Skip to content

مريخ ۾ انساني زندگي هاڻي به موجود آهي جڏهن ته سج ۾ به آتشي مخلوق آباد آهي

چوندا آهن ته هڪ خلاباز جڏهن چنڊ تي لٿو. ان مٿين سيارن جي تحقيق ڪرڻ گهري ته ان کي ٻانگ جو آواز به ٻڌڻ ۾ آيو جنهن کان هو متاثر ٿي مسلمان ٿي ويو هئو. اها مريخ جي دنيا هئي جتي هر مذهب جا ماڻهو رهندا آهن. اسان جا سائنسدان اڃان مريخ تي پهچي نه سگهيا آهن جڏهن ته اهي ماڻهو ڪيترا ڀيرا هن دنيا ۾ اچي چڪا آهن. ۽ تجربي طور هتان جي انسانن کي به پاڻ سان گڏ کڻي ويا. انهن جي سائنس ۽ ايجادون اسان کان گهڻو اڳتي آهن. اسان جا سيارا يا سائنسدان جيڪڏهن اتي پهچي به ويا ته انهن جي پڪڙ کان آزاد نه ٿا ٿي سگهن.

هڪ آدم کي الله گهڻو علم ڏنو هئو ۽ ان جي اولاد علم جي ذريعي بيت المامور تائين وڃي پهتي هئي يعني جيڪو حڪم الله فرشتن کي ڏيندو هئو،، هيٺ اهي ٻڌي وٺندا هئا. هڪ ڏينهن فرشتن چيو: ’اي الله هي قوم اسان جي معاملي ۾ مداخلت بڻجي وئي آهي. اسين جڏهن ڪو ڪم ڪرڻ دنيا ۾ ويندا آهيون ته هي پهريائين ئي ان جو ٽوڙ ڪري چڪا هوندا آهن‘. الله جبرائيل کي چيو: ”وڃ انهن جو امتحان وٺ!“. هڪ ٻارنهن سالن جو ٻار ٻڪريون چاري رهيو هئو. جبرائيل ان کان پڇيو: ڇا تون به ڪو علم رکين ٿو؟ ان چيو: پڇو! جبرائيل چيو: ٻڌاءِ هن وقت جبرائيل ڪٿي آهي؟ ان اکيون بند ڪيون ۽ چيو: آسمانن تي ڪونهي. پوءِ ڪٿي آهي؟ هن چيو: زمينن تي به ڪونهي. جبرائيل چيو: ته پوءِ ڪٿي آهي؟ هن اکيون کولي ڇڏيون ۽ چيو: مون چوڏهن طبقن ۾ ڏٺو، هو ڪٿي به نه آهي، يا مان جبرائيل آهيان يا تون جبرائيل آهين. پوءِ الله فرشتن کي چيو: هن قوم کي سيلاب ذريعي غرق ڪيو وڃي. انهن اهو فرمان ٻڌي ورتو. لوهي ۽ شيشي جا گهر ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏيا، پوءِ زلزلي جي ذريعي ان قوم کي غرق ڪيو ويو. اُن وقت انهي خطي کي ”ڪالده“ ۽ هاڻي ”يونان“ چوندا آهن. انهن روحاني علم ذريعي ۽ هاڻ اسان جا سائنسدان، سائنسي علم ذريعي رب جي ڪمن ۾ مداخلت ڪري رهيا آهن. انهن کي ڊيڄارڻ جي لاءِ ننڍي وڏي تباهي ۽ مڪمل تباهي لاءِ هڪ سياري کي زمين جي طرف موڪلي ڇڏيو ويو آهي. جنهن جو ڪرڻ ويهه پنجويهه 20/25 سالن تائين متوقع آهي ۽ اهو دنيا جو آخري ڏينهن هوندو. ان جو هڪ ٽڪرو گزريل ٻن سالن ۾ مشتري تي ڪري چڪو آهي. سائنسدانن کي به ان جو علم ٿي چڪو آهي ۽ اهي ان جي ڪرڻ کان اڳ چنڊ تي يا ڪنهن ٻئي سياري تي رهائش اختيار ڪرڻ چاهين ٿا. جڏهن ته چنڊ تي پلاٽن جي بڪنگ به ٿي چڪي آهي. اهو ڄاڻيندي به ته چنڊ تي انساني زندگي جا آثار يعني هوا، پاڻي ۽ ساوڪ نه آهي! پوءِ ڪوشش جو مقصد ڇا آهي؟ رهيو سوال کوجنا جو! چنڊ، مشتري تي پهچي به انسانيت جو ڪهڙو فائدو ٿيو؟ ڇا ڪا اهڙي دوا يا ڊگهي عمر يا موت کان شفا جو نسخو مليو؟ جيڪڏهن مريخ جي مخلوق تائين پهچي به ويا ته اتان جي آڪسيجن ۽ هتان جي آڪسيجن جي سبب هڪ ٻي جڳهه تي رهڻ مشڪل آهي بس بيڪار دولت ضايع ڪئي پئي وڃي جيڪڏهن ساڳي دولت روس ۽ آمريڪا غريبن تي خرچ ڪري ڇڏي ته سڀ خوشحال ٿي وڃن. آدميت جي فرق سبب هڪٻئي کي تباهه ڪرڻ لاءِ ايٽم بم به ٺاهيا پيا وڃن جڏهن ته بمن جي بغير به دنيا کي تباهه ئي ٿيڻو آهي.

ترجمي معلومات

ھي ترجمي برادريءَ جي مدد سان تيار ڪئي وئي آھي ۽ درستگي ۽ اصل متن سان مطابقت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ان جي تصديق ضروري آھي۔

Copyright © 2025 Mehdi Foundation International