آخري زماني ۾ الله تعالى ڪنهن هڪ روح کي دنيا ۾ موڪليندو جيڪو انهن روحن کي تلاش ڪري گڏ ڪندو ۽ انهن کي ياد ڏياريندو ته ڪڏهن توهان به الله سان محبت ڪئي هئي. اهڙا تمام روح ڀلي ڪنهن به مذهب يا بي مذهب جسمن ۾ هئا ان جي آواز تي لبيڪ چوندا ۽ ان جي چوطرف گڏ ٿي ويندا. هو رب جو هڪ خاص نالو انهن روحن کي عطا ڪندو جيڪو قلب کان ٿيندو روح تائين وڃي پهچندو ۽ پوءِ روح ان نالي جو ذاڪر بڻجي ويندو. اهو نالو روح کي هڪ نئون جوش، نئين طاقت ۽ نئين محبت بخشيندو. ان جي نور سان روح جو تعلق ٻيهر الله سان جڙي ويندو.
قلبي ذڪر، روح جي ذڪر جو وسيلو آهي. جيئن ته بندگي يعني نماز، روزو قلبي ذڪر جو وسيلو آهي. جيڪڏهن ڪنهن جو روح الله جي ذڪر ۾ لڳي ويو ته هو انهن ماڻهن منجهان آهي جن کي تارازي، حشر واري ڏينهن جو به خوف نه آهي روح کان اڳتي جا ذڪر ۽ عبادت ان جي بلند مرتبن جا شاهد آهن. جن ماڻهن جي منزل قلب کان روح جي طرف روان دوان آهي اهي ئي دينِ الهٰي ۾ پهچي چڪا يا پهچڻ وارا آهن. انهن کي ڪتابن کان نه پر نور کان هدايت آهي ۽ نور ذريعي ئي گناهن کان هٽي ويندا آهن ۽ جيڪي ٻڌي يا محنت سان به ان مقام کان محروم آهن اهي هن سلسلي ۾ شامل نه آهن جيڪڏهن قلب ۽ روح جي ذڪر کان سواءِ پاڻ کي هن سلسلي ۾ تصور ڪيو يا هنن جي نقل ڪئي ته اهي زنديق آهن. جڏهن ته عام ماڻهن جي بخشش جو ذريعو عبادتون ۽ مذهب آهن. هدايت جو ذريعو آسماني ڪتاب آهن. شفاعت جو ذريعو نبوت ۽ ولائت آهي. گهڻا مسلمان ولين جي شفاعت کي نٿا مڃن. پر حضور اصحابن کي تاڪيد ڪئي هئي ته اويس قرني کان امت لاءِ بخشش جي دعا ڪرائجو.