Skip to content

مراقبي بابت

گهڻان ماڻهو روحن (لطائف ، شڪتين) جي سجاڳي ۽ روحاني طاقت سکڻ بغير مراقبو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ـ انهن جو مراقبو يا تة لڳندو ئي نة آهي يا شيطاني وارداتون شروع ٿي وينديون آهن ـ مراقبو انتها وارن ماڻهن جو ڪم آهي جن جا نفس پاڪ ۽ قلب صاف ٿي چڪا هجن ـ عام ماڻهن جو مراقبو ناداني آهي ڀلي ڪنهن بة ظاهري عبادت سان ڇو نة هجي ! روحن جي طاقت کي نور سان گڏ ڪري ڪنهن مقام تي پهچي وڃڻ جو نالو مراقبو آهي ـ ولايت نبوت جو چاليهون حصو آهي : نبي جو هر خواب ، مراقبو يا الهام وحي صحيح هوندو آهي ان کي تصديق جي ضرورت نة آهي ـ پر ولي جي سئو (100) منجهان چاليهة (40) خواب مراقبا يا الهامات صحيح ۽ باقي غلط هوندا آهن ۽ انهن جي تصديق لائِ باطني علم جي ضرورت آهي ڇو تة :

بي علم نتوان خدا را شناحت

سڀ کان ادنٰي مراقبو قلب جي سجاڳي کانپوئِ لڳندو آهي جيڪو قلبي ذڪر کانشوائِ ناممڪن آهي ـ هڪ جهٽڪي سان ماڻهو هوش ۽ حواس ۾ اچي وڃي ٿو ـ استخاري جو تعلق بة قلب سان آهي ـ هن کان اڳتي روح جي ذريعي مراقبو لڳندو آهي ـ ٽن جهٽڪن سان واپسي ٿيندي آهي ـ ٽيون مراقبو لطيفي انا ۽ روح سان گڏ لڳندو آهي ـ روح بة جبروت تائين گڏ ويندو آهي جهڙوڪ جبرائيل حضور پاڪ سان گڏ جبروت تائين ويو هئو ـ اهڙن ماڻهن کي قبرن ۾ بة پوري ايندا آهن تة انهن کي خبر نة هوندي آهي اهڙو مراقبو اصحابِ ڪهف کي لڳو هئو جيڪي ٽي سو (300) سال کان وڌيڪ عرصو غار ۾ ستا رهيا ـ اهڙو مراقبو جڏهن غوث پاڪ کي جهنگ ۾ لڳندو هئو تة اتان جا رهندڙ ڌاڙيل ، کيس مري ويل سمجهي قبر ۾ دفنائڻ لائِ کڻي ويندا هئا پر دفنائڻ کان اڳ ئي اهو مراقبو ٽٽي ويندو هئو ـ

الله جي طرفان خاص الهام ۽ وحي جي سڃاڻپ:

جڏهن انسان سيني جي مخلوقن کي سجاڳ ۽ منور ڪري تجليات جي قابل ٿي ويندو آهي تة ان وقت الله ان سان همڪلام ٿيندو آهي ـ ايئن تة هو قادرِ مطلق آهي ڪنهن بة ذريعي انسان سان مخاطب ٿي سگهي ٿو پر هن پنهنجي سڃاڻپ لائِ هڪ خاص طريقو ٺاهي ڇڏيو آهي تة جيئن ان جا دوست شيطان جي ڌوڪي کان بچي سگهن ـ سڀ کان پهريان سرياني ٻولي ۾ عبارت سالڪ جي دل تي ايندي آهي ۽ ان جو ترجمو بة ان زبان ۾ نظر ايندو آهي جيڪا هو ڳالهائيندو آهي ـ اها تحرير اڇي ۽ چمڪدار ٿيندي آهي ۽ اکيون پاڻ مرادي بند ٿي ان کي ڏسنديون آهن ـ پوئِ اها تحرير قلب کان ٿيندي لطيفي سري طرف ايندي آهي جنهن سبب گهڻو چمڪڻ شروع ٿي ويندي آهي ـ پوئِ اها تحرير لطيفي اخفٰي ڏانهن ايندي آهي ، اخفٰي کان وڌيڪ چمڪ حاصل ڪري زبان تي هلي ويندي آهي ۽ زبان بي اختيار اها تحرير پڙهڻ شروع ڪري ڇڏيندي آهي ـ جيڪڏهن اِهو الهام شيطان جي طرفان هجي تة منور دل ان تحرير کي ڌنڌلو ڪري ڇڏيندو آهي ، جيڪڏهن تحرير زور آور آهي تة لطيفو سري يا اخفٰي ان تحرير کي ختم ڪري ڇڏيندا آهن ـ فرض ڪيو جيڪڏهن لطيفن جي ڪمزوري سبب اُها تحرير زبان تي پهچي بة وڃي تة زبان ان کي ڳالهائڻ کان روڪي وٺندي آهي ـ هي الهام خاص ولين لائِ هوندو آهي جڏهن تة عام ولين کي الله تعالٰي فرشتن يا ارواح وسيلي پيغام پهچائيندو آهي ـ ۽ جڏهن خاص الهام جي تحرير سان گڏ جبرائيل بة اچي وڃي تة ان کي وحي چوندا آهن جيڪو صرف نبين لائِ مخصوص آهي ـ

ترجمي معلومات

ھي ترجمي برادريءَ جي مدد سان تيار ڪئي وئي آھي ۽ درستگي ۽ اصل متن سان مطابقت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ان جي تصديق ضروري آھي۔

Copyright © 2025 Mehdi Foundation International