Skip to content

مريخ ۽ ٻين سيارن تي شبيهه جو راز

حضرت عيسيٰ جي هستي ڪنهن تعارف جي محتاج ناهي ڇو ته هو الله جي تمام ويجهو آهي. ان جون تصويرون ڪيترن سيارن ۽ ڪيترن جاين تي ظاهر ٿي رهيون آهن. هن زماني جا ڪيترائي ماڻهو هن سان ملاقات جو شرف حاصل ڪري چڪا آهن. جڏهن ته ٻئي پاسي گوهر شاهي جيڪي روءِ زمين تي موجود آهن سندن جو ڪو هڪ مسڪن ناهي، سڄي دنيا ۾ گهمندا رهندا آهن. مريخ کانسواءِ ٻين سيارن ۾ به سندن تصويرون ڏسي سگهجن ٿيون. ۽ انٽرنيٽ (www.goharshahi.com) تي سندن ڪتاب پڙهي سگجهن ٿا. سندن جو تعلق پاڪستان سان آهي. پاڻ صوفي سلسلي سان تعلق رکن ٿا. حضرت گوهر شاهي فرمائن ٿا ته مان نبي نه آهيان پرمونکي محمد ۽ عيسيٰ ۽ ٻين نبين جي حمايت حاصل آھي. پاڻ چون ٿا ”جيڪڏھن ڪنھن جو مذھب آھي پر ان جي دل ۾ الله جي محبت نه آهي، ان کان هو بهتر آهن جن جو ڪو مذهب ناهي پر اللھ جي محبت آهي“.

مسلمان عالم سندن کي چون ٿا ته توهان چئو ته مسلمان سڀني کان سٺا آهن. پر پاڻ چون ٿا ”سڀ کان سٺو اهو آهي جنهن جي دل ۾ الله جي محبت آهي ڀلي اهو ڪنهن به مذهب کان هجي“. مسلمان عالم چوندا آهن ته محمدي ڪلمو پڙهڻ کانسواءِ ڪو جنت ۾ نٿو وڃي سگهي. پاڻ چون ٿا ته هن جسم کي هتي ئي رهڻو آهي، روحن کي جنت ۾ وڃڻو آهي. چمڪندڙ روح جنت ۾ وڃي ئي ڪلمو پڙهي وٺندا. پاڻ چون ٿا ته ڪلمي جو مطلب ڪنهن به نبي جي ڪلمي سان مراد آهي. مسلمانن جو هڪ فرقو چوي ٿو ته هي تصوف ۽ دل جي تعليم سڀ باطل آهي. پر پاڻ چون ٿا ته دل جي پاڪيزگي کانسواءِ سڀ ڪجهه باطل، رائيگان ۽ ڇلڪي وانگر آهي. مسلم عقيدي ۾ هڪ دفعو جنم ٿيندو آهي. پر حضرت گوهر شاهي ڪتاب دين الهٰي ۾ لکيو آهي ته دنياوي روحن جو جنم ڪيئي ڀيرا ٿيندو آهي جڏھن ته صرف آسماني روح جو جنم ھڪ ڀيرو ٿيندو آھي. سندن انهي تعليمات سبب ڪيترائي مسلمان سندن دشمن ٿي ويا آھن انھيءَ ڪري حڪومتِ پاڪستان ڪتاب دين الهٰي تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. سندن کي ڪيترائي ڀيرا بم جي حملن سان اڏائڻ جي ڪوشس ڪئي وئي. مسلمانن جي ڪيترن ئي تنظيمن لکين رپيا سندن سر جي قيمت رکي آھي. جڏهن ته حڪومتِ پاڪستان سندن کي توهينِ مذهب جي ڪيس ۾ ملوث ڪيل آهي. پاڻ ڪنهن مذهب جو پرچار نٿا ڪن پر الله جي محبت ۽ عشق کي دلين ۾ لاهڻ جو طريقو سيکارين ٿا. پاڻ چون ٿا ته جڏهن توهانجو تعلق الله سان جڙي ويندو ته هو پاڻ ئي توهان کي هدايت جو رستو ڏيکاريندو. ڪيترن ئي ماڻهن کي مشق دوران دل تي الله لکيل نظر ايندو آهي. پاڻ چون ٿا ته جنهن ٻولي جو به لفظ الله جي طرف اشارو ڪري ٿو اھو قابلِ تعظيم ۽ قابلِ فيض آهي. هر مذهب جا ماڻهو سندن سان پيار ڪندا آهن بلڪه آمريڪا، برطانيا، آفريڪا، يورپ، مڊل ايسٽ ۽ ايشيا ۾ ڪيترن ئي چرچن، گردوارن، مندرن ۽ مسجدن ۾ پاڻ خطاب ڪري چڪا آهن. ڪيترائي بيمار ماڻهو جن کي ڊاڪٽرن لاعلاج قرار ڏيئي ڇڏيو هئو اهي به سندن جي دم ٿيل پاڻي سان صحتياب ٿي چڪا آهن. ۽ پاڻ ان الله جي محبت جي تعليم کي عام ڪرڻ ۽ بيمارن جي روحاني علاج لاءِ لنڊن ۾ آل فيٿ اسپريچوئيل آرگنائيزيشن جي نالي سان هڪ تمام وڏو ادارو مفت کولڻ جو پلان ڪري چڪا آهن جيڪو انهيءَ سال عالمي ليول تي ڪم ڪرڻ شروع ڪندو.

توهان کي گزارش آهي ته ڪنهن به مذهبي، ملڪي ۽ نسلي تعصب سبب رب جي نشانين کي جهٽلائڻ جي جرعت نه ڪريو.

شايد هي بندو رب توهان جي اصلاح ۽ امداد لاءِ موڪليو هجي. ان کي ڳوليو ۽ ذاتي طور تي ان تي ريسرچ ڪيو. جيڪڏهن ڪو گروھ يا ادارو سندن متعلق ڪا معلومات حاصل ڪرڻ چاهي ته اسان سان رابطو ڪري، اسين منصفاڻي پوري پوري معلومات مفت فراهم ڪندا سين. جيڪڏهن ممڪن ٿيو ته سندن سان ملاقات جو به اهتمام ڪرائي ڇڏيندا سين. اسان جو ادارو عرصي 7 سال کان برطانيا ۾ سندن تعليمات کي دنيا جي چپي چپي ۾ پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. جڏهن ته ادارو آل فيٿ اسپريچوئيل آرگنائيزيشن آئرلينڊ، صوفي موومينٽ آمريڪا ۽ انجمن سرفروشانِ اسلام پاڪستان رجسٽرڊ به اسان سان ڳنڍجي چڪا آهن.

ريگز انٽرنيشنل


ناسا وڏي مشڪل سان، ۽ ڪيترن ئي سياستدانن جي اسرار تي وڏي عرصي کان پوءِ مريخ تي تصوير جو اقرار ڪيو آهي جڏهن ته ٻين سيارن جي تصويرن کي لڪائي رکيو آھي. هاڻي اهڙي طرح هڪ جهڙائپ جي تصديق لاءِ لنوائي رهيو آهي.

ھي تصويرون مارڪ جي ڪارلوٽو جي ڪتاب دي مارشين اينگماز مان ورتي ويون آھن

ھي تصويرون روشني ۽ اونڌھ ۾ تناسب جا 5 مختلف درجا ڏيکارين ٿيون. ھتي موجود سڀ کان وڌيڪ تناسب رکندڙ تصوير جي هڪ جهڙائي ناسا جي اُن تصوير 35A72 سان آھي جيڪا وائڪنگ موڪلي ھئي.

ترجمي معلومات

ھي ترجمي برادريءَ جي مدد سان تيار ڪئي وئي آھي ۽ درستگي ۽ اصل متن سان مطابقت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ان جي تصديق ضروري آھي۔

Copyright © 2025 Mehdi Foundation International