Skip to content

ٽيان ارواح

جن نه دنيا طلب ڪئي ۽ نه ئي جنت جا طلبگار ٿيا. صرف رب جي نظاري کي ڏسندا رهيا. انهن دنيا ۾ اچي رب جي ڳولا لاءِ پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏيو. ڪيترن ئي بادشاهين کي به ڇڏي ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ بکيا اڃيا جهنگلن ۾ رهندا ايستائين جو ڪنھن دريائن ۾ به ڪيترائي سال ويهي گذاريا، ڪاميابي کان پوءِ اهي ئي ولي الله سڏيا ويا. ۽ الله جي طرفان مختلف عهدن ۽ مختلف ڊيوٽين تي فائز ٿيا، ۽ دوزخين لاءِ به دوا ۽ دعا بڻجي ويا، ڇو ته

اقبال ........ نگاهِ مرد مومن سي بدل جاتي هين تقديرين

انهيءَ لاءِ ارضي ارواح جي هر جنم ۾ مرشد ”گرو“ جو نظر سان ڏٺل هجڻ لازمي آهي. پوئين جنم يا خاندان جي زماني جا مرشد موجوده جسم کان آجا ٿي ويندا آهن. جيئن ته نبوت به الوالعزم مرسل جي اچڻ کان پوءِ آجي ٿي ويندي آهي. جھڙي طرح موسى ڪليم الله الوالعزم هئا. موسى ڪليم الله کانپوءِ ”جيترا به نبي آيا“ عسيى روح الله جي اچڻ کانپوءِ انهن جو دين به ڪالعدم قرار ڏنو ويو. ۽ عيسى روح الله کان حضور پاڪ تائين جيترا به نبي عرب جي خطي کان علاوه آيا سي حضور پاڪ جي اچڻ تي سڀ ڪالعدم قرار ڏنا ويا. پر الوالعزم رسولن جي دين جو سلسلو جاري رهيو ۽ اڄ تائين جاري آهي. جنهن ۾ آدم صفي الله ابراهيم خليل الله، موسى ڪليم الله، عيسى روح الله ۽ محمد رسول الله آهن ۽ هر ولي انھن جي نقشِ قدم تي آهي. ڇو ته انسان جي اندر سيني جي پنجن لطيفن جو تعلق پنجن رسولن سان آهي انهيءَ ڪري انهن جي نبوت ۽ روحاني فيض قيامت تائين رهندو. هي جو چوندا آهن ته بنا ڪلمو پڙھڻ جي ڪو جنت ۾ نه ويندو. ان جو مقصد ڪنهن هڪ نبي جو ڪلمو نه آهي. پر ڪنهن به الوالعزم نبي جي دين ۽ ڪلمي جي طرف اشارو آهي. تڏهن ئي حضور پاڪ فرمايو به هئو ته مان انهن الوالعزم مرسل جي ڪتابن يا دين کي جهٽلائڻ لاءِ نه آيو آهيان پر اصلاح لاءِ آيو آهيان. يعني ڪتابن ۾ جيڪا ڦير ڦار ٿي وئي هئي.

آدم صفي الله جو سلسلو اڃا به جاري آهي جيڪي ماڻهو صرف قلبي ذڪر ۾ آهن رب جي نالي تي ڳوڙها ڳاڙڻ ۽ عاجزي رکن ٿا، توبهه ڪندا ۽ گناهن کان بچڻ جي ڪوشش ڪندا آهن اهوئي شروعاتي دين، شروعاتي نبوت ۽ شروعاتي عبادت هئي. غوث يا هر ولي جو قدم ڪنهن نبي جي قدم تي هوندو آهي ۽ انهن جو قدم آدم صفي الله جي قدم تي آهي. مجدد الف ثاني چيو هئو ته منهنجو قدم موسوي آهي. جڏهن ته قلندرن جو هڪ سلسلو عيسوي آهي. شيخ عبدالقادر جيلاني محمدي مشرب سان تعلق رکن ٿا.

ترجمي معلومات

ھي ترجمي برادريءَ جي مدد سان تيار ڪئي وئي آھي ۽ درستگي ۽ اصل متن سان مطابقت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ان جي تصديق ضروري آھي۔

Copyright © 2025 Mehdi Foundation International