تصوف ۾ اهميت قلب کي آهي
ڪنهن ضربن، ڪنهن ڪوڏي ڪوڏي، ڪنهن ڊانس، ڪنهن ڀتون ٺاهيون ۽ ڊاهيون ۽ ڪنهن ورزش جي ذريعي دل جي ڌڙڪن کي اڀاريو پوءِ ان سان الله الله ملائڻ ۾ آساني ٿي وئي ۽ آهسته آهسته الله الله سڀني لطائف تائين پاڻي ئي پهچي ويو. ۽ ڪجهه ماڻهو اونهائي ۾ وئي بغير انهن جو نقل ڪرڻ لڳا. انهن به الله الله سان گڏ ڊانس شروع ڪري ڇڏيو. ڌڙڪنن سان گڏ الله الله ته نه سمجهي ۽ نه ملائي سگهيا البته انهن جي حيواني روح جنهن جو تعلق ناچ ٽپي سان آهي، الله جي نالي سان مانوس ٿي وئي. اهڙي طرح موسيقي سان گڏ الله الله ملائڻ سان نباتي روح به مانوس ۽ طاقتور ٿيندي آهي. موسيقي نباتي روح جي غذا آهي. آمريڪا ۾ ڪجهه فصلن تي موسيقي ذريعي تجربو ڪيو ويو. هڪ ئي جهڙو فصل هڪ ئي جهڙي زمين ۾ پوکي وئي. هڪ ۾ ڏينهن رات موسيقي ۽ ٻئي کي خاموش رکيو ويو. جڏهن ته موسيقي واري فصل واڌ ويجهه ۾ ٻي کان تمام بهتر ٿي.
نفس ڏاڍو موذي آهي. پاڪ ٿيڻ کان پوءِ به بهاني خور آهي. جڏهن ته هن جي پسند ساز ۽ آواز آهي. ڪجهه ماڻهن ساز جي ذريعي نفس جو ڌيان ڇڪي ان جو رخ الله جي طرف موڙڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪجهه ماڻهن گٽار سان گڏ الله الله ملايو ٻيو نه سهي گهٽ ۾ گهٽ ڪن جي عبادت تائين پهچي ويا. مون کي هڪ گٽار واري قصو ٻڌايو هيو ته مان شوقيه فارغ وقت ۾ گٽار جي تار سان گڏ الله الله ملائيندو رهندو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن جڏهن ننڊ مان جاڳندو آهيان ته منهنجي اندران انهي طرح الله الله جو آواز اچي رهيو هوندو آهي. اهڙا ماڻهو ٻين شغلن يعني ڳائڻ وڄائڻ وارن ۽ تماشائين کان بهتر ٿي ويا. پر ڪنهن ولائت جي مرتبي تي نه پهچي سگهيا. اهي لڳاءُ، تڙپ ۽ ڳولا وارا ماڻهو هوندا آهن ۽ ڪنهن ڪامل جي ذريعي ڪنهن منزل تائين پهچي ويندا آهن. اسلام ۾ به ۽ ٻين مذهبن جي صوفين به ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان رب جي نالي کي پنهنجي اندر جذب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جيڪو فعل رب جي طرف موڙي ۽ ان جي عشق ۾ واڌارو آڻي اهو ناجائز نه آهي.
حديث:”الله عملن کي نه پر نيتن کي ڏسندو آهي.“
شريعت وارا ان کي معيوب ۽ غلط سمجهندا آهن ڇو ته هو شريعت سان ئي مطمئن ۽ سيراب ٿي ويندا آهن. پر اهي ماڻهو جيڪي شريعت کان اڳتي عشق جي طرف وڌڻ چاهين ٿا، يا اهي ماڻهو جيڪي شريعت ۾ نه آهن انهن کي ڪجهه ٻيو نعم البدل ڪرڻ کان ڇو روڪيو ويندو آهي؟
ترجمي معلومات
ھي ترجمي برادريءَ جي مدد سان تيار ڪئي وئي آھي ۽ درستگي ۽ اصل متن سان مطابقت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ان جي تصديق ضروري آھي۔