دنيا ۾ انسان جي بنياد
پيٽ ۾ انساني نطفي کان پوئِ رت کي گڏ ڪرڻ لائِ جمادي روح اچي ٿو ، پوئِ نباتي روح ذريعي ٻار پيٽ ۾ وڌندو آهي ـ چار مهينن کانپوئِ حيواني روح جسم ۾ داخل ڪئو وڃي ٿو جنهن جي ذريعي ٻار پيٽ ۾ چر پر ڪندو آهي ، انهن کي ارضي ارواح چيو وڃي ٿو ـ پوئِ پيدائش کانپوئِ انساني روح ٻين مخلوقات سان گڏ اچي ٿو انهن کي سماوي ارواح چيو وڃي ٿو ـ جيڪڏهن ٻار پيدائش کان ٿوري دير اڳ ئي پيٽ ۾ مري وڃي تة ان جو جنازو نٿو ٿئي ڇو جو هو حيوان هئو ـ پيدائش کان ٿوري دير پوئِ مري وڃي تة ان جو جنازو لازم آهي ڇو جو هو انساني روح اچڻ ڪري انسان ٿي ويو هئو ، ۽ نفس بة دن جي جائِ تي پنهنجي ساٿين سان گڏ ديرو لڳائي ڇڏيو هئو ـ جيڪڏهن ان ۾ جمادي روح طاقتور آهي تة هو جبلن ۾ رهڻ پسند ڪري ٿو ـ نباتي روح جي ڪري انسان گُلن ۽ وڻن سان لڳائُ رکي ٿو ـ حيواني روح جي غلبي سبب جانورن سان پيار ۽ جانورن جهڙا ڪم ڪندو آهي ـ جڏنهن تة نفس جي شڪل ڪتي وانگر ٿيندي آهي ان جي غلبي سبب ڪُتن جهڙا ڪم ۽ ڪُتن سان پيار ڪندو آهي ـ ۽ قلب جي سڄاڳي سان انسان فرشتن جهڙو بڻجي ويندو آهي ـ انسان جي مرڻ کان پوئِ سماوي ارواح آسمانن ڏانهن موٽي وڃن ٿا جيڪي هڪ ئي جسم لائِ مخصوص آهن ، ارضي ارواح نفس سان گڏ هن دنيا ۾ ئي رهجي وڃن ٿا ـ ارضي ارواح هڪ کان ٻئي ، پوئِ ٽين جسم ۾ منتقل ٿيندا رهندا آهن ڇو جو انهن جو محشر واري ڏينهن سان ڪو تعلق ناهي پر پاڪيزة نفس قبرن ۾ رهي ڪري ماڻهن کي فيض پهچائيندا ۽ پاڻ بة بندگي ڪندا رهن ٿا جيئن تة معراج واري رات ۾ حضور پاڪ جڏهن موسٰي جي قبر وٽان لنگهيا تة ڏٺائون موسٰي پنهنجي قبر ۾ نماز پڙهي رهيو آهي جڏهن آسمانن تي پهتا تة ڏٺائون موسٰي اتي بة موجود آهي ـ بدڪار ماڻهن جا طاقتور نفس پنهنجي بچائَ لائِ شيطانن جي ٽولي سان ملي ويندا آهن ۽ ماڻهن جي جسمن ۾ داخل ٿي ڪري ماڻهن کي نقصان پهچائيندا آهن انهن کي بد روح چوندا آهن ـ انجيل ۾ آهي تة عيسٰي بد روح ڪڍندو هئو ـ ارضي ارواح ۽ نفس هن ئي دنيا ۾ ، انساني روح عالم عِليين يا سجيين ۾ ۽ لطائف جيڪڏهن طاقتور آهن تة اهي بة عِليين ۾ ، نة تة قبر ۾ ئي ضايع ٿي ويندا آهن ـ نفس جي ڪري انسان ناپاڪ ٿيو ـ
بقول بُلهي شاه: اس نفس پليت ني پليت ڪيتا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اسان منڍون پليت نة سي
نفس کي پاڪ ڪرڻ لائِ ڪتاب لٿا ، نبي ، ولي آيا ڪٿي هن کي دوزخ کان ڊيڄاريو ويو ، ڪٿي بهشت جي لالچ ڏني وئي ـ رياضت ، عبادت ۽ روزن جي ذريعي هن کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ جنت جا حقدار بة ٿي ويا ـ ۽ ڪيترن ئي ماڻهن باطني علم ذريعي هن کي پاڪ بة ڪري ورتو ۽ الله جا دوست بڻجي ويا ـ
ترجمي معلومات
ھي ترجمي برادريءَ جي مدد سان تيار ڪئي وئي آھي ۽ درستگي ۽ اصل متن سان مطابقت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ان جي تصديق ضروري آھي۔