لطيفو قلب
گوشت جي لوٿڙي کي اردو ۾ دل ۽ عربي ۾ فواد چوندا آهن ۽ ان مخلوق کي جيڪا دل سان گڏ آهي ، قلب چوندا آهن ـ ان جي نبوت ۽ علم آدم کي مليو هئو ـ حديث ۾ آهي تة دل ۽ قلب ۾ فرق آهي ـ هن دنيا کي ناسوت چوندا آهن ـ ان کان سوائِ ٻيا جهان بة آهن ، يعني ملڪوت ، عنڪبوت ، جبروت ، لاهوت ، وحدت ۽ احديت ـ اهي مقام ناسوت ۾ گولو ڦاٽڻ کان اڳ ۾ هئا ۽ انهن جون مخلوقون بة اڳ کان موجود هيون ـ فرشتا ارواح سان گڏ ٺهيا ـ پر ملائڪ ۽ لطائف پهريان کان ئي انهن مقامن تي موجود هئا بعد ۾ عالم ناسوت ۾ بة ڪيترن ئي سيارن تي دنيا آباد ٿي ـ ڪي مٽجي ويا ڪي انتظار ۾ آهن ـ هي مخلوق يعني لطائف ۽ ملائڪ روحن جي امرِ ڪن کان 70 هزار سال اڳ ٺاهيا ويا هئا ۽ انهن مان قلب کي محبت واري مقام ۾ رکيو ويو ۽ انهي ئَ جي ذريعي انسان جو رابطو الله سان ڳنڍجي وڃي ٿو ـ الله ۽ ٻانهي جي وچ ۾ هي ٽيليفون آپريٽر جي حيثيت رکي ٿو ـ انسان تي دليل ۽ الهامات انهي جي ذريعي وارد ٿين ٿا ـ جڏهن تة لطائف جون عبادتون بة انهي جي ذريعي مٿين عرش تي پهچن ٿيون پر هي مخلوق پاڻ ملڪوت کان اڳتي نٿي وڃي سگهي ، ان جو مقام خلد آهي ـ ان تي عبادت بة اندر ۽ تسبيح بة انسان جي ڍانچي ۾ آهي ـ ان جي عبادت کان سوائِ وارا جنتي بة افسوس ڪندا ڇو جو الله فرمايو آهي تة " ڇا انهن ماڻهن سمجهي رکيو آهي تة اسان انهن کي نيڪوڪارن جي برابر ڪري ڇڏيندا سين ؟ " ڇو تة قلب وارا جنت ۾ بة الله الله ڪندا رهندا ـ جسماني عبادت مرڻ کانپوئِ ختم ٿي ويندي آهي جن جا قلب ۽ لطائف الله جي نور سان طاقتور نة آهن اهي قبرن ۾ ئي جهريل حالت ۾ رهندا يا ضايع ٿي ويندا جڏهن تة منور ۽ طاقتور لطيفا مقام عليين ۾ هليا ويندا ـ حشر واري ڏينهن کان پوئِ جڏهن ٻيا جسم ڏنا ويندا تة پوئِ اهي لطيفا بة انساني روحِن سان گڏ ديدار ڪندڙ لافاني ولين جي جسمن ۾ داخل ٿيندا ـ جن انهن کي دنيا ۾ الله الله سيکاريو هئو اهي اُتي بة الله الله ڪندا رهندا ۽ اُتي وڃي بة انهن جا مرتبا وڌندا رهندا ـ ۽ جيڪي هتي دل جا انڌا هئا سي اُتي بة انڌا ئي رهندا ـ ڇو تة ميدانِ عمل هي دنيا هئي ۽ اهي هڪ ئي جائِ تي ئِ بيهي رهندا ـ عيسائين ، يهودين کان سوائِ هندو مذهب بة انهن مخلوقن جو قائل آهي ـ هندو انهن کي شڪتيون ۽ مسلمان انهن کي لطائف چوندا آهن ـ قلب دل جي کاٻي پاسي ٻن انچن جي مفاصلي تي هوندو آهي ان مخلوق جو رنگ هيڊائون (زرد) آهي ـ هن جي بيداري سان انسان هيڊائين روشني پنهنجي اکين ۾ محسوس ڪندو آهي ـ بلڪة ڪيترائي عامل حضرات انهن لطائف جي رنگن سان ماڻهن جو علاج بة ڪندا آهن ـ اڪثر ماڻهو پنهنجي دل جي ڳالهة برحق مڃندا آهن ـ جيڪڏهن واقعي دل سچا آهن تة سڀ دل وارا هڪ ڇو نة آهن ؟ عام ماڻهو جو قلب صنوبري هوندو آهي جنهن ۾ ڪا سڌ ٻڌ نة هوندي آهي ، نفس ۽ خناس جي غلبي يا پنهنجي اٻوجهة پڻ سبب غلط فيصلو بة ڏيئي سگهي ٿو ـ قلبِ صنوبري تي اعتماد ناداني آهي ـ جڏهن هن دل ۾ الله جو ذڪر شروع ٿي ويندو آهي پوئِ ان ۾ نيڪي بدي جي تميز ۽ سمجهة اچي ويندي آهي ان کي قلبِ سليم چوندا آهن ـ پوئِ ذڪر جي ڪثرت ڪري ان جو رخ رب جي طرف مُڙي ويندو آهي ان کي قلبِ منيب چوندا آهن ، هي دل برائي کان روڪي سگهي ٿو پر هي صحيح فيصلو نٿو ڪري سگهي ، پوئِ جڏهن الله تعاليٰ جون تجليون ان دل تي ڪرڻ شروع ٿي وينديون آهن تة ان کي قلبِ شهيد چوندا آهن ـ حديث : جهريل دل ۽ جهريل قبر تي الله جي رحمت پوندي آهي۔ ان وقت جيڪي دل چوي چُپ ڪري مڃي وٺ ڇو تة تجلي سان نفس بة مطمئنة ٿي ويندو آهي ۽ الله حبل الوريد ٿي ويندو آهي پوئِ الله چوندو آهي تة مان ان جي زبان ٿي ويندو آهيان جنهن سان هو ڳالهائيندو آهي ، ان جا هٿ ٿي ويندو آهيان جنهن سان هو پڪڙيندو آهي ـ
ترجمي معلومات
ھي ترجمي برادريءَ جي مدد سان تيار ڪئي وئي آھي ۽ درستگي ۽ اصل متن سان مطابقت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ان جي تصديق ضروري آھي۔