Skip to content

مهاڳ

از رياض احمد گوهر شاهي

  1. جيڪي مذهب آسماني ڪتابن ذريعي قائم ٿيا اُهي صحيح آهن پر شرط اهو آهي تة انهن ۾ ڦير ڦار نة ڪئي وئي هجي ـ

  2. مذهب ٻيڙي ۽ عالم ملاح وانگر هوندا آهن ، جيڪڏنهن ڪنهن هڪ ۾ بة نقص هجي تة منزل تي پهچڻ ڏکيو آهي ـ البتة اوليائَ ٽٽل ڦٽل ٻيڙي کي بة ڪناري لڳائي ڇڏيندا آهن ، اهو ئي سبب آهي جو ٽٽل ڦٽل ماڻهو اوليائِ جي چوڌاري گڏ ٿي ويندا آهن ـ

  3. مذهب کان مٿاهين الله جي محبت آهي ، جيڪا تمام مذهبن جو عرق آهي ـ جڏنهن تة الله جو نور مشعلِ راة آهي ـ

  4. ٽي حصا ظاهري علم جا ۽ هڪ حصو باطني علم جو آهي جيڪو خضر ( وشنو مهاراج ) ذريعي عام ٿيو ـ الله جي محبت ئي الله جي قرب جو ذريعو آهي ، جنهن دل ۾ خدا ناهي ڪُتا ان کان بهتر آهن ـ ڇو تة اهي پنهنجي مالڪ سان محبت ڪندا آهن ۽ محبت جي ئي ڪري مالڪ جو قرب حاصل ڪري وٺندا آهن نة تة ڪٿي هڪ پليت ڪتو ۽ ڪٿي حضرت انسان !

  5. جيڪڏنهن توکي جنت ۽ حور و قصور جي خواهش آهي تة خوب عبادت ڪر تة جيئن اعلٰي کان اعلٰي جنت ملي سگهي !

  6. جيڪڏنهن توکي الله جي ڳولا آهي تة روحانيت بة سک تة جيئن تون صراطِ مستقيم تي گامزن ٿي الله جي وصال تائين پهچي سگهين !

ترجمي معلومات

ھي ترجمي برادريءَ جي مدد سان تيار ڪئي وئي آھي ۽ درستگي ۽ اصل متن سان مطابقت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ان جي تصديق ضروري آھي۔

Copyright © 2025 Mehdi Foundation International