گوهر شاهي جو عقيدو
سڀني مذهبن جي نيڪو ڪارن ۽ عابدن کي هڪ لائن ۾ بيهاري ڇڏيو وڃي، رب کي چئو: ڪنهن کي ڏسندؤ؟
جهڙي طرح تنهنجي نظر چمڪندڙ ستارن تي پوي ٿي. اهو مريخ هجي يا عطارد يا بي نام ستارو،
اهڙي طرح رب به چمڪندڙ دلين کي ڏسندو آهي اهي مذهب وارا هجن يا بي مذهب!
بن عشق دلبر ڪي سچل، ڪيا ڪفر هي، ڪيا اسلام هي!
توهان رب جي ڳولا ۾ مندرن چرچن ۽ مسجدن وغيره ڏانهن ڊوڙ لڳايو ٿا! ڇا تاريخ ۾ ڪو ثبوت آهي، ته ڪنهن رب کي ڪنهن به عبادت گاهه ۾ ويٺل ڏٺو هجي؟ اڙي نادان! رب جو ٺڪاڻو تنهنجو دل آهي، ان کي دل ۾ وساءِ، پوءِ ڏس هي عبادت گاهون ۽ انهن ۾ عبادت ڪرڻ وارا تنهنجي طرف ڊوڙندا ايندا. بايزيد بسطامي فرمائين ٿا: ”هڪ عرصو ڪعبي جو طواف ڪندو رهيس، جڏهن رب منهنجي اندر آيو، ته هڪ عرصي کان ڪعبو منهنجو طواف ڪري رهيو آهي“. هي عبادت گاهون ثواب گاهون آهن جڏهن ته هي دل آماجگاهه آهي. عبادت گاهن ۾ تون پڪاريندين ۽ رب دلين ۾ پڪاريندو.
عقل والون ڪي نصيبي ۾ ڪهان ذوقِ جنون
عشق والي هين جو هر چيز لٽا ديتي هين
الله الله ڪئي جاني سي الله نه ملي
الله والي هين جو الله سي ملا ديتي هين
هر مذهب جو عقيدو آهي ته ان جي نبي جي شان سڀ کان بلند آهي ۽ اهو ئي عقيدو اهلِ ڪتاب ۾ جنگين جو سببب بڻيو، بهتر آهي ته توهان روحانيت جي ذريعي نبين جي محفل ۾ پهچي وڃو پوءِ ئي خبر پوندي ته ڪير ڪهڙي مقام تي آهي ۽ ڪير ڪهڙي درجي تي آهي.
ضروري نوٽ
هر نبي کي الله خاص نالن سان پڪاريو جيڪي انهن جي امت لاءِ سڃاڻ ۽ ڪلما بڻجي ويا. اهي نالا الله جي پنهنجي ٻولي سرياني ۾ هئا. انهن جي اقرار سان هُن نبي جي امت ۾ داخل ٿيندو آهي. ٽي ڀيرا اقرار شرط آهي، امت ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ انهن لفظن کي جيترو به دهرائيندو اوترو ئي پاڪيزا ٿيندو ويندو. مصيبت جي وقت انهن لفظن جي ادائگي مصيبت کان ڇوٽڪارو بڻجي ويندي آهي. قبر ۾ به اهي لفظ حساب ڪتاب ۾ گهٽتائي جو باعث بڻجي ويندا آهن ايتري قدر جو بهشت ۾ داخلي لاءِ به انهن لفظن جي ادائگي شرط آهي. هر امت کي گهرجي ته پنهنجي نبي جي ڪلمي کي ياد ڪن ۽ صبح ۽ شام جيترو به ٿي سگهي انهن کي پڙهن. هدايت جي لاءِ آسماني ڪتاب توهان پنهنجي زبان ۾ پڙهي سگهو ٿا پر عبادت جي لاءِ اصلي ڪتاب جون اصلي عبارتون وڌيڪ فيض پهچائن ٿيون.
ترجمي معلومات
ھي ترجمي برادريءَ جي مدد سان تيار ڪئي وئي آھي ۽ درستگي ۽ اصل متن سان مطابقت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ان جي تصديق ضروري آھي۔