لطيفو انا
هي مخلوق مٿي ۾ هوندي آهي ـ بي رنگ آهي ـ "ياهو" جو ذڪر ان جي معراج آهي ۽ اهائي مخلوق طاقتور ٿي ڪري خدا جي روبرو بي پردة همڪلام ٿي ويندي آهي ـ هي عاشقن جو مقام آهي انهي ئَ کان علاوة ڪجهة خاصن کي الله جي طرفان ٻيون مخلوقون بة عطا ٿي وينديون آهن ، جيئن "طفلِ نوري" يا "جسو توفيقِ الهٰي" پوئِ انهن جو مرتبو سمجهة کان مٿي آهي ـ
انا لطيفي جي ذريعي ديدارِ الهٰي خواب ۾ ٿيندو آٓهي
جسي توفيقِ الهٰي جي ذريعي رب جو ديدار مراقبي ۾ ٿيندو آٓهي
۽ طفلِ نوري وارن جو ديدار هوش ۽ هواش ۾ ٿيندو آٓهي ـ
اهي ئي پوئِ دنيا ۾ قدرت الله سڏبا آهن ، وڻي ڪنهن کي عبادت و رياضت ، ۽ وڻي ڪنهن کي نظرن سان ئي مقامِ محمود تائين پهچائي ڇڏين ، انهن جي نظرن ۾ : چة مسلم چة ڪافر ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ چة زندة چة مردة ، سڀ برابر هوندا آهن جهڙي طرح غوث پاڪ جي هڪ نظر سان چور قطب بڻجي ويو ـ يا ابوبڪر حواري يا منگا ڊاڪو بة انهن ماڻهن جي نظرن سان پير بڻجي ويا ـ
پنجن رسولن کي ترتيب وار جدا جدا لطيفن جو علم ڏنو ويو جنهن جي ڪري روحانيت ۾ ترقي ٿيندي وئي ـ جنهن جنهن لطيفي جو ذڪر ڪندو ان سان لاڳاپيل رسول سان تعلق ۽ فيض جو حقدار ٿي ويندو ـ ۽ جنهن لطيفي تي تجلي پوندي ان جي ولايت اُنهي ئَ نبي جي نقشِ قدم تي ٿيندي ـ ستن آسمانن تائين پهچ ۽ ستن بهشتن ۾ درجا حاصل ڪرڻ بة انهن ئي لطائف سان ٿئي ٿو ـ
ترجمي معلومات
ھي ترجمي برادريءَ جي مدد سان تيار ڪئي وئي آھي ۽ درستگي ۽ اصل متن سان مطابقت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ان جي تصديق ضروري آھي۔