Skip to content

لطيفو اخفٰي

هن جي نبوت ۽ علم حضور پاڪ کي مليو هئو

هي مخلوق سيني جي وچ ۾ آهي ـ يا احد جو ذڪر هن لائِ وسيلو آهي هن جو رنگ وانڱڻائي آهي هن جو تعلق بة مقام وحدت جي ان پردي سان آهي جنهن جي پٺيان خداوند جو تخت آهي ـ

پنجن لطيفن جو باطني علم بة پنجنين نبين کي ترتيب وار حاصل ٿيو ۽ هر لطيفي جو اڌ علم نبين کان ولين تائين پهتو ـ اهڙي طرح هن جا ڏه حصا بڻجي ويا پوئِ ولين کان خاص (ماڻهو) هن علم کان فيضياب ٿيا ـ جڏهن تة ظاهري علم ، ظاهري جسم ، ظاهري زبان ، ناسوت ۽ نفس سان تعلق رکي ٿو ـ هي عام ماڻهن لائِ آهي ۽ هن جو علم ظاهري ڪتاب ۾ آهي جنهن جا ٽيهة (30) حصا آهن ـ باطني علم بة نبين تي وحي ذريعي نازل ٿيو ، انهي ئَ سبب ان کي بة باطني قرآن چوندا آهن ـ قرآن جون گهڻيون سورتون بعد ۾ منسوخ ڪيون وينديون هيون ، ان جو سبب اهوئي هئو تة ڪڏهن ڪڏهن سيني جو علم بة حضور جي زبان کان عام ۾ ادا ٿي ويندو هئو جيڪو خاص لائِ هئو ، بعد ۾ هي علم سينة بة سينة ولين ۾ هلندو رهيو ۽ هاڻي ڪتابن ذريعي عام ڪري ڇڏيو ويو ـ

ترجمي معلومات

ھي ترجمي برادريءَ جي مدد سان تيار ڪئي وئي آھي ۽ درستگي ۽ اصل متن سان مطابقت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ان جي تصديق ضروري آھي۔

Copyright © 2025 Mehdi Foundation International