Skip to content

فرموداتِ گوهر شاهي

”جيڪڏهن ڪو سڄي عمر عبادت ڪندو رهي، پر آخر ۾ امام ﻤﮩﺪﻱ ۽ حضرت عيسيٰ جي مخالفت ڪري ويٺو جن کي دنيا ۾ ٻيهر اچڻو آهي (عيسيٰ جو جسم سميت ۽ ﻤﮩﺪﻱ جو ارضي ارواح جي ذريعي اچڻو آهي) ته هو بليعم باعور وانگر دوزخي ۽ ابليس وانگر مردود آهي. جيڪڏهن ڪو سڄي عمر ڪتن جهڙي زندگي گزاريندو رهيو پر آخر ۾ انهن جو ساٿ ڏنو ۽ سندن سان محبت ڪري ويٺو ته هو ڪتي کان حضرت قطمير بڻجي جنت ۾ ويندو.“

”ڪجهه فرقا ۽ مذهب چوندا آهن ته عيسيٰ فوت ٿي ويو. افغانستان ۾ سندس مزار آهي. هي غلط پروپيگنڊا آهي. افغانستان ۾ ڪنهن ٻي عيسيٰ نالي بزرگ جو درٻار آهي. ان پنڌ واري زماني ۾ مهينن جي مسافري تي وڃي دفنائڻ ڪهڙو مقصد رکندو هيو؟ پوءِ اهي چون ٿا: ”آسمان تي ڪيئن کنيو ويو؟“ اسان چئون ٿا آدم عليه السلام آسمان کان ڪيئن آندو ويو؟ جڏهن ته ادريس به ظاهري جسم سان بهشت ۾ اڃان تائين موجود آهي خضر ۽ الياس جيڪي دنيا ۾ آهن انهن کي به اڃان تائين موت نه آيو آهي. غوث پاڪ جو پوٽو حيات الامير ڇهه سئو (600) سالن کان جيئرو آهي. غوث پاڪ چيو هيو: ”ان وقت تائين نه مرجانءِ جيستائين منهنجا سلام ﻤﮩﺪﻱ عليه السلام کي نه پهچائي ڇڏين“.شاهه لطيف کي بري امام جو لقب ان ئي ڏنو هيو. مري جي طرف باره ڪوهه ۾ ان جي بيٺڪ جا نشان اڃان تائين محفوظ آهن.“

”ظاهري گناهه جي سزا جيل، جرمانو يا هڪ ڏينهن جي ڦاسي آهي. جيڪڏهن ڪو راهِ فقر ۾ آهي ته ان جي سزا ملامت آهي. جڏهن ته باطني گناهن جي سزا تمام گهڻي آهي. گلا ڪرڻ واري جي نيڪين مان جرمانو ٻي ڌر جي نيڪين ۾ شامل ڪيو ويندو آهي. حرص، حسد، بخل ۽ وڏائي ان جي لکيل نيڪين کي مٽائي ڇڏيندا آهن. جيڪڏهن ان ۾ ڪجهه نور آهي ته نبين ۽ ولين جي گستاخي ۽ بغض سبب کسجي وڃي ٿو. جيئن ته شيخ صنعان جو شيخ عبدالقادر جيلاني جي گستاخي ڪري ڪشف ۽ ڪرامتن جو کسجي وڃڻ. “


واقعو آهي ته جڏهن بايزيد بسطامي کي خبر پئي ته هڪ شخص سندس گلا ڪندو آهي ته پاڻ ان جو وظيفو مقرر ڪري ڇڏيو. هو وظيفو به وٺندو رهيو ۽ برائي به ڪندو رهيو. هڪ ڏينهن ان جي زال چيس: ”نمڪ حرامي ڇڏ يا وظيفو ڇڏ يا گلا ڪرڻ ڇڏ.“ پوءِ ان تعريف ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي. پاڻ کي جڏهن تعريف جي خبر پئي ته هن جو وظيفو بند ڪري ڇڏيو. پوءِ هو سندس خدمت ۾ حاضر ٿيو ته جڏهن گلا ڪندو هيس، ته وظيفو ملندو هيو، هاڻي تعريف ڪرڻ سبب وظيفو ڇو بند ٿيو؟ پاڻ فرمايائون: ”تون ان وقت منهنجو مزدور هئين، تنهنجي گلا ڪرڻ سان منهنجا گناهه سڙندا هئا، مان ان جو توکي معاوضو ڏيندو هئس. هاڻي ڪهڙي شي جو معاوضو ڏيان؟“ ڄاڻايل براين جو تعلق نفس اماره سان آهي، جنهن جو امدادي ابليس آهي. جڏهن ته تقوى، سخاوت، درگزر، صبر ۽ شڪر، عاجزي ۽ انوارِ الهٰي جو تعلق قلبِ شهيد سان آهي، جنهن جو امدادي ولي مرشد آهي.


جيستائين نفس اماره آهي ڪنهن به پاڪ ڪلام جا انوار دل ۾ رڪجي نٿا سگهن ڀلي لفظن ۽ آيتن جو حافظ ڇو نه ٿي وڃي، طوطو ئي آهي. جڏهن تنهنجو نفس مطمئنه ٿي ويندو پوءِ ناپاڪ شي تنهنجي اندر رڪجي نٿي سگهي، پوءِ تون مرغِ بسمل آهين. نفس پاڪ ڪرڻ لاءِ ڪنهن نفس شڪن کي تلاش ڪر. جيڪي هر وقت الله جي طرفان ڊيوٽي تي ويٺل هوندا آهن. جسم کان ٻاهر جي پاڪائي پاڻي سان ٿيندي آهي جڏهن ته جسم جي اندر جي پاڪائي نور سان ٿيندي آهي. پاڪائي کانسواءِ گندو ۽ ناپاڪ آهي. صاف جسم عبادتِ الهٰي جي قابل هوندو آهي، جڏهن ته صاف دل تجلياتِ الهٰي جي قابل هوندو آهي. پوءِ ئي آسماني ڪتاب هدايت ڪندا آهن پاڪن کي (هدي اللمتقين) نه ته ڪتابن وارا ئي ڪتابن وارن جا دشمن ٿي ويندا آهن. مجدد الف ثاني مڪتوبات ۾ لکي ٿو: ”قرآن انهن ماڻهن جي پڙهڻ جي لائق نه آهي جن جا نفس اماره آهن. مبتدي (ابتداءِ واري) کي گهرجي ته پهرين ذڪر الله ڪري يعني اندر کي پاڪ ڪري، منتهي (انتهاءِ واري) کي گهرجي ته پوءِ قرآن پڙهي“.

حديث: ڪجهه ماڻهو قرآن پڙهندا آهن ۽ قرآن انهن تي لعنت ڪندو آهي.

بلهي شاهه: کا ڪي سارا مڪر گئي جنهان دي بغل وچ قرآن

عابد کي گمان آهي ته هو الله جي لاءِ عبادت ۽ اوجاڳو ڪري رهيو آهي ان ڪري هو الله جي ويجهو آهي. عبادت کان پوءِ تنهنجي دعا، صحت، ڊگهي عمر، مال ۽ دولت ۽ حور ۽ قصور آهي. سوچ! ڇا تو ڪڏهن به اها دعا گهري هئي، اي الله مون کي ڪجهه نه گهرجي صرف تون گهرجين؟


عالم کي گمان آهي ته مان خدا جي قرب ۾ بخشيل بخشايل آهيان. ڇو ته منهنجي اندر علم ۽ قرآن آهي پوءِ تون ٻين کي جهنمي ڇو چوندو آهين جڏهن ته هر مسلمان کي به ڪجهه نه ڪجهه علم ۽ قرآن جون ڪيتريون ئي سورتون ياد آهن. سوچ! علم ڪير وڪڻندو آهي؟ پاڻ ڪير وڪرو ٿيندو آهي؟ ولين جي گلا ڪير ڪندو آهي؟ حاسد، تڪبر وارو ۽ بخيل ڪير هوندو آهي؟ دل ۾ ٻيو، زبان ۾ ٻيو، صبح ٻيو، شام جو ٻيو، هي ڪنهن جو شيوو آهي؟ سچ کي ڪوڙ ۽ ڪوڙ کي سچ ڪري ڪير پيش ڪندو آهي؟ جيڪڏهن تون انهن کان پري آهين ته رسول جو خليفو آهين! تنهنجي طرف پٺي ڪرڻ به بي ادبي آهي.

يعني ..... قاري نظر ايندو آهي، پر حقيقت ۾ آهي قرآن

جيڪڏهن تون انهن خصلتن ۾ گم آهين ته پوءِ تون اهو ئي آهين جنهن لاءِ بگهڙ چيو هيو ته جيڪڏهن مون يوسف کي کاڌو هجي ته الله مون کي چوڏهين صدي جي عالمن منهنجان اٿاري.

ترجمي معلومات

ھي ترجمي برادريءَ جي مدد سان تيار ڪئي وئي آھي ۽ درستگي ۽ اصل متن سان مطابقت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ان جي تصديق ضروري آھي۔

Copyright © 2025 Mehdi Foundation International