ڪجهه محب ارواح جا اکين ڏٺا واقعا
هڪ ازلي روح جو واقعو:
مان آمريڪا ۾ اڌ رات جي ويجهو هڪ جهنگ مان لنگهيس، ڏٺم ته هڪ ماڻهو هڪ وڻ جي اڳيان سجدي ۾ ڪري ٻاڏائي رهيو آهي. تقريباٍ هڪ ڪلاڪ کان پوءِ منهنجي واپسي ٿي، اڃا به هو انهي حالت ۾ هيو، مان ويجهو وڃي بيهي رهيس، هن مون کي محسوس ڪري سجدي مان سر کنيو ۽ چيائين: مون کي ڊسٽرب ڇو ڪيئي؟ مون چيو مانس: مان به رب جي ڳولا ۾ آهيان، پر وڻ مان ڪيئن رب ملندو؟ چڱو هئو جو ڪنهن مذهب جي ذريعي رب کي حاصل ڪرين ها! چوڻ لڳو: بائبل، قرآن يا جيڪي به آسماني ڪتاب آهن، مان انهن جي (Original) اوريجنل زبان نٿو ڄاڻان ۽ انهن ڪتابن جا جيڪي ترجما ٿيا آهن، مان انهن کان مطئمن نه آهيان، ڇو ته انهن ۾ زبردست تضاد آهي جنهن سبب اهو يقين نٿو ٿي سگهي ته اهي ڪنهن هڪ ئي خدا جي طرفان موڪليل ڪتاب هجن. هڪ ڪتاب ۾ لکيل آهي ته عيسٰي منهنجو پٽ آهي جڏهن ته ٻئي ڪتاب ۾ آهي ته منهنجو ڪو پٽ وغيره نه آهي.”هڪ عرصو انهن جي مطالعي ۾ منهنجو وقت ۽ عمر برباد ٿي. مون هاڻي ٻيو رستو اختيار ڪيو آهي ته هي وڻ ايترو سهڻو آهي، انهيءَ جو مقصد رب ان سان محبت ڪري ٿو، ٿي سگهي ٿو انهيءَ جي ذريعي منهنجي رب تائين رسائي ٿي وڃي“. هي ڪو ازلي محب روح هئو جيڪو پنهنجي عقل مطابق رب جي ڳولا ۾ هو. ڇا اهڙا ماڻهو دوزخ ۾ وڃي سگهن ٿا؟ جيڪي معذور سڏبا آهن ۽ اهي ئي ڪتي مان به قطمير بڻجي ويندا آهن، جڏهن ته حضرت قطمير جو به ڪو مذهب نه هيو.
(Arizona) ايري زونا جي مس ڪيٿرين واقعو ٻڌايو ته:
”مون انجيلا کان ذڪرِ قلبي جي اجازت ورتي، انجيلا چيو: ستن ڏينهن جي اندر اندر جيڪڏهن دل ۾ الله الله شروع ٿي وئي ته سمجهجان ئي ته رب توکي قبول ڪري ورتو آهي، نه ته تنهنجي زندگي فضول آهي. جڏهن ستن ڏينهن جي محنت سان به منهنجو ذڪر جاري نه ٿيو ته هڪ رات مون کي سخت روئڻ آيو. مان خوب ٻاڏائيم انهي رات منهنجي اندر الله الله شروع ٿي ويئي جيڪا ٽن سالن کان جاري آهي. ڪيٿرين عمر جي قائل نه آهي پر تندرستي جي قائل آهي، اهڙي طرح هو مذهب جي به قائل نه آهي بلڪه ان جي محبت جي قائل آهي. ان جو چوڻ آهي ته هن ذڪر جي ڪري منهنجي دل ۾ رب جي محبت ۾ واڌارو ٿيندو پيو وڃي، منهنجي لاءِ اهو ئي ڪافي آهي“.
هڪ هندو گرو سان ملاقات:
مان ان وقت سيوهڻ جي جبلن ۾ هيس، ڪڏهن ڪڏهن لعل شهباز جي درٻار تي هليو ويندو هئس. هڪڙو ماڻهو درٻار جي ٻاهران ورانڊي ۾ ويٺو هيو، ڪيترائي هندو مذهب جا ماڻهو هن جي چوڌاري وڏي عقيدت سان جمع هيا پڇيم: هي ڪير بزرگ آهي؟ چوڻ لڳا هي هندوون جو گرو آهي، روشن ضمير به آهي انهيءَ جي ذريعي اسان جون درخواستون لعل سائين تائين پهچنديون آهن ۽ اسان جا ڪم ٿي ويندا آهن. گهڻا مسلمان به ان جي عزت ڪندا هئا. هڪ ڏينهن منهنجو گزر هڪ دڙي کان ٿيو ڏٺم ته ساڳيو ماڻهو سامهون هڪ بت رکي سجدي جي حالت ۾ ڪجهه پڙهي رهيو آهي. ٻئي ڏينهن درٻار ۾ ملاقات ٿي، مون چيومانس: تو جهڙي روشن ضمير جو مٽي جي بت کي پوڄڻ منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي. هن جواب ڏنو: مان به هن کي ڪو رب نٿو سمجهان البته منهنجو عقيدو آهي ۽ توهان جي ڪتابن ۾ به لکيل آهي ته الله انسان کي پنهنجي صورت تي ٺاهيو انهيءَ سبب طرح طرح جون صورتون ٺاهي پوڄيندو آهيان، خبر ناهي ڪهڙي صورت رب سان ملي وڃي. هن چيو: تون به روشن ضمير آهين ٻڌاءِ ته الله جي صورت ڪهڙي آهي ۽ ڪهڙي بت سان ملي ٿي؟ ته جيئن مان ان کي من ۾ وسائي سگهان.
منهنجي عمر اٽڪل سورنهن سترنهن جي لڳ ڀڳ هئي. پنهنجي خانداني بزرگ بابا گوهر علي شاهه جي درٻار تي هڪ ڏينهن سورة مزّمل جي تلاوت ڪري رهيو هئس ايتري ۾ هڪ ڊگهي قد جو ماڻهو فقيري ويس ۾ منهنجي سامهون آيو ۽ چوڻ لڳو: هرو ڀرو چڻا چٻائي رهيو آهين، بزرگ صورت هيو مان خاموش رهيس پر دل ۾ اهو ئي هيو ته هي ضرور ڪو شيطان آهي جيڪو مون کي تلاوت کان روڪي رهيو آهي. عرصو گذري ويو جڏهن ذڪرِ قلب جاري ٿيو ته منهنجي عمر پنجٽيهه (35) سال جي لڳ ڀڳ هئي. ٻڌايل طريقي مطابق زبان سان سورة مزمل جي آيت پڙهي پوءِ خاموش پيو ٿي وڃان ته جيئن دل پڙهي پوءِ دل مان انهي آيت جو آواز ايندو هيو. هڪ ڏينهن انهيءَ مشق ۾ مگن ۽ مسرور هئس ته وري اهو ئي شخص ساڳي ويس ۾ ظاهر ٿيو ۽ چوڻ لڳو: هاڻي تون قرآن پڙهي رهيو آهين. جيستائين دوا معدي ۾ نه وڃي شفا نه ٿي ٿئي، جيستائين ڪلامِ الهٰي دل ۾ نه لهي ڪا ڳالهه ناهي ٺهندي هن شعر ٻڌايو:
زباني ڪلمه هر ڪوئي پڙهدا ........ دل دا پڙهدا ڪوئي هو
دل دا ڪلمه عاشق پڙهدي ........ ڪي جانڻ يار گلوئي هو
داتا درٻار جي مسجد ۾ جڏهن نماز کان فارغ ٿيس ڏٺم هڪ پوڙهو ماڻهو نمازين جون جتيون سڌيون ڪري رهيو آهي. مون به اهو محسوس ڪيو ته سواءِ جتيون سڌيون ڪرڻ جي هُن ڪا نماز نه پڙهي ڇو ته مان پوئين صف ۾ هئس، ويندي وقت مون چيو مانس: توهان نماز ته نه پڙهي، هنن جتين سان توهان کي ڇا ملندو؟ چوڻ لڳو: نماز ته سڄي عمر ناهي پڙهي هاڻي پوڙهائپ ۾ نماز مان بخشش جي ڪهڙي اميد رکان. بس هڪ اميد تي قائم آهيان ته ايترن ماڻهن مان ڪو هڪ ته رب جو دوست هوندو، شايد هن ادا سان ئي هو يا اُن جو يار خوش ٿي وڃي. مون چيو مانس: نماز کان مٿي ڪا ادا نه آهي. چوڻ لڳو: يار کان مٿي ڪا شي ناهي جيڪڏهن هو راضي ٿي وڃي! ٽن سالن جي چله ڪشي کان پوءِ هڪ ڏينهن محفلِ حضوري نصيب ٿي، ڏٺم اهو ئي ماڻهو يار جي قدمن ۾ هئو. پوءِ اهو شعر آيو ته
گناهگار پهنچي درِ پاڪ پر ....... زاهد و پارسا ديکتي ره گئي
ترجمي معلومات
ھي ترجمي برادريءَ جي مدد سان تيار ڪئي وئي آھي ۽ درستگي ۽ اصل متن سان مطابقت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ان جي تصديق ضروري آھي۔