Skip to content

چنڊ ۽ سج تي تصويرن جي باري ۾ مڪمل وضاحت

گوهر شاهي روحاني تعليم ۽ جڳهه جڳهه خطابات
جي ذريعي پوري دنيا ۾ مشهور ۽ هر دلعزيز ٿي ويا.

1994 ۾ مانچسٽر (انگلينڊ) ۾ ڪجهه ماڻهن چنڊ تي گوهر شاهي جي تصوير جي نشاندهي ڪئي. پوءِ پاڪستان ۽ ٻين ملڪن کان به شاهديون وصول ٿيون، وڊيو جي ذريعي چنڊ جون تصويرون ڪڍيون ويون. پوءِ ٻاهرين ملڪن ۽ ناسا کان چنڊ جون تصويرون گهرايون ويون، شروع شروع ۾ تصويرون مدهم هيون، پر گذريل ٻن سالن کان ايتريون واضح ٿي ويون جو دوربين يا ڪمپيوٽر کانسواءِ به ڏسي سگهجن ٿيون.

1996 ۾ اسان جي نمائندي ظفر حسين ناسا وارن کي نشاندهي ڪرائي. انهن چيو اسان کي خبر آهي ته چنڊ تي چهرو آهي، هي چهرو عيسٰي جو آهي، جيڪو ٻه سئو ميل ڊگهي روشني سان معلوم ٿئي ٿو. آمريڪي شهرين به ناسا تي زور وڌو ته هن تصوير جي باري ۾ ڪجهه وضاحت ڪئي وڃي پر (گوهر شاهي جو) ايشيائي هئڻ سبب ناسا خاموش رهيو. بلڪه ناسا جي ئي پروفيسر ماهر فلڪيات Dinsmore Alter پنهنجي لکيل ڪتاب (Pictorial Astronomy) ۾ تصوير ۾ ڪجهه تبديلي ڪري عورت جي روپ ۾ پيش ڪيو، ۽ سڄي عيسائي مشنري ۾ هي افواهه ڦهلائي ڇڏي ته چنڊ تي حضرت مريم جي تصوير آهي.

جڏهن پاڪستان جي اخبارن ۾ اها خبر نشر ٿي ته گهڻن ماڻهن ان جي تحقيق کان پوءِ تصديق ڪئي، گهڻن ماڻهن بغير تحقيق جي مذاق اڏايو ۽ گهڻن ماڻهن ان کي جادو سمجهيو. ڪجهه عرصي کان پوءِ خلاءَ ۾ به تصوير جو گوڙ ٿيو. پر ان جو اثر ذاڪرن (گوهر شاهي جي عقيدتمندن) کان سواءِ ڪٿي به ڏسڻ ۾ نه آيو.

1998 ۾ پرچم اخبار ۾ اها خبر ڇپي ته حجرِ اسود ۾ ڪنهن جي شبيهه نظر اچي رهي آهي. اسان ان شبيهه جي متعلق پهريان ئي معلومات رکون پيا. بلڪه حجرِ اسود جا ڪيترائي نشان ٿيل فوٽو به اسان وٽ موجود هئا ۽ تقريباً هر سرفروش تحقيق ڪري چڪو هئو. خاموشي جو سبب مسلمانن ۾ فتني جو انديشو هيو. پر اخباري خبر کان پوءِ اسان کي به حوصلو ٿيو ۽ ڀرپور انداز ۾ پريس ريليز شايع ڪيون ويون. تقريباً هر مسلمان هن جي تحقيق ڪئي، ڇو ته مسلمانن جي ايمان جي ڳالهه هئي. گهڻو طبقو متفق ٿيو، ڇو ته تصوير ايتري واضح هئي جو ان کي جهٽلائڻ ڏکيو هو. ان لاءِ ڪيترن ماڻهن مشهور ڪري ڇڏيو ته اهو به جادو آهي.

تقريباً هر ملڪ ۾ چنڊ ۽ حجرِ اسود جون تصويرون روشناس ڪرايون ويون. سعودي عرب ۽ ان جو ساٿ ڏيندڙ ڪاوڙجي ويا، ڄڻ ته حجرِ اسود ۾ تصوير گوھر شاھي لڳائي ھجي، ھو چون ٿا ته تصوير حرام هوندي آھي، حجرِ اسود تي ڪيئن اچي ويئي؟ اهو نه سوچيائون ته رب جي طرفان ڪا به نشاني حرام ٿي نٿي سگهي. سعودي حڪومت پنهنجي شرعي عدالتن کان هي فيصلو وٺي ورتو آھي ته گوهر شاهي واجب القتل آهي.

جيڪڏهن گوهر شاهي مڪي جي سرزمين تي قدم رکي ته ان کي قتل ڪيو وڃي.

پاڪستان ۾ به سعودي نواز فرقا گوهر شاهي ۽ سندن تعليمات کي مٽائڻ جي سر ٽوڙ ڪوشش ڪري رهيا آهن. ڪوڙا ڪيس، جن ۾ قلم 295 جو به ڪيس ٺاهيو ويو آھي. ۽ ڪيترائي ڀيرا گوهر شاهي تي قاتلاڻو حملو به ڪيو ويو آھي.

هاڻي سج تي به گوهر شاهي جي تصوير ظاھر ٿي ويئي آهي

اسان حڪومتِ پاڪستان کي ڪيسن جو سبب ۽ تصويرن جي تحقيق لاءِ ڪيترائي ڀيرا آگاه ڪيو. پر الله جي انهن نشانين کي حڪومتي سطح تي به فرقي واريت جي دٻاءُ سبب جهٽلايو ويو، بلڪه نواز حڪومت سنڌ حڪومت تي به زور وڌو ته گوھر شاھي کي ڪنھن طريقي سان ڦاسايو، دٻايو يا مٽايو وڃي، ۽ ھاڻي اسان فوجي حڪومت سان رابطو ڪري رهيا آهيون ته هو انهن نشانين جي انصاف سان تحقيق ڪري ۽ ڪنهن به ڊپ، خوف، دٻاءَ يا فرقي واريت سبب الله جي نشانين کي نه جهٽلايو وڃي. الله جون هي نشانيون فتنو وجهڻ لاءِ نه، پر فتنو مٽائڻ جي لاءِ آهن. ۽ ان جو ثبوت آهي ته گوهر شاهي جو درس جيڪو امن ۽ الله جي محبت جو درس آهي، جنهن جي ذريعي هر مذهب وارا پنهنجي اصلاح ڪرڻ ۾ لڳي ويا. ۽ اڄ هندو، مسلم، سک، عيسائي گوهر شاهي سان عقيدت سبب هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي رهيا آهن، ۽ تاريخ ۾ اهو پهريون ريڪارڊ آهي ته ڪنهن به مسلم کي گرجائن، مندرن ۽ گردوارن ۾ وعظ ۽ تقرير لاءِ مسندن تي وهاريو ويو هجي.

اهڙي شخص جي دلجوئي ڪرڻ گهرجي جيڪو ملڪ لاءِ فخر جو سبب هجي ۽ الله جي طرف مقرر هجي. ۽ ان جي صداقت لاءِ الله نشانيون ڏيکاري رهيو هجي، ۽ جنهن جي نظر سان ماڻھن جا د ل الله الله ۾ لڳي اللھ جا محب بڻجي ويا هجن.

پر اولياءَ جا دشمن ۽ اهل بيت جا دشمن مولوي ۽ جماعتون سندن خلاف سر جوڙ ٿي ويون آهن. بي بنياد ڪيسن، بي بنياد حربن ۽ بي بنياد پروپيگنڊه جي ذريعي عوام جو رُخ حجرِ اسود کان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته اهو تمام نازڪ ۽ اهم مسئلو آهي، مسلمانن جي ايمان جو خطرو آهي. ته ان جي تحقيقات لاءِ خاموشي ڇو آهي؟ ان جي متعلق سڄي دنيا ۾ ايترو ته منفي ۽ مثبت پروپيگنڊا ٿي چڪو آهي جو هاڻي ان کي دٻائڻ مشڪل آهي. اوڏانهن ولين کي مڃڻ وارا عالمِ سُو گوهر شاهي سان بغض ۽ حسد سبب گونگا بڻجي ويا آهن. تصوير کي واضح هئڻ جي صورت ۾ جهٽلائڻ مشڪل ٿي ويو، ته چون ٿا ته چنڊ تي جادو هلي ويو آهي، جڏهن ته حضور چيو ھئو ته چنڊ تي جادو ٿي نٿو سگهي، پوءِ چون ٿا ته حجرِ اسود به جادو جي گهيري ۾ اچي ويو آهي. جيڪڏهن ڪعبو به جادو جي اثر ھيٺ اچي چڪو آهي، ته پوءِ مسلمانن وٽ تحفظ جي ڪهڙي جاءِ آهي؟ مثال ڏين ٿا ته حضور تي به جادو ٿي ويو هئو، ڪعبو حضور کان افضل نه آهي.

بيشڪ حضور تي جادو ٿي ويو هئو. پر ان جي ٽوڙ لاءِ سورة والناس اچي ويئي هئي. توهان به والناس جي ذريعي چنڊ ۽ حجرِ اسود تي ڦوڪون ھڻو، جيڪڏهن اهي تصوير نه مٽن بلڪه اڳ کان به وڌيڪ روشن ٿي وڃن ته پوءِ توھان کي حق کي تسليم ڪرڻو پوندو. نه ته پوءِ توهان جي اندر ابوجھل ئي آھي.

ترجمي معلومات

ھي ترجمي برادريءَ جي مدد سان تيار ڪئي وئي آھي ۽ درستگي ۽ اصل متن سان مطابقت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ان جي تصديق ضروري آھي۔

Copyright © 2025 Mehdi Foundation International