Skip to content

نفس جو تذڪرو

هي شيطاني جراثيم آهي ـ دن ۾ هن جو ٺڪاڻو آهي ـ سڀني نبين ولين هن جي شرارت کان پناه گهري ، هن جي غذا فاسفورس ۽ بدبوئِ آهي ، جيڪا هڏين ، ڪوئلن ۽ ڇيڻن ۾ بة هوندي آهي هر مذهب جنابت کان پوئِ ونهجڻ تي زور ڏنو آهي ـ ڇو تة جنابت جي بدبو مسامن کان بة خارج ٿيندي آهي ـ بدبودار قسم جا شربت ۽ بدبودار قسم جي جانورن جي گوشت کي بة منع قرار ڏنو آهي ـ روزِ ازل ۾ الله جي سامهون وارا سڀ روح ، جمادي تائين ، هڪ ٻئي کان مانوس ۽ متحد ٿي ويا ـ جمادي روح جي ڪري انسان پٿرن جا گهر ٺاهيا ۽ نباتي روح جي ڪري وڻن جي ڪاٺين سان ڇتيون ٺاهيون ـ وڻن جي ڇانو کان بة مستفيض ٿيا ، وڻن انهن کي صاف سٿري آڪسيجن پهچائي ـ پويان وارا حيواني روح جيڪي دنيا ۾ اچي جانور بڻجي ويا ، سڀني انسانن لائِ حلال ڪري ڇڏيا ويا ـ جڏهن تة انهن ئي سان لاڳاپيل پکي بة حلال ڪري ڇڏيا ويا ـ کاٻي پاسي جنات ۽ سفلي موڪلات ٺهيا پوئِ انهن جي پٺين پاسي خبيث ارواح جيڪي آخر ۾ خدا جا دشمن ٿيا ـ ۽ اهي حيواني ، نباتي ۽ جمادي روح جيڪي خبيثن جي پٺيان ظاهر ٿيا هئا انهن انسانن سان دشمني ڪئي ، انهن جي جمادي روحن جي دنيا ۾ اچڻ سبب خاڪ ڪوئلو ٺهي ، جنهن جي گئس انسانن لائِ نقصان ڪار هئي ـ

انهن جي نباتي روح کان خطرناڪ ۽ ڪنڊي دار قسم جا ، ۽ آدم خور قسم جا وڻ وجود ۾ آيا ۽ انهن جي حيواني روح کان آدم خور ۽ خونخوار قسم جا جانور پيدا ٿيا ۽ ان سان لاڳاپيل پکي بة انهن ئي جي انسان دشمني جي خصلت جي ڪري حرام قرار ڏنا ويا ـ جن جي سڃاڻپ هي آهي تة اهي چنبي سان پڪڙي غذا کائيندا آهن ـ ساڄي پاسي واري ارواح کي انسان جو خادم ، پيغام رسائيندڙ ۽ مددگار بڻائي ڇڏيو ۽ انسان کي سڀني کان وڌيڪ فضيلت عطا ڪري پنهنجو خليفو مقرر ڪري ڇڏيو ـ هاڻي انسان جي مرضي ، محنت ۽ قسمت آهي تة خلافت منظور ڪري يا ٺڪرائي ڇڏي ـ نفس خواب ۾ جسم کان ٻاهر نڪري ويندو آهي ۽ ان ماڻهو جي شڪل ۾ جنات جي شيطاني محفلن ۾ گهمندو آهي ـ نفس سان گڏ خناس بة هوندو آهي جنهن جي شڪل هاٿي وانگر ٿيندي آهي ۽ هي نفس ۽ قلب جي وچ ۾ ويهي رهندو آهي ، انسان کي گمراه ڪرڻ لائِ نفس جي مدد ڪندو آهي ـ ان سوائِ چار پکي بة انسان کي گمراه ڪرڻ لائِ چئني لطائف سان چمبڙي وڃن ٿا ، جهڙي طرح قلب سان گڏ ڪُڪڙ ، جنهن جي ڪري دل تي شهوت جو غلبو رهي ٿو ، قلب جي ذڪر سان اهو ڪُڪڙ ، مرغِ بسمل بڻجي وڃي ٿو ۽ حرام ۽ حلال جي تميز جو شعور پيدا ڪري ڇڏي ٿو ـ پوئِ ان قلب کي قلبِ سليم چوندا آهن ـ سري سان گڏ ڪانو ، ڪانو جي ڪري حرص ، ۽ خفي سان گڏ مور ، مور جي ڪري حسد ، ۽ اخفٰي سان گڏ ڪبوتر ، ڪبوتر جي ڪري بخل اچي وڃي ٿو ۽ انهن جون خصلتون لطائف کي حرص و حسد تي مجبور ڪري ڇڏين ٿيون جيستائين لطائف منور نة ٿي وڃن ـ ابراهيم جي جسم مان انهن ئي چئني پکين کي ڪڍي ، پاڪيزة ڪري ٻيهر جسم ۾ وڌو ويو هئو ـ مرڻ کانپوئِ پاڪيزة ماڻهن جا اهي پکي وڻن تي آکيرو ٺاهي وٺن ٿا ـ ڪيترائي ماڻهو جهنگلن ۾ ڪجهة ڏينهن رهي ڪري پکين جهڙا آواز ڪڍندا آهن ، ۽ هي پکي انهن سان مانوس ٿي ويندا آهن ۽ انهن جي ننڍن وڏن علاجن ۾ مددگار بڻجي ويندا آهن ـ

هڪ اهم نقطو

"نفس جو تعلق شيطان سان آهي"

"سيني جي پنجني لطيفن جو تعلق پنجن رسولن سان آهي ـ انا جو تعلق الله سان آهي"

"اهڙي طرح هن جسم جو تعلق ڪامل مرشد سان آهي"

"۽ جيڪا بة مخلوق جنهن نسبت کان خالي آهي اها ان جي فيض کان محروم ۽ عاري آهي"

ترجمي معلومات

ھي ترجمي برادريءَ جي مدد سان تيار ڪئي وئي آھي ۽ درستگي ۽ اصل متن سان مطابقت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ان جي تصديق ضروري آھي۔

Copyright © 2025 Mehdi Foundation International