Skip to content

لفظ

سرياني ٻولي جيڪا آسمانن تي ڳالهائي ويندي آهي فرشتا ۽ رب انهي ٻولي ئَ ۾ مخاطب ٿيندا آهن ـ جنت ۾ آدم صفي الله بة اها ئي ٻولي ڳالهائيندو هئو ـ پوئِ جڏهن آدم صفي الله ۽ مائي حوا دنيا ۾ آيا عربستان ۾ آباد ٿيا ـ انهن جي اولاد بة اهائي ٻولي ڳالهائيندي هئي ، پوئِ اولاد جي دنيا ۾ پکيڙ سبب هي ٻولي عربي فارسي ، لاطيني کان نڪرندي انگريزي تائين وڃي پهتي ، ۽ الله کي مختلف ٻولين ۾ جدا چدا پڪاريو وڃڻ لڳو ـ آدم جي عرب ۾ رهڻ سبب سرياني جا ڪيترائي لفظ اڃان بة عربي ٻولي ۾ موجود آهن جيئن تة آدم کي آدم صفي الله جي نالي سان پڪاريو هئو ـ ڪنهن کي نوح نبي الله ، ڪنهن کي ابراهيم خليل الله ، پوئِ موسٰي ڪليم الله ، عيسٰي روح الله ۽ محمد الرسول الله پڪاريو ويو ـ هي سڀ ڪلمة سرياني ٻولي ۾ لوحِ محفوظ تي انهن نبين جي اچڻ کان اڳ ئي لکيل هئا ، تڏهن ئي حضور پاڪ فرمايو هئو تة مان هن دنيا ۾ اچڻ کان اڳ بة نبي هئس ـ

ڪجهة ماڻهن جو خيال آهي تة لفظ اللة مسلمانن جو رکيل نالو آهي پر ائين نة آهي ـ

حضرت محمد الرسول الله جي والد جو نالو عبدالله هئو جڏهن تة ان وقت اسلام نة هئو ـ ۽ اسلام کان اڳ بة هر نبي جي ڪلمي سان گڏ الله پڪاريو ويو ـ جڏهن روح ٺاهيا ويا تة انهن جي زبان تي پهريون لفظ "اللة" ئي هئو ۽ پوئِ جڏهن روح آدم جي جسم ۾ داخل ٿي تة يا الله پڙهي ڪري ئي داخل ٿي هئي ـ ڪيئي مذهب هن رمز کي حق سمجهي الله جي نالي جو ذڪر ڪندا آهن ۽ ڪيترائي شڪ شبهي سبب ان کان محروم آهن ـ جيڪو بة نالو رب جي طرف اشارو ڪري ٿو سو تعظيم جي قابل آهي ، يعني الله ڏانهن رخ ڪري ڇڏي ٿو ـ پر نالن جي اثر سان جدا جدا ٿي ويا ـ حروفِ ابجد ۽ حروفِ تهجي جي حساب سان هر لفظ جو انگ جدا ٿيندو آهي ـ اهو بة هڪ آسماني علم آهي ۽ انهن انگن حو تعلق سموري مخلوق سان آهي ڪنهن وقت هي انگ ستارن جي حساب سان پاڻ ۾ هڪجهڙائي نة رکندا آهن جنهن جي ڪري انسان پريشان رهندو آهي ـ ڪيترائي ماڻهو هن علم جي ماهرن کان ستارن جي حساب سان زائچو ٺهرائي نالو رکندا آهن ـ جيئن تة ابجد (ا ـ ب ـ ج ـ د) (4-3-2-1) جا ڏهة (10) عدد ٺهندا آهن ـ اهڙي طرح هر نالي جا جدا عدد ٿيندا آهن ـ جڏهن الله جا مختلف نالا رکي ڇڏيا ويا تة ابجد جي حساب سان هڪٻئي سان ٽڪرائَ جو سبب بڻجي ويا ـ جيڪڏهن سڀ هڪ ئي نالي سان رب کي پڪارين ها تة مذهب جدا جدا هجڻ جي باوجود اندر کان هڪ ئي هجن ها ـ پوئِ نانڪ صاحب ۽ بابا فريد وانگر اهو ئي چون ها :سڀئي روح الله جي نور سان ٺهيا آهن ، پر انهن جو ماحول ۽ انهن جا محلا جدا آهن ـ

جن فرشتن جي دنيا ۾ ڏيوٽي لڳائي ويندي آهي انهن کي دنيا وارن جون ٻوليون بة سيکاريون وينديون آهن ـ امتين جي لائِ ضروري آهي تة پنهنجي نبي جو ڪلمو جيڪو نبي جي رماني ۾ امت جي سڃاڻ ، فيض ۽ پاڪيزگي لائِ رب جي طرفان عطا ٿيو هئو ـ انهي ئَ طرح انهي ٻولي ۾ ڪلمي جو تڪرار ڪندو ڪري ـ ڪنهن کي ڪهڙي بة مذهب ۾ اچڻ لائِ هي ڪلما شرط آهن ـ جهڙي طرح نڪاح وقت زباني اقرار شرط آهي جنتن ۾ داخلي لائِ بة هي ڪلما شرط ڪري ڇڏيا ويا ـ پر اولهة وارن ملڪن ۾ گهڻائي مسلم ۽ عيسائي پنهنجي مذهب جي ڪلمن کان ايتري قدر جو پنهنجي نبي جي اصلي نالي کان بي خبر آهن ـ زباني ڪلمي وارا اعمالِ صالح جا محتاج ، ڪلمو نة پڙهڻ وارا جنت کان ٻاهر ، ۽ جن جي دلين ۾ بة ڪلمو لهي ويو هئو اهي ئي بنا حساب جي جنت ۾ ويندا ـ آسماني ڪتاب جيڪي جنهن بة زبان ۾ اصلي آهن اهي رب تائين پهچائڻ جو ذريعو آهن پر جڏهن انهن جي عبارتن ۽ ترجمن ۾ ملاوٽ ڪري ڇڏي وئي ، جهڙي طرح ملاوٽ ٿيل اٽو پيٽ لائِ نقصانڪار آهي اهڙي طرح ملاوٽ ٿيل ڪتاب دين ۾ نقصان بڻجي ويا آهن ۽ هڪ ئي دين ، نبي وارا ڪيترن فرقن ۾ ورهائجي ويا ـ صراط مستقيم لائِ بهتر آهي تة توهان نور کان بة هدايت حاصل ڪري وٺو ـ

ترجمي معلومات

ھي ترجمي برادريءَ جي مدد سان تيار ڪئي وئي آھي ۽ درستگي ۽ اصل متن سان مطابقت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ان جي تصديق ضروري آھي۔

Copyright © 2025 Mehdi Foundation International