Skip to content

ٿورو سوچ ته تون ڪهڙي آدم جي اولاد مان آهين؟

ڪجهه الهامي ڪتابن ۾ لکيل آهي ته هن دنيا ۾ چوڏهن (14) هزار آدم اچي چڪا آهن. ۽ ڪنهن چيو آهي ته آدم صفي الله چوڏهون ۽ آخري آدم آهي. هن دنيا ۾ واقعي ڪيترائي آدم ٿي گزريا آهن. جڏهن صفي الله کي مٽي مان ٺاهيو پئي ويو ته فرشتن چيو هئو ته هي به دنيا ۾ وڃي جهيڙو فساد ڪندو. يعني فرشتا اڳين آدمن جي حالات کان باخبر هئا نه ته انهن کي ڪهڙي خبر ته الله ڇا ٺاھي رھيو آھي ۽ ھي وڃي ڇا ڪندو. لوحِ محفوظ ۾ مختلف ٻوليون، مختلف ڪلما، مختلف جنتر منتر، مختلف الله جا نالا، مختلف سورتون ايتري قدر جو جادو جو عمل به لکيل آهي جيڪو هاروت ماروت ٻن فرشتن ماڻهن کي سيکاريو هئو ۽ سزا طور اهي ٻئي فرشتا مصر جي هڪ شهر بابل جي کوهه ۾ اونڌا ٽنگيل آھن.

هر آدم کي ڪا ٻولي سيکاري وئي پوءِ انهن جي قوم ۾ نبين کي هدايت لاءِ موڪليو ويو. تڏهن ئي چوندا آهن ته دنيا ۾ سوا لک نبي آيا، جڏهن ته آدم صفي الله کي آئي ڇهه (6) هزار سال ٿيا آهن. جيڪڏهن هر سال هڪ نبي اچي ها ته ڇهه هزار ئي هجن ها. ڪجهه عرصي کان پوءِ انهن قومن کي انهن جي نافرماني سبب تباهه ڪيو ويو. جيئن ته آثار ِِقديمه جي شهرن جو بعد ۾ ظاهر ٿيڻ ۽ اتان جي لکيل ٻولين کي ڪنهن جو به نه سمجهڻ. ۽ ڪنهن قوم کي پاڻي ذريعي غرق ڪيو. ۽ انهن مان نوح واري طوفان وانگر ڪجهه ماڻهو انھن خطن ۾ بچي به ويا. آخر ۾ صفي الله کي انهن سڀني کان بهتر ٺاهي عرب ۾ موڪليو ويو ۽ وڏا وڏا نبي به هن آدم جي اولاد مان پيدا ٿيا. مختلف آدمن جون مختلف ٻوليون انهن جي بچيل قومن ۾ رهيون، جڏهن آخري آدم آيو ته ان کي سرياني ٻولي سيکاري وئي. جڏھن سندس اولاد ڏوراھن علائقن جي سياحت ڪئي ته پھريان وارين قومن سان به ملاقات ٿي، ۽ ڪنھن سٺي جاٰءِ يا ساوڪ ڏسي انهن سان گڏ ئي رهائش اختيار ڪري ورتي. عرب ۾ سرياني ئي ڳالهائي ويندي هئي پوءِ هي قومن جي ميل جول سان عربي، فارسي، لاطيني، سنسڪرت وغيره کان ٿيندي انگريزي سان وڃي ملي. مختلف جزيرن ۾ مختلف آدمن جي اولاد رهندڙ هئي. انهن منجھان هڪ خانه بدوش به آدم هئو جنهن جي اولاد اڄ به موجود آهي ۽ جنهن جي ذريعي مختلف قومون دريافت ٿيون. سمنڊ پار جزيرن واريون قومون ھڪ ٻئي کان بي خبر ھيون. ايترا ڏوراھان سامونڊي سفر نه ته گهوڙن سان ڪري سگهبا هئا ۽ نه ئي ونجهه هلائڻ واريون ٻيڙيون پهچائي سگهن پيون. ڪولمبس مشيني سامونڊي جهاز ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيو جنهن جي ذريعي هو پهريون شخص هو جيڪو آمريڪا جي خطي تي پهتو. ڪناري تي ماڻهن کي ڏٺائين جيڪي ڳاڙها هئا ان سمجهيو ۽ چيو ته شايد انڊيا اچي ويو آهي ۽ اهي انڊين آهن. تڏهن ئي ان قوم کي ريڊ انڊين Red Indian چوندا آهن جيڪي نارٿ ڊڪوٽا جي رياست ۾ اڃان به موجود آھن. ريڊ انڊين جي هڪ قبيلي جي سردار کان پڇيو ته توهان جو آدم ڪير آهي؟ ان جواب ڏنو ته اسان جي مذهب جي مطابق اسان جو آدم ايشيا ۾ آهي جنهن جي زال جو نالو حوا آهي پر اسان جي تاريخ مطابق اسان جو آدم سائوٿ ڊڪوٽا South Dakota جي هڪ پهاڙي کان آيو هئو. ان پهاڙي جي نشاني هاڻي به موجود آهي. ماڻهو چوندا آهن ته انگريز ۽ آمريڪي ٿڌي موسم ڪري گورا آهن پر ائين نه آهي. ڪنهن ڪاري آدم جي نسل به انهن خطن ۾ قديمي موجود آهي اهي اڄ تائين گورا نه ٿي سگهيا اهو ئي سبب آهي ته انسانن جا رنگ، مهانڊا، مزاج، دماغ، ٻوليون، خوراڪ هڪٻئي کان مختلف آهن. آدم صفي الله جي اولاد جو سلسلو وچ ايشيا تائين ئي رهيو. اهو ئي سبب آهي جو وچ ايشيا وارن جا مهانڊا هڪٻئي سان ملندا آهن. چوندا آهن ته آدم صفي الله (شنڪر جي) سري لنڪا ۾ لٿو، پوءِ اتان عرب پهتو ۽ ان کان پوءِ پاڻ عرب ۾ ئي رهيا ۽ سرزمين عرب ۾ ئي سندن قبر موجود آهي ته پوءِ سري لنڪا ۾ سندس لهڻ ۽ قدمن جي نشاندهي ڪنهن ڪئي؟ جيڪا هن وقت تائين محفوظ آهي. ان جو مقصد ته سندن کان اڳ ئي اتي ڪو قبيلو آباد هئو. جيڪي قومون ختم ڪري ڇڏيون ويون آهن انهن تي نبوت ۽ ولائت به ختم ٿي وئي ۽ باقي بچيل ماڻهو انهن هستين کان محروم ٿي ڪجهه عرصي کان بعد ڀٽڪي ويا. جيئن جيئن اهي خطا دريافت ٿيندا ويا ايشيا کان ولي پهچندا ويا ۽ پنهنجي پنهنجي مذهب جي تعليم ڏيندا رهيا ۽ اڄ سڀني خطن ۾ ايشيائي دين پکڙجي ويو. عيسى يروشلم، موسى بيت المقدس، حضور پاڪ مڪي، جڏهن ته نوح ۽ ابراهيم جو تعلق به عرب سان ئي هئو.

ڪجهه نسلون عذابن سبب تباهه ٿيون، ڪجهه جون شڪليون رڇ، ڀولڙن وانگر ٿيون. ڪجهه بچيل سچيل ماڻهو ڊڄي ڪري رب جي طرف مائل ٿيا. ۽ ڪجهه رب کي قهار سمجهي ان کان نفرت ڪرڻ لڳا ۽ ان جي ڪهڙي به قسم جي حڪم جي نافرماني ڪئي ۽ چوڻ لڳا ته ”رب وغيره ڪجهه به نه آهي، انسان هڪ ڪيڙو آهي، دوزخ بهشت هٿرادو ٺوڪيل ڳالهيون آهن“. موسى جي زماني ۾ به جيڪا قوم باندر بڻجي وئي هئي انهن يورپ جو رخ ڪيو هئو. ان وقت جي پيٽ وارين مائرن بعد ۾ باندري هجڻ جي صورت ۾ به جنم انساني ڏنو هئو اها قوم اڃا به موجود آهي، اهي پاڻ چوندا آهن ته اسان ڀولڙن جي اولاد مان آهيون. جيڪا قوم رڇ جي شڪل ۾ تبديل ٿي هئي انهن آفريقا جي جهنگلن ڏانهن رخ ڪري ورتو هئو. ان وقت جي پيٽ وارين مائرن جي پيٽ ۾ ته انساني ٻار هئا جن جي ذريعي بعد ۾ نسل هلي (مم) چوندا آهن. جسم تي ڊگها ڊگها وار هوندا آهن. ماديون وڌيڪ هونديون آهن. انسانن کي کڻي به وينديون آهن. انهن تي مذهب جو رنگ نٿو چڙهي پر آدميت جي ڪري شرم گاهن کي پنن ذريعي لڪايل هوندو آهي.

ڪنهن ٻئي آدم کي ڪنهن غلطي سبب هڪ هزار سال جي سزا ملي هئي ان کي نانگ جي شڪل ۾ تبديل ڪيو ويو هئو. هاڻي ان جي بچي ويل قوم جيڪا هڪ خاص قسم جي نانگ جي روپ ۾ آهي. جنم کان هزار سال بعد انسان به بڻجي ويندي آهي. ان کي روحا چوندا آهن. تاريخ ۾ آهي ته هڪ ڏينهن سڪندر اعظم شڪار لاءِ ڪنهن جهنگ مان لنگهيو، ڏٺائين ته هڪ خوبصورت عورت روئي رهي آهي. پڇڻ تي ان ٻڌايو ته مان چين جي شهزادي آهيان پنهنجي مڙس سان گڏ شڪار تي نڪتا هئا سين پر مڙس کي شينهن کائي ويو، مان هاڻي اڪيلي رهجي وئي آهيان. سڪندر چيو: ”مون سان گڏ هل! مان توکي واپس چين موڪلائي ڇڏيندس“، عورت چيو: ”مڙس ته مري ويو، مان هاڻي واپس وڃي ڪهڙو منهن ڏيکارينديس“. سڪندر ان کي گهر وٺي آيو ۽ ان سان شادي ڪري ورتي. ڪجهه مهينن کانپوءِ سڪندر جي پيٽ ۾ سور شروع ٿي ويو. هر قسم جو علاج ڪرايائين پر ڪو فائدو نه ٿيو. سور وڌندو ويو. حڪيم عاجز ٿي ويا. هڪ جوڳي به سڪندر جي علاج لاءِ آيو. ان سڪندر کي اڪيلائي ۾ گهرائي چيو: ”مان توهان جو علاج ڪري سگهان ٿو، پر منهنجون ڪجهه شرطون آهن، جيڪڏهن ڪجهه ئي ڏينهن ۾ منهنجي علاج سان شفا نه ٿئي ته بيشڪ مون کي قتل ڪرائي ڇڏجان، اڄ جي رات کچڙي پچرايو، لوڻ ٿورو وڌيڪ هجي، ٻئي زال مڙس پيٽ ڀري کائو، ڪمري کي اندران تالو هڻو جيئن ٻنهي مان ڪو ٻاهر نه وڃي سگهي، توهان کي سمهڻو نه آهي، پر زال کي ائين لڳي ته تون سمهي رهيو آهين، پاڻي جو ڦڙو به اندر موجود نه هجي“. سڪندر ائين ئي ڪيو. رات جي ڪنهن وقت زال کي اڃ لڳي، ڏٺائين ته پاڻي جو ٿانو خالي آهي، پوءِ دروازو کولڻ جي ڪوشش ڪئي، ڏٺائين ته تالو آهي، پوءِ مڙس کي ڏٺائين، محسوس ٿيو ته بي خبر سمهي رهيو آهي، پوءِ نانگڻ بڻجي نالي جي سوراخ کان ٻاهر نڪري وئي. پاڻي پي وري نانگڻ جي صورت ۾ داخل ٿي ڪري عورت بڻجي وئي. سڪندر اعظم هي سڄي ماجرا ڏسي رهيو هئو. صبح جو جوڳي کي سڀ ڪجهه ٻڌايائين، ان چيو: ”تنهنجي زال نانگڻ آهي جيڪو هزار سالن بعد روپ بدلائيندو آهي، ان جو زهر پيٽ جي سور جو سبب بڻيو“. پوءِ ان عورت کي گهمائڻ بهاني سمنڊ ۾ و‎ٺي ويا ۽ جنهن جاءِ تي اڇلايو اهو نشان هاڻي به موجود آهي. ان کي سدِ سڪندري چوندا آهن. انهن جو نسل به هن دنيا ۾ موجود آهي. عام نانگن جا ڪن نه هوندا آهن پر هن نسل واري نانگن جا ڪن هوندا آهن. خبر نه آهي ڪهڙي آدم جو قبيلو چين جي پهاڙن ۾ بند آهي. انهن جي هن خطي ۾ داخلا کي روڪڻ لاءِ ذوالقرنين پٿرن جي ڀت ٺاهي ڇڏي هئي. انهن جا ڊگها ڊگها ڪن آهن، هڪ کي وڇائي وٺندا آهن ۽ ٻئي سان پاڻ کي ڍڪي وٺندا آهن، انهن کي جوج ماجوج چوندا آهن. سائنس ڪيترائي خطا تلاش ڪري ورتا آهن پر اڃا به ڪيترا خطا ڳولهڻا باقي آهن. هماليه جي پٺيان به برفاني انسان موجود آهن. ڪيترائي انسان جهنگلن ۾ به موجود آهن انهن جي ٻولي انهن کان سواءِ ڪو نٿو ڄاڻي. اهي به پنهنجي آدم جي طريقي تي عبادت ڪندا آهن ۽ ضابطي حيات لاءِ انهن جو به سرداري نظام قائم آهي. انهن براعظمن کان علاوه ٻيون به وڏيون زمينون آهن جيئن ته چنڊ، سج، مشتري، مريخ وغيره، اتي به آدم آيا پر اتي قيامتون اچي چڪيون آهن. ڪٿي آڪسيجن کي روڪي ۽ ڪٿي زمين کي تباه برباد ڪري ڇڏيو ويو.

ترجمي معلومات

ھي ترجمي برادريءَ جي مدد سان تيار ڪئي وئي آھي ۽ درستگي ۽ اصل متن سان مطابقت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ان جي تصديق ضروري آھي۔

Copyright © 2025 Mehdi Foundation International