دينِ الهٰي
سمورا دين هن دنيا ۾ نبين جي ذريعي ٺاهيا ويا. جڏهن ته ان کان پهريان پاڻ عشق، پاڻ عاشق، پاڻ معشوق هئو. ۽ اهي روح جيڪي ان جي قرب، جلوي ۽ محبت ۾ هيا اهو ئي عشقِ الهٰي، دينِ الهٰي ۽ دينِ حنيف هيو. پوءِ انهي روحن دنيا ۾ اچي ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجو تن من قربان ڪري ڇڏيو. هي پهريان خاص تائين هئو، هاڻي روحانيت جي ذريعي عام تائين به پهچي ويو.
حديث: حضرت ابو هريره: مون کي حضور پاڪ کان ٻه علم حاصل ٿيا هڪ توهان کي ٻڌائي ڇڏيو، ٻيو ٻڌايان ته توهان مون کي قتل ڪري ڇڏيو!
جڏهن پاڻي جي حوض مان سڪل ڪتاب نڪتا ته مولانا روم چيو: اين چيست؟ شاهه شمس چيو: ”اين آن علم است که تو نمي داني.“
جڏهن موسى چيو ته ڇا ڪجهه ٻيو علم به آهي؟ ته الله چيو ته خضر وٽ هليو وڃ!
هر نمازي جي دعا: ”اي الله مون کي انهن ماڻهن جو سڌو رستو ڏيکار جن تي تنهنجو انعام ٿيو!
علامه اقبال:” اس ڪو ڪيا جاني بچاري دو رڪعت ڪي امام!
اهي روح جيڪي ازل کان ئي بامرتبا آهن. الله جن سان محبت ڪري ٿو ۽ جيڪي الله سان محبت ڪن ٿا. دنيا ۾ اچي ڪري به رب جي نالي وٺڻ وارا ٿيا، مثال طور عيسى ڄمڻ سان ئي ڳالهائي ڏنو ته مان نبي آهيان جڏهن ته حضرت مريم کي پيدائش کان پهريان ئي جبرائيل بشارت ڏئي چڪو هئو. موسى جي متعلق فرعون کي پيشن گوئي هئي ته فلاڻي قبيلي مان هڪ ٻار پيدا ٿيندو جيڪو تنهنجي تباهي جو سبب بڻبو ۽ الله جو خاص ٻانهو هوندو. حضور پاڪ به چيو هيو: ”مان دنيا ۾ اچڻ کان اڳ به نبي هئس.“ گهڻائي محب ۽ ازلي روح مختلف مذهبن ۽ مختلف جسمن ۾ موجود آهن.
ترجمي معلومات
ھي ترجمي برادريءَ جي مدد سان تيار ڪئي وئي آھي ۽ درستگي ۽ اصل متن سان مطابقت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ان جي تصديق ضروري آھي۔