رب جي رضا جي مشڪل آهي. ڪتاب ۾ ڏنل طريقي مطابق دل جي ڌڙڪن کي تسبيح بنائڻو پوندو آهي ۽ ڌڙڪنن سان گڏ صرف الله جي خالص لفظن کي ملائڻو پوندو آهي. جيترو ٿي سگهي روزانو هن جي به مشق ڪيو. ڪنهن جو ڌيان ذريعي، ڪنهن جو بغير ڌيان جي به ۽ ڪنهن جو قلب ۽ روح جي سجاڳي کان پوءِ هر وقت به پنهنجو پاڻ ذڪر جاري ٿي سگهي ٿو.
الله جي دوستن جو ذڪر ٻاهتر هزار روزانو ٿيندو آهي جڏهن ته عاشقن جو ذڪر سوا لک تائين پهچي ويندو آهي.
جيڪڏهن لطائف به ذڪر ۾ لڳي وڃن ته ان جي ذڪر ڪرڻ جو شمار ڪرامن ڪاتبين جي به وس ۾ نه ٿو رهي.
ڪوئي فرش پر ڪوئي عرش پر
ڪوئي ڪعبي ۾ ڪوئي روئي خدا
(تریاقِ قلب)
مذهب وارا الله جي اسم کان علاوه نبي جي نالي کي به دل ۾ ڄمائڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ته جيئن اسم الله ڪنٽرول ۾ رهي. وجد، جذب يا جلال جي صورت ۾ نبي جو ڪلمو ان وقت تائين پڙهو جيستائين اها حالت ختم نه ٿئي ۽ ڏٺل مرشد کي به خيال ۾ آڻيو ته جيئن ان جي روحاني طاقت دل تي الله نقش ڪري. جن جو ڪو مذهب نه آهي، خدا خبر انهن جو نصيب ڪنهن وٽ آهي يا ڪٿي به نه آهي. اهي مشق ڪرڻ مهل واري واري پنجن مرسلن جي نالن جو تصور ڪن ۽ جنهن به ڏٺل ولي تي يقين رکن ٿا ان جو به خيال آڻين. پوءِ جنهن جا توهان آهيو اهو اندر مان ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏيندو يعني توهان جو رخ، محبت ۽ دل ان ئي جي طرف مائل ٿي ويندو.
ڪنهن زماني ۾ اهلِ ڪتاب هڪ پليٽ فارم تي جمع ٿي ويا هئا، پاڻ ۾ گڏ کائڻ پيئڻ ۽ هڪٻئي سان شادين جي اجازت ٿي وئي هئي. اهڙي طرح هِن زماني ۾ اهلِ ذڪر به هڪ ٿي ويندا. اهلِ ڪتاب وارا عارضي هئا ڇو ته ڪتاب زبان تي هئي ...... نڪري وئي ۽ هي مستقل هوندا ڇو ته الله جو نالو ۽ ان جو نور خون ۽ دل ۾ هوندو. جيڪا بيماري خون ۾ هلي وڃي يا جنهن جي محبت دل ۾ لهي وڃي ان جو نڪرڻ مشڪل آهي.
پاڻي پاڻي ئي آهي پر جڏهن رڳڙو لڳندو آهي ته بجلي ٺهي ويندو آهي. کير کي رڳڙيندا آهن ته مکڻ بڻجي ويندو آهي. اهڙي طرح آسماني ڪتابن جي اصلي آيتن جو جڏهن تڪرار ڪندا آهن ته نور ٺهي ويندو آهي. آيتن ۽ صفاتي نالن جي تڪرار سان صفاتي نور ٺهندو آهي جنهن جي پهچ ملائڪن تائين آهي جيڪو بلواسطو آهي. هي وحدت الوجود جو مقام آهي پر الله جي ذاتي نالي جي تڪرار واري نور جي پهچ ذات تائين آهي جيڪو بلا واسطو آهي. هي وحدت الشهود سان تعلق رکي ٿو.
گهڻا ماڻهو پنهنجي مذهب جي نبي ۽ ولين جو وڏو احترام ۽ عقيدت، محبت رکندا آهن پر ٻين مذهبن جي نبين ولين سان بغض و عناد ۽ دشمني رکندا آهن. اهڙا ماڻهو به الله جي طرفان ڪو مقام حاصل نٿا ڪري سگهن ڇو ته جن جي برائي ڪندا آهن اهي به الله جي دوستن مان آهن ۽ الله جي مرضي سان ئي مختلف مذهبن ۽ قومن ۾ مقرر ڪيا ويا.
ترجمي معلومات
ھي ترجمي برادريءَ جي مدد سان تيار ڪئي وئي آھي ۽ درستگي ۽ اصل متن سان مطابقت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ان جي تصديق ضروري آھي۔