Skip to content

ڪتاب جي روشناس لاءِ ڪجهه اقتباس

  1. جيڪڏھن توھان ڪنھن مذھب آھيو پر الله جي محبت کان محروم آھيو، انھن کان اھي بھتر آھن جيڪي ڪنھن مذھب ۾ نه آھن پر الله جي محبت رکن ٿا.

  2. محبت جو تعلق دل سان آھي، جڏھن دل جي ڌڙڪن سان گڏ الله الله ملايو وڃي ٿو، ته اھو رت جي ذريعي نس نس ۾ پھچي روحن کي جاڳائي ٿو. پوءِ روح الله جي نالي سان سرشار ٿي الله جي محبت ۾ هليا وڃن ٿا.

  3. رب جو ڪو به نالو ڀلي ڪھڙي به ٻولي ۾ ھجي تعظيم جي قابل آھي پر رب جو اصلي نالو سرياني ٻولي ۾ الله آھي جيڪا آسمان وارن جي ٻولي آھي، انھي نالي سان فرشتا ان کي پڪارين ٿا ۽ ھر نبي جي ڪلمي سان لڳيل آھي.

  4. جيڪو به شخص سچي دل سان رب جي تلاش ۾ سامونڊ ۽ خشڪي تي آھي اھو به تعظيم جي قابل آھي.

  5. ھن دنيا ۾ ھڪ ئي وقت ۾ الڳ الڳ خطن ۾ ڪيترائي آدم آيا. سڀ آدم دنيا ۾ دنيا جي ئي مٽي مان ٺاھيا ويا، جڏھن ته آخري آدم جيڪو عربستان ۾ دفن آھي اڪيلو بھشت جي مٽي مان ٺاھيو ويو، ان کان علاوھ ڪنھن ٻئي آدم کي فرشتن سجدو نه ڪيو. ابليس انھي آدم جي اولاد جو دشمن ٿيو.

  6. انسان جي جسم ۾ ست قسمن جون مخلوقون آھن، جن جو تعلق جدا جدا آسمانن، جدا جدا بهشتن ۽ انسان جي جسم ۾ جدا جدا ڪمن سان آھي. جيڪڏھن انھن کي نور جي طاقت پھچائي وڃي ته ھي ان انسان جي صورت ۾ ھڪ ئي وقت ۾ ڪيترين ئي جڳھن تي ايتري قدر جو ولين، نبين جي مجلس ۽ رب سان ھمڪلام يا ديدار تائين پھچي سگھن ٿيون.

  7. ھر انسان جا ٻه مذھب ٿيندا آھن، ھڪڙو جسم جو مذھب جيڪو مرڻ بعد ختم ٿي ويندو آھي، ٻيو روحن جو مذھب جيڪو ازل واري ڏينھن ھئو يعني الله سان محبت، انھي جي ذريعي انسان جو مرتبو بلند ٿئي ٿو.

  8. سڀني مذھبن کان مٿاھون رب جو عشق آھي، ۽ سڀني عبادتن کان مٿاھون رب جو ديدار آھي.

  9. انسان، حيوانن، وڻن ۽ پٿرن بابت معلومات، ته اھي ڪيئن وجود ۾ آيا ۽ ڇو ڪو حرام ۽ ڪو حلال ٿيو.

  10. ارواح ۽ فرشتن جي امرِ ڪن کان به اڳ ڪھڙي مخلوق ھئي؟ اھو ڪھڙو ڪتو ھئو جيڪو حضرت قطمير بڻجي جنت ۾ ويندو؟ ۽ اھي ڪھڙا ماڻھو آھن جن جي روحن ازل ۾ ئي ڪلمو پڙھي ورتو ھو؟

اھو ڪھڙي بندي جو راز آھي جيڪو ھن ڪتاب ۾ ڏنل ناھي؟
معلومات ۽ تحقيق لاءِ ھن ڪتاب کي ضرور پڙھو

Copyright © 2025 Mehdi Foundation International