نور ٺاهڻ جو طريقو
پراڻي زماني ۾ پٿرن جي رڳڙ سان باهة حاصل ڪئي ويندي هئي جڏهن تة لوهة جي رڳڙ سان بة چڙنگ اٿي ٿي ـ پاڻي سان پاڻي ٽڪرايو تة بجلي ٺهي وئي ـ اهڙي طرح انسان جي اندر رت جي ٿڪرائُ يعني دل جي ٽڪ ٽڪ سان بة بجلي ٺهي ٿي ـ هر انسان جي جسم ۾ اٽڪل ڏيڍ وولٽ بجلي موجود آهي ـ جنهن جي ذريعي هن ۾ ڦڙتي ٿئي ٿي ـ پوڙهائپ ۾ ٽڪ ٽڪ جي رفتار سست هئڻ سبب بجلي ۾ بة ۽ چستي ۾ بة گهٽتائي اچي وڃي ٿي ـ سڀ کان پهرين دل جي ڌڙڪنن کي اڀارڻو پوندو آهي ـ ڪي ناچ جي ذريعي ، ڪي ڪوڏي ڪوڏي يا ورزش جي ذريعي ، ۽ ڪي الله الله جي ضربن جي ذريعي هي عمل ڪندا آهن ـ جڏهن دل جي ڌڙڪنن ۾ تيزي اچي وڃي ٿي پوئِ هر ڌڙڪن سان گڏ الله الله ، يا هڪ سان گڏ الله ۽ ٻئي سان گڏ "هو" ملايو ـ ڪنهن ڪنهن مهل دل تي هٿ رکو ، ڌڙڪنون محسوس ٿين تة الله ملايو ـ ڪڏهن ڪڏهن نبض جي رفتار سان الله ملايو ـ تصور ڪيو تة الله دل ۾ وڃي رهيو آهي ـ الله هو جو ذڪر بهتر ۽ تيز اثر وارو آهي ـ جيڪڏهن ڪنهن کي "هو" تي اعتراض يا خوف هجي تة هو محروم رهڻ بجائِ ڌڙڪنن سان گڏ الله الله ئي ملائيندا رهن ـ ورد ۽ وظائف ۽ ذڪر وارا ماڻهو جيترو بة پاڪ صاف رهن انهن لائِ بهتر آهي ڇو تة بي ادب ۔۔۔ بي مراد ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ با ادب ۔۔۔ با مراد
پهريون طريقو:
ڪاغذ تي ڪاري پينسل سان الله لکو ـ جيتري دير طبيعت ساٿ ڏئي روزانو مشق ڪيو ـ هڪ ڏينهن لفظ الله ڪاغذ کان اکين ۾ ترڻ شروع ٿي ويندو پوئِ اکين کان تصور جي ذريعي دل تي لاهڻ جي ڪوشش ڪيو ـ
ٻيو طريقو:
زيرو جي اڇي بلب تي پيلي رنگ سان "الله" لکو ـ ان کي سمهڻ کان پهريان يا جاڳندي وقت اکين ۾ سمائڻ جي ڪوشش ڪيو ـ جڏهن اکين ۾ اچي وڃي تة پوئِ ان لفظ کي دل تي اتاريو ـ
ٽيون طريقو:
هي طريقو انهن ماڻهن لائِ آهي جن جا رهبر ڪامل آهن ۽ تعلق ۽ نسبت جي سبب روحاني امداد ڪندا آهن ـ اڪيلائي ۾ ويهي شهادت واري آڱر کي قلم خيال ڪيو ۽ تصور سان دل تي الله لکڻ جي ڪوشش ڪيو ـ رهبر کي پڪاريو تة هو بة توهان جي آڱر کي پڪڙي توهانجي دل تي الله لکي رهيو آهي ـ اها مشق روزانو ڪيو جيستائين دل تي الله لکيل نظر نة اچي ـ پهرين طريقن ۾ الله اُئين ئي نقش ٿيندو آهي جيئن ٻاهر لکيو يا ڏٺو ويندو آهي ـ پوئِ جڏهن ڌڙڪن سان الله ملڻ شروع ٿي ويندو آهي تة پوئِ آهستي آهستي چمڪڻ شروع ٿي ويندو آهي ـ ڇو تة هن طريقي ۾ ڪامل رهبر جو ساٿ هوندو آهي ان لائِ شروع کان ئي خوشخط ۽ چمڪندڙ دل تي الله لکيل نظر ايندو آهي ـ دنيا ۾ ڪيترائي نبي ولي آيا ، ذڪر جي دوران آزمائش خاطر واري واري سان ، جيڪڏهن مناسب سمجهو تة سڀني جو تصور ڪيو جنهن جي تصور سان ذڪر ۾ تيزي ۽ ترقي نظر اچي توهان جو نصيب انهي وٽ آهي پوئِ تصور لائِ انهي ئَ کي چونڊي وٺو ڇو تة هر ولي جو قدم ڪنهن نة ڪنهن نبي جي قدم تي هوندو آهي ، بيشڪ نبي ظاهري حيات ۾ نة هجي ! ۽ هر مومن جو نصيب ڪنهن نة ڪنهن ولي وٽ هوندو آهي ـ ولي جي ظاهري حيات شرط آهي ـ پر ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن کي مقدر سان ڪنهن ممات واري ڪاملِ ذات کان بة ملڪوتي فيض ٿي ويندو آهي پر ائين تمام محدود آهي ـ البتة ممات وارا دربارن مان دنياوي فيض پهچائي سگهن ٿا ـ ان کي اويسي فيض چوندا آهن ۽ هي ماڻهو اڪثر ڪري ڪشف ۽ خواب ۾ منجهي پوندا آهن ڇو تة مرشد بة باطن ۾ ۽ ابليس بة باطن ۾ ، ٻنهي جي سڃاڻپ مشڪل ٿي ويندي آهي ـ فيض سان گڏ علم بة ضروري هوندو آهي جنهن لائِ ظاهري مرشد وڌيڪ مناسب آهي ـ جيڪڏهن فيض آهي ! علم ناهي ! تة ان کي مجذوب سڏيندا آهن ـ فيض بة آهي ، ۽ علم بة آهي ان کي محبوب سڏيندا آهن ـ محبوب علم جي ذريعي ماڻهن کي دنياوي فيض کان سِوائِ روحاني فيض بة پهچائيندا آهن جڏهن تة مجذوب ڏنڊن ۽ گارين سان دنياوي فيض پهچائيندا آهن ـ
جيڪڏهن ڪو بة توهان جي تصور ۾ اچي توهان جي مدد نة ڪري تة پوئِ ” گوهر شاهي “ کي ئي آزمائي ڏسو
مذهب جي قيد نة آهي ! البتة ازلي بدبخت نة هجي ـ گهڻن ماڻهن کي چنڊ کان بة ذڪر عطا ٿي ويندو آهي ـ ان جو طريقو هي آهي : جڏهن پورو چنڊ اوڀر جي طرف هجي ، غور سان ڏسو ، جڏهن گوهر شاهي جي صورت نظر اچي وڃي تة ٽي ڀيرا 'الله' 'الله' 'الله' چئو ، اجازت ٿي وئي ـ پوئِ بي خوف و بي خطر لکيل طريقي سان مشق شروع ڪري ڇڏيو ـ يقين ڄاڻو ! چنڊ واري صورت ڪيترن ئي ماڻهن سان هر زبان ۾ ڳالهة ٻولهة پڻ ڪري چڪي آهي ـ توهان بة ڏسڻ کان پوئِ ڳالهة ٻولهة جي ڪوشش ڪيو ـ
ترجمي معلومات
ھي ترجمي برادريءَ جي مدد سان تيار ڪئي وئي آھي ۽ درستگي ۽ اصل متن سان مطابقت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ان جي تصديق ضروري آھي۔