Skip to content

آسمان تي ارواح حد کان وڌيڪ ٺهي ويا هئا:

قرب وارا ارواح اڳين صفن ۾ هئا. عام روحن کي هن دنيا ۾ ٺاهيل آدمن جي قومن ۾ موڪليو ويو، جن مان ڪي ڪاري، ڪي اڇي، ڪي هيڊي ۽ ڪي ڳاڙهي مٽي مان ٺاهيا ويا هئا. انهن کي جبرائيل ۽ هاروت ماروت جي ذريعي علم سيکاريو ويو. جڏهن زمين تي مٽي مان آدم ٺاهيا ويندا هئا، ته خبيث جن به وجهه وٺي انهن جي ۽ انهن جي اولاد جي جسمن ۾ داخل ٿي ويندا هئا ۽ انهن کي پنهنجي شيطاني پڪڙ ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. پوءِ انهن جي قوم جا نبي، ولي ۽ انهن جي سيکاريل تعليم ڇوٽڪاري جو ذريعو بڻبي هئي بيشمار آدم جوڙن جي شڪل ۾ ٺاهيا ويا جن کان اولاد جو سلسلو جاري ٿيو پر ڪيترائي دفعه صرف اڪيلي عورت کي ٺاهيو ويو ۽ ”امرِ ڪن“ سان ان کي اولاد ٿي. اهي قومون به هن دنيا ۾ موجود آهن. ان قبيلي ۾ صرف عورتون ئي سردار هونديون آهن ۽ هو مؤنث جو اولاد هئڻ ڪري رب کي به مؤنث سمجهندا آهن ۽ پاڻ کي فرشتن جي اولاد تصور ڪندا آهن، ڇو ته انهن جي مؤنث آدم کي شادي يا ’مرد کان‘ بغير ئي ٻار ٿيا هئا. اهائي رسم انهن ۾ هاڻي به هلندي پئي اچي. انهن قبيلن ۾ پهريان عورت کي ڪنهن مان به ٻار ٿي ويندا آهن ۽ بعد ۾ ڪنهن سان به شادي ٿي ويندي آهي ۽ هو ان کي عيب نه سمجهندا آهن. روحن جي اقرار، قسمت، ۽ مرتبن جي وجه سان انهن ئي جهڙا آدم ٺاهي انهن ئي جهڙن روحن کي هيٺ موڪليو ويو. اهو ئي سبب آهي جو انهن لاءِ ڪو خاص دين ترتيب نه ڏنو ويو. جي انهن ۾ نبي آيا به ته تمام ٿورن انهن کي تسليم ڪيو، بلڪه نبين جي تعليم جو ابتڙ ڪيو، الله جي بدران چنڊ، ستارن، سج، وڻن، باهه ايستائين جو نانگن جي به پوڄا شروع ڪري ڇڏي. آخر ۾ آدم صفي الله کي جنت جي مٽي مان جنت ۾ ئي ٺاهيو ويو ته جئين عظمت ۽ فضيلت ۾ سڀني کان وڌي وڃي ۽ خبيثن کان به محفوظ رهي، ڇو ته جنت ۾ خبيثن جي رسائي نه هئي. عزازيل پنهنجي علم ذريعي سڃاڻي ورتو هئو، جيڪو عبادت جي ڪري سڀني فرشتن جو سردار بڻجي ويو هئو ۽ جنات قوم منجهان هئو، آدم جي جسم تي حسد کان ٿڪيو هيو ۽ ٿڪ جي ذريعي خبيثن جهڙو جراثيم ان جي جسم ۾ داخل ٿيو جنهن کي نفس چوندا آهن ۽ اهو به آدم جي اولاد جي ورثي ۾ اچي ويو. انهي لاءِ حضور فرمايو: ”جڏهن انسان پيدا ٿيندو آهي ته هڪ شيطان جن به ان سان گڏ پيدا ٿيندو آهي“.

فرشتن ۽ ملائڪن ۾ فرق آهي. ملڪوت ۾ فرشتا هوندا آهن جن جي تخليق روحن سان گڏ ٿي. ملڪوت کان مٿي جبروت جي مخلوق کي ملائڪ چوندا آهن. جيڪي روحن جي امرِ ڪن کان پهريان جا آهن رب جي طرفان آدم صفي الله کي سجدي جو حڪم ٿيو. جڏهن ته ان کان پهريان نه ئي ڪو آدم بهشت ۾ ٺاهيو ويو هئو ۽ نه ئي ڪنهن آدم کي فرشتن سجدو ڪيو هئو. عزازيل حجت ڪئي، سجدي کان انڪاري ٿيو ته ان تي لعنت پئي ۽ ان صفي الله جي اولاد سان دشمني شروع ڪري ڏني. جڏهن ته اڳوڻن آدمن جون قومون ان جي دشمني کان محفوط هيون. انهن کي ڀٽڪائڻ لاءِ خبيث جن ئي ڪافي هيا. ڇو ته شيطان سڀني خبيثن کان وڌيڪ طاقتور هئو، ان صفي الله جي اولاد کي اهڙو قابو ڪيو ۽ اهڙا ڏوهه سيکاريا جنهن جي ڪري ٻيون قومون هنن ايشيائين کان نفرت ڪرڻ لڳيون ۽ آدم جي عظمت جي ئي ڪري جن ماڻهن کي رب جي طرفان هدايت ملي ايترا خدا تائين پهتل ۽ عظمت وارا ٿي ويا جو ٻيون قومون حيرت ڪرڻ لڳيون. سڀ کان وڏا آسماني ڪتاب توريت، زبور، انجيل ۽ قرآن انهن ئي تي نازل ٿيا جنهن جي تعليم، فيض ۽ برڪت سان ايشيائي دين پوري دنيا جي قومن ۾ پکڙجي ويو. آدم ۾ اڃان روح به وڌو نه ويو، ته فرشتا سمجهي ويا هئا ته هن کي به دنيا لاءِ ٺاهيو پيو وڃي. ڇو ته مٽي جا انسان زمين تي ئي هوندا آهن. پوءِ ڪنهن بهاني سان زمين تي موڪلي ڇڏيو ويو. ازلي ڪم الله جي طرفان هوندا آهن پر الزام ٻانهن تي لڳي ويندو آهي. جيڪڏهن آدم کي بغير الزام جي دنيا ۾ موڪليو وڃي ها ته هو دنيا ۾ اچي شڪوو شڪايت ئي ڪندو رهي ها، توبهه تائب ۽ ڳوڙها ڇو ڳاڙي ها؟

  1. روزِ ازل وارا جهنمي روح غير مذهب جي گهر ۾ پيدا ٿي وڃن ته ان کي ڪافر ۽ ڪاذب چوندا آهن. اهي ئي ماڻهو خدا جا منڪر، نبين جا دشمن ۽ اولياء جا دشمن هوندا آهن. تڪبر وارا، سخت دل ۽ خدا جي مخلوق کي آزار پهچائي خوش ٿيندا آهن. ٻيو درجو مذهب ۾ اچي به مذهب کان پري هوندو آهي. اهو ئي روح جيڪڏهن ڪنهن مذهبي ديندار گهراڻي ۾ پيدا ٿي وڃي ته ان کي منافق چوندا آهن.

  2. اهي ئي ماڻهو انبياءَ جا گستاخ، اولياءَ سان بغض رکندڙ ۽ مذهبن ۾ فتنو هوندا آهن. انهن جي عبادت به ابليس وانگر بيڪار هوندي آهي. انهن کي مذهب جنت ۾ وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪندو آهي پر مقدر دوزخ جي طرف ڇڪيندو آهي. ڇو ته نبين، ولين جي امداد کان محروم هوندا آهن انهي لاءِ شيطان ۽ نفس جي برغلائڻ ۾ اچي ويندا آهن ته تون ايترو علم ڄاڻين ٿو ۽ ايتري عبادت ڪرين ٿو تو ۾ ۽ نبين ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ پوءِ اهي پنهنجو باطن ڏسڻ بنا پاڻ کي نبي جهڙو سمجهڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن ۽ ولين کي پنهنجو محتاج سمجهندا آهن. پوءِ روحانيت ۽ ڪرامتن جا اقراري نه هوندا آهن بلڪه انهي عمل جا اقراري هوندا آهن جنهن جي انهن ۾ پاڻ جي صلاحيت هوندي آهي، ايتري قدر جو معجزن کي به جادو چئي ڪري جهٽلائي ڇڏيندا آهن. ابليس جي طاقت کي مڃي وٺندا آهن پر انبياءَ ۽ اولياءَ جي طاقت کي مڃي وٺڻ انهن لاءِ مشڪل آهي.

  3. ازل واري بهشتي روح جيڪڏهن غير مذهب يا گندي ماحول ۾ اچي وڃي ته ان کي معذور چوندا آهن. معذور لاءِ معافي ۽ بخشش جو امڪان هوندو آهي اهي ئي ارواح صراطِ مستقيم جي ڳولا ۾، ۽ دلدل مان نڪرڻ لاءِ ولين جو سهارو ڳوليندا آهن. نرم دل، عاجز ۽ سخي هوندا آهن.

  4. جيڪڏهن بهشتي روح ڪنهن آسماني مذهب ۽ ديني گهراڻي ۾ پيدا ٿي وڃي ته ان کي صادق ۽ مومن چوندا آهن. اهي ئي ماڻهو عبادت ۽ رياضت سان الله جو قرب حاصل ڪري ان جي وراثت جا حقدار ٿي ويندا آهن.

ترجمي معلومات

ھي ترجمي برادريءَ جي مدد سان تيار ڪئي وئي آھي ۽ درستگي ۽ اصل متن سان مطابقت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ان جي تصديق ضروري آھي۔

Copyright © 2025 Mehdi Foundation International