انسان ازل کان ابد تائين
جڏنهن الله روحن کي ٺاهڻ چاهيو تة چيائين: ڪُن ، تة بيشمار روح ٺهي ويا ـ الله جي سامهون ۽ ويجهو ارواح نبين جا ، پوئِ ٻين صف ۾ ولين جا ، پوئِ ٽين صف ۾ مومنن جا ، پوئِ انهن جي پٺيان عام انسانن جا ، پوئِ نظر جي حد کان پري واري صف ۾ عورتن جا روح ٺهي ويا ، پوئِ انهن جي پٺيان حيواني روحِ ، پوئِ نباتي روحِ ۽ پوئِ اهڙا جمادي روحِ جن ۾ چر پر جي طاقت بة نة هئي ، ظاهر ٿي ويا ـ الله جي ساڄي پاسي فرشتن جا ۽ ان کانپوئِ حورن جا روح هئا ، جيڪي رب جي صورت کي نة ڏسي سگهيا ، اهوئي سبب آهي جو فرشتا رب جو ديدار نة ڪري سگهيا ـ پوئِ پٺيان نوري موڪلات جا روح جيڪي دنيا ۾ اچي نبين ، ولين جا امدادي ٿيا ـ پوئِ کاٻي پاسي جنات جا روح ، پوئِ پٺيان سفلي موڪلات ، پوئِ خبيثن جا روح جيڪي دنيا ۾ اچي ابليس جا امدادي ٿيا ـ ساڄي ، کاٻي ۽ نظر جي حد کان پري وارا روح رب جو جلوو نة ڏسي سگهيا ـ اهوئي سبب آهي تة جن ، فرشتا ۽ عورتون رب سان ڳالهائي سگهن ٿا پر ديدار نٿا ڪري سگهن ـ ڪرة ارض ۾ هڪ باه جو گولو هئو ، حڪم ٿيو : ٺري وڃ ! پوئِ ان جا ٽڪرا هوا ۾ پکڙجي ويا ـ چنڊ ، مريخ ، مشتري ، هي دنيا ۽ ستارا سڀ ان جائي ٽڪرا آهن جڏهن تة سج اهوئي بچيل گولو آهي ـ هي ڌرتي خاڪ ئي خاڪ بڻي ـ جمادي روحن کي هيٺ موڪليو ويو جن جي ذريعي خاڪ ڄمي پٿر ٿي وئي ـ پوئِ نباتي روحن کي موڪليو ويو جنهن جي ڪري پٿرن ۾ وڻ بة پيدا ٿي ويا ـ پوئِ حيواني روحن جي ذريعي حيوان ظاهر ٿيا ـ الله سڀني روحن کان اهو بة پڇيو هئو : ڇا مان توهان جو رب آهيان ؟ سڀني اقرار ڪيو ۽ سجدو ڪيو هو يعني پٿرن ۽ وڻن جي روحن بة سجدو ڪيو هو ـ ( والنجم والشجر يسجدان ) سورة الرحمٰن القرآن ـ پوئِ الله روحن جي امتحان لائِ مصنوعي دنيا ، مصنوعي لذتون ٺاهيون ۽ چيو : جيڪڏنهن ڪو هنن جو طالب آهي تة حاصل ڪري وٺي ـ بيشمار روح الله کان منهن موڙي دنيا جي طرف ڊوڙيا ۽ دوزخ انهن جي مقدر ۾ لکي ڇڏي وئي ـ پوئِ الله بهشت جو نظارو ڏيکاريو جيڪو پهرين حالت کان بهتر ۽ اطاعت ۽ بندگي وارو هو ـ ڪيترا ئي روح اوڏاهن ڊوڙيا انهن جي مقدر ۾ بهشت لکي ڇڏي وئي ـ گهڻا روح ڪو بة فيصلو نة ڪري سگهيا ـ انهن کي پوئِ رحمٰن ۽ شيطان جي وچ ۾ ڪري ڇڏيو ـ اهي ئِ روح دنيا ۾ اچي وچ تي ڦاسي ويا ، پوئِ جنهن جي هٿ لڳا ( ان جا ئي ٿي ويا ) ـ الاهي ڪيترا ئي روح الله جي جلوي کي ڏسندا رهيا ، نة دنيا جي ئِ نة ئي جنت جي طلب ، الله کي انهن سان محبت ۽ انهن کي الله سان محبت ٿي وئي ـ انهن ئي روحن دنيا ۾ اچي الله جي خاطر دنيا ڇڏي ۽ جهنگلن کي وسايو ـ روحن جي ضرورت ۽ دل لڳي لائِ ارڙهن هزار قسمن جي مخلوق ، ڇهة هزار پاڻي ۾ ، ڇهة هزار خشڪي ۾ ۽ ڇهة هزار هوائي ۽ آسماني پيدا ڪيون ويون ـ پوئِ الله ست قسمن جون جنتون ۽ ست قسمن جي دوزخون ٺاهيون ـ
جنتن جا نالا
۱۔ خلد ، ۲۔ دارالسلام، ۳۔ دارالقرار ، ۴۔ عدن، ۵۔ الماويٰ ، ۶۔ نعیم ، ۷۔ فردوس
دوزخن جا نالا
۱۔ سقر ، ۲۔ سعیر، ۳۔ نطيٰ ، ۴۔ حطمة، ۵۔ جحیم ، ۶۔ جهنم، ۷۔ هاوية
مٿي ڄاڻايل سڀ نالا سرياني ٻولي جا آهن ـ اها ٻولي جنهن ۾ الله فرشتن سان ڳالهائيندو آهي ـ سڀني مذهبن جو عقيدو آهي تة جنهن کي الله چاهي دوزخ ۾ ۽ جنهن کي چاهي بهشت ۾ موڪلي ڇڏي ـ جيڪڏهن اتان ئي جنهن روح کي دوزخ ۾ موڪليو وڃي ها تة هو اعتراض ڪري ها تة مون ڪهڙو ڏوهة ڪيو هئو ؟ الله چئي ها : تو مون کان منهن موڙي دنيا طلب ڪئي هئي ، روح چوي ها : اهو تة صرف ناداني ۾ اقرار هئو ، عمل تة نة ڪيو هيو ! پوئِ انهي ئَ حجت کي پورو ڪرڻ لائِ روحن کي هيٺ هن دنيا ۾ موڪليو ـ آدم جنهن کي شنڪر جي بة چوندا آهن جنت جي مٽي مان ان جو جسم ٺاهيو ويو ـ پوئِ انساني روح کان سوائِ ڪجهة ٻيون مخلوقون بة ان ۾ وجهي ڇڏيون ويون ـ جڏهن آدم جو جسم ٺاهيو پئي ويو تة شيطان حسد وچان ٿڪيو هئو ، جيڪو دن جي جائِ تي ڪريو ۽ ان ٿڪ جا جراثيم بة ان جسم ۾ داخل ٿي ويا ـ شيطان جنات قوم منجهان آهي ـ هڪ حديث ۾ آهي تة جڏهن انسان پيدا ٿئي ٿو تة ان سان گڏ هڪ شيطان جن بة پيدا ٿئي ٿو ، جسم تة فقط مٽي جو گهر هئو جنهن جي اندر سورنهن (16) مخلوقن کي بند ڪري ڇڏيو ، جڏهن تة خناس ۽ چار پکي ٻيا بة آهن ـ آدم جي کاٻي پاسيري مان عورت جي شڪل ۾ مواد نڪتو ـ ان ۾ روح وجهي ڇڏيو ويو جيڪا مائي حوا ٺهي وئي ـ بعد ۾ بهشت مان ڪڍي آدم کي سري لنڪا ۽ مائي حوا کي جدة ۾ لاٿو ويو ـ جن جي ذريعي ايشيائين جي پيدائش جو سلسلو شروع ٿي ويو ، ۽ آسمان کان باقي ارواح بة ترتيب وار اچڻ شروع ٿي ويا ـ روحن جي تعليم و تربيت ۽ درجن لائِ مذهبن جي صورت ۾ مدرسا قائم ٿيا ۽ ازل جي ڏينهن واري تقدير جي مطابق ڪو ڪنهن مذهب ۾ ۽ ڪي بي مذهب ئي رهيا ـ الله جا محب روح بة هن دنيا ۾ آيا ڪي مسلمانن جي گهر ۾ ، ڪي هندن ، ڪي سکن ۽ ڪي عيسائين جي گهرن ۾ پيدا ٿي ويا ۽ پنهنجي مذهب جي ذريعي الله کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا اهو ئي سبب آهي تة هر مذهب جي خاصن رهبانيت اختيار ڪئي ، ڪجهة ماڻهو چوندا آهن تة اسلام ۾ رهبانيت نة آهي اهو عقيدو غلط آهي ـ حضور پاڪ بة غارِ حرا ۾ ويندا هئا ـ شيخ عبدالقادر جيلاني ، خواجة معين الدين اجميري ، داتا علي هجويري ، بري امام ، بابا فريد ، شهباز قلندر وغيرة بة رهبانيت کانپوئِ ئي ايترا اعلٰي مقام حاصل ڪيا ۽ انهن ئي جي ذريعي دين جي پرچار ٿي ـ
ترجمي معلومات
ھي ترجمي برادريءَ جي مدد سان تيار ڪئي وئي آھي ۽ درستگي ۽ اصل متن سان مطابقت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ان جي تصديق ضروري آھي۔