انساني جسم ۾ انهن لطائف جون ڊيوٽيون
لطيفو اخفٰي:
ان جي ذريعي انسان ڳالهائيدو آهي نة تة زبان ٺيڪ هجڻ باوجود گونگو آهي ـ انسانن ۽ حيوانن ۾ فرق انهن لطائف جو آٓهي ـ پيدائش جي وقت جيڪڏهن اخفٰي ڪنهن سبب جسم ۾ داخل نة ٿي سگهي تة ان کي جسم ۾ گهرائڻ ڪنهن لاڳاپيل نبي ئَ جي ڊيوٽي هئي ، پوئِ گونگا ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏيندا هئا ـ
لطيفو سري:
ان جي ذريعي انسان ڏسندو آهي ـ هن جي جسم ۾ نة اچڻ سان انسان پيدائشي انڌو آهي ان کي واپس آڻڻ بة ڪنهن لاڳاپيل نبي جي ڊيوٽي هئي جنهن سان انڌا بة ڏسڻ شروع ٿي ويندا هئا ـ
لطيفو قلب:
ان جي جسم ۾ نة هجڻ سبب سان انسان بلڪل جانورن وانگر رب کان اڻ ڄاڻ ۽ پري ، بي شوق ، بي ڪيف ٿي ويندو آهي ، ان کي واپس ڏيارڻ بة نبين جو ڪم هئو ـ ۽ انهن نبين جا معجزة ڪرامت جي صورت ۾ ولين کي بة عطا ٿيا ، جنهن جي ذريعي فاسق ۽ فاجر بة رب تائين پهچي ويا ـ ڪنهن بة ولي يا نبي جي ذريعي جڏهن ڪنهن لاڳاپيل لطيفي کي واپس ڪيو ويندو آهي تة گونگا ٻوڙا ۽ انڌا بة شفاياب ٿي ويندا آهن ـ
لطيفو انا:
ان جي جسم ۾ نة اچڻ سبب انسان چريو سڏبو آهي بيشڪ دماغ جون سڀئي نسون ڪم ڪري رهيون هجن ـ
لطيفو خفي:
ان جي نة اچڻ سان انسان ٻوڙو آهي ، ڇو ڪنن جا سوراخ کولي ڇڏيا وڃن ـ جسماني نقصن سبب بة هي حالتون پيدا ٿي سگهن ٿيون جيڪي قابلِ علاج آهن ، پر مخلوقن جي نة هجڻ جو ڪو بة علاج نة آهي جيستائين ڪنهن نبي يا ولي جي حمايت حاصل نة هجي ـ
لطيفو نفس:
ان جي ذريعي انسان جو دل دنيا ۾ ، ۽ لطيفي قلب جي ذريعي انسان جو رخ الله جي طرف مڙي ويندو آهي ـ
ترجمي معلومات
ھي ترجمي برادريءَ جي مدد سان تيار ڪئي وئي آھي ۽ درستگي ۽ اصل متن سان مطابقت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ان جي تصديق ضروري آھي۔