Skip to content

حضرت گوھر شاھي جي باطني شخصيت جون ڪجهه حقيقتون

19 سال جي عمر ۾ جسو توفيقِ الهٰي ساڻ لڳائي ڇڏيو ويو هئو جيڪو هڪ سال رهيو ۽ ان جي اثر کان ڪپڙا ڦاڙي صرف هڪ ڌوتي ۾ ڄام ڏاتار جي جهنگ ۾ هليا ويا هئا.

جسو توفيقِ الهٰي عارضي طور مليو هئو، جيڪو 14 سال غائب رهيو ۽ پوءِ 1975 ۾ ٻيهر سيوهڻ شريف جي جهنگ ۾ آڻڻ جو سبب به اهوئي جسو توفيقِ الهٰي هئو.

25 سال جي عمر ۾ گوهر شاهي جي جسي کي باطني لشڪر جي سالار جي حيثيت سان نوازيو ويو، جنهن سبب ابليسي لشڪر ۽ دنياوي شيطانن جي شر کان محفوظ رهيا.

جسو توفيقِ الهٰي۽ طفلِ نوري، ارواح، ملائڪ ۽ لطائف کان به اعليٰ (Special) مخلوقون آهن، انهن جو تعلق ملائڪن وانگر سڌو سئون رب سان آهي ۽ انهن جو مقام، مقامِ احديت آهي.

35 سالن جي عمر ۾ 15 رمضان 1976 ۾ هڪ نوري نطفو قلب ۾ داخل ڪيو ويو،
ڪجهه عرصي کان پوءِ تعليم و تربيت جي لاءِ مختلف جاين تي گهرايو ويو. 15 رمضان 1985 تي جڏهن پاڻ دنياوي ڊيوٽي تي حيدرآباد ۾ مامور ٿي چڪا هئا، ته اهو ئي نوري نطفو طفلِ نوري جي حيثيت حاصل ڪري مڪمل طور تي حوالي ڪيو ويو، جنهن جي ذريعي درٻارِ رسالت ۾ تاجِ سلطاني پارايو ويو. طفلِ نوري کي ٻارنهن سالن کانپوءِ مرتبو عطا ٿيندو آهي پر دنياوي ڊيوٽي جي سبب اهو مرتبو 9 سالن ۾ ئي عطا ٿي ويو.

ترجمي معلومات

ھي ترجمي برادريءَ جي مدد سان تيار ڪئي وئي آھي ۽ درستگي ۽ اصل متن سان مطابقت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ان جي تصديق ضروري آھي۔

Copyright © 2025 Mehdi Foundation International