روحن جو دين
عشقِ الهٰي و دينِ الهٰي وارن جي سڃاڻپ
جنهن ۾ سڀئي دريا ضم ٿي وڃن اهو سمنڊ سڏجي ٿو!
۽ جنهن ۾ سڀئي دين ضم ٿي هڪ ٿي وڃن اهو ئي عشقِ الهٰي ۽ دينِ الهٰي آهي.
جٿي چار مذهب آ ملدي هو. (سلطان صاحب)
ابتدائي سڃاڻپ:
جڏهن قلب ۽ روح جو ذڪر جاري ٿي وڃي، ڀلي عبادت سان ٿئي يا ڪنهن ڪامل جي نظر سان ٿئي ٻنهي حالتن ۾ اهو ازلي آهي. گناهن کان نفرت ٿيڻ شروع ٿي وڃي جيڪڏهن گناهه ٿي به وڃي ته ان تي ملامت ٿئي ۽ ان کان بچڻ جون ترڪيبون سوچي.
”مون کي اهي ماڻهو به پسند آهن جيڪي گناهن کان بچڻ جون ترڪيبون سوچيندا آهن.“ (فرمانِ الهٰي)
دنيا جي محبت دل مان نڪرڻ ۽ الله جي محبت جو غلبو شروع ٿي وڃي. حرص، حسد، بخل ۽ تڪبر کان ڇوٽڪارو محسوس ٿئي. زبان ڪنهن جي غيبت کان رڪجي وڃي. عاجزي محسوس ٿئي. ڪنجوسي جي جاءِ تي سخاوت ۽ ڪوڙ ويندو نظر اچي. حرام نفساني خواهشون حلال ۾ بدلجي وڃن. حرام مال، حرام کائڻ ۽ حرام ڪمن کان نفرت پيدا ٿئي.
انتهائي سڃاڻپ:
چرس، آفيم، هيروئن، تماڪ ۽ شراب وغيره کان مڪمل ڇوٽڪارو ٿي وڃي. مقدس هستين سان خواب، مراقبي يا ڪشف جي ذريعي ملاقات ڪرڻ وارو ٿي وڃي. نفس اماره کان مطمئنه ٿي وڃي. لطيفو انا رب جي روبرو، الله ۽ ٻانهي جي وچ ۾ سڀ حجاب کڄي وڃن. گناهن کان پري، عشقِ خدا، وصلِ خدا، بندي کان بندي نواز، ۽ غريب کان غريب نواز ٿي وڃي.
ڇو ته هن سلسلي ۾ مختلف مذهن کان اچي خاص روح شامل ٿيندا جن روزِ ازل ۾ رب جي شاهدي ۾ ڪلمو پڙهي ورتو هئو. ان لاءِ ڪنهن به مذهب جي قيد نه هوندي. هر شخص پنهنجي مذهب جي عبادت ڪري سگهندو پر قلبي ذڪر سڀني جو هڪ هوندو يعني مختلف مذهبن جي باوجود دلين سان سڀئي هڪ ٿي ويندا. پوءِ جڏهن دلين ۾ الله آيو ته سڀئي الله وارا ٿي ويندا. ان کان پوءِ رب جي مرضي آهي ته انهن کي پاڻ تائين رکي يا ڪنهن به مذهب ۾ هدايت لاءِ موڪلي ڇڏي يعني ڪو مفيد هوندو، ڪو منفرد ڪو سپاهي هوندو ۽ ڪو سالار هوندو. انهن جي مدد ۽ ساٿ ڏيڻ وارا گناهگار به ڪنهن نه ڪنهن مرتبي تي پهچي ويندا. جيڪي ماڻهو هن ٽولي ۾ شامل نه ٿي سگهيا انهن ۾ اڪثر شيطان (دجال) سان گڏ ملي ويندا. ڀلي اهي مسلم هجن يا غير مسلم هجن. آخر ۾ انهن ٻنهي ٽولن جي زبردست جنگ ٿيندي. عيسى، ﻤﮩﺪﻱ، ڪالڪي اوتار وارا ملي ڪري انهن کي شڪست ڏيندا. گهڻا دجالي قتل ڪري ڇڏيا ويندا جيڪي بچندا اهي ڊپ ۽ مجبوري سبب خاموش رهندا. ﻤﮩﺪﻱ ۽ عيسى جو ماڻهن جي قلبن تي تسلط ٿي ويندو. سڄي دنيا ۾ امن قائم ٿي ويندو. جدا جدا مذهب ختم ٿي هڪ ئي مذهب ۾ تبديل ٿي ويندا. اهو مذهب رب جو پسنديده، تمام نبين جي مذهبن ۽ ڪتابن جو نچوڙ، تمام انسانيت لاءِ قابلِ قبول، تمام عبادتن کان افضل، ايستائين جو الله جي محبت کان به افضل، عشقِ الهٰي هوندو.
جٿي عشق پهچاوي ايمان نون وي خبر نهين ............ (باهو)
علامه اقبال انهيءَ وقت لاءِ نقشو ڇڪيو هئو :
دنيا ڪو هي اس ﻤﮩﺪﻱ برحق ڪي ضرورت هو جسڪي نظر زلزله عالمِ افڪار
کلي جاتي هين اسرارِ نهاني، گيا دورِ حديثِ لن تراني هوئي جس ڪي خودي پهلي نمودار، وهي ﻤﮩﺪﻱ وهي آخرِ زماني
کول ڪر آنک ميري آئينه ادراڪ ۾، آني والي دور ڪي ڌنڌلي سي اڪ تصوير ديک لولاڪ لما ديک زمين ديک فضا ديک، مشرق سي اڀرتي هوئي سورج ڪو ذرا ديک
گزر گيا اب وه دور ساقي ڪه ڇپ ڪي پيتي ٿي پيني والي بني گا سارا جهان ميخانه هر ايڪ هي باده خوار هوگا زمانه آيا هي بي حجابي ڪا عام ديدارِ يار هوگا سڪوت ٿا پرده دار جس ڪا وه راز اب آشڪار هوگا نڪل ڪي صحرا سي جس ني روما ڪي سلطنت ڪو پلٽ ديا ٿا سنا هي قدسيون سي مين ني وه شير ڦر هوشيار هوگا
تمام آسماني ڪتاب ۽ صحيفا الله جو دين نه آهن. انهن ڪتابن ۾ نماز روزو ۽ ڏاڙهيون آهن جڏهن ته الله ان جو پابند نه آهي. اهي دين نبين جي امتن کي منور ۽ پاڪ صاف ڪرڻ لاءِ ٺاهيا ويا. جڏهن ته الله خود پاڪيزه نور آهي ۽ جڏهن ڪو انسان وصل کانپوءِ نور بڻجي ويندو آهي ته پوءِ اهو به الله جي دين ۾ هليو ويندو آهي. الله جو دين پيار ۽ محبت آهي. نوانوي نالن جو ترجمو آهي. پنهنجي دوستن جو ذڪر ڪرڻ وارو آهي پاڻ عشق، پاڻ عاشق، پاڻ معشوق آهي. جيڪڏهن ڪنهن خدا جي ٻانهي کي به ان جي طرفان انهن مان ڪجهه حصو عطا ٿي وڃي ته اهو دينِ الهٰي ۾ پهچي ويندو آهي. پوءِ ان جي نماز ديدارِ الهٰي ۽ ان جو شوق خدا جو ذڪر آهي ايتري قدر جو ان جي زندگي جي تمام سنتن، فرضن جو ڪفارو به ديدارِ الهٰي آهي. جن، فرشتن ۽ انسانن جي گڏيل عبادت به ان جي درجي تائين نٿي پهچي سگهي.
اهڙي ئي شخص لاءِ شيخ عبدالقادر جيلاني فرمايو آهي ته: ”جنهن وصال تي پهچي به عبادت ڪئي يا ارادو ڪيو ته ان ڪفرانِ نعمت ڪيو“.
بلهي شاهه فرمايو: ” اسان عشق نماز جدون نيتي اي ...... ڀل گئي مندر مسيتي اي“.
علامه اقبال چيو: ”اس ڪو ڪيا جاني بي چاري دو رڪعت ڪي امام!“
هن علم جي متعلق ابوهريره فرمايو هيو: ”ته مون کي حضور کان ٻه علم عطا ٿيا، هڪ توهان کي ٻڌائي ڇڏيو، جيڪڏهن ٻيو ٻڌايان ته توهان مون کي قتل ڪري ڇڏيو“.
تاريخ شاهد آهي ته جنهن به هن علم کي کوليو، شاهه منصور ۽ سرمد وانگر قتل ڪيا ويا ۽ اڄ گوهر شاهي به هن علم سبب قتل جي ڪناري تي بيٺو آهي.
نبين جي شريعت جي پابندي امت لاءِ هوندي آهي نه ته انهن کي ڪنهن عبادت جي ضرورت نه هوندي آهي، اهي شريعت کان پهريائين ئي بلڪه روزِ ازل کان ئي نبي هوندا آهن، ڇو ته انهن کي دين کي نموني جي طور تي پورو ڪرڻو هوندو آهي انهن جي ڪنهن هڪ رڪن کي ڇڏڻ يا فعل کي به امت سنت بڻائي ڇڏيندي آهي ان سبب کان کين محتاط ۽ صحيح حالت ۽ رهڻو پوندو آهي. ڇا ڪو ماڻهو هي چئي سگهي ٿو ته ڪو به نبي جيڪڏهن ڪنهن به عبادت ۾ نه آهي ته ڇا هو دوزخ ۾ وڃي سگهي ٿو؟ هر گز نه! ڇا ڪو ماڻهو چئي سگهي ٿو ته عبادت کانسواءِ نبي نه ٿو بڻجي سگهي؟ ڇا ڪو اهو به چئي سگهي ٿو ته علم سکڻ کانسواءِ نبوت نه ملندي آهي؟ پوءِ ولين تي اعتراض ڇو ٿيندا آهن؟ جڏهن ته ولائت نبوت جو نعم البدل آهي. يادر رکو جن رب جي ديدار جي بغير وصال جي دعوٰي ڪئي يا پاڻ کي ان مقام تي تصور ڪري نقل ڪئي، اهي زنديق ۽ ڪاذب آهن. ۽ قرآن اهڙن ئي ڪوڙن تي لعنت وڌي آهي جن جي ڪري هزارن جو وقت ۽ ايمان برباد ٿيندو آهي.
هي ڪتاب هر مذهب هر فرقي ۽ هر ماڻهو لاءِ قابل غور
۽ قابلِ تحقيق آهي ۽ روحانيت جي انڪارين لاءِ چئلينج آهي
ترجمي معلومات
ھي ترجمي برادريءَ جي مدد سان تيار ڪئي وئي آھي ۽ درستگي ۽ اصل متن سان مطابقت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ان جي تصديق ضروري آھي۔