Skip to content

حضرت رياض احمد گوهر شاهي جو شخصي تعارف

25 نومبر 1941 جو ننڍي کنڊ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڍوڪ گوهر شاهه، ضلع راولپنڊي ۾ پيدا ٿيا. سندن والده ماجده فاطمي آهي يعني سادات خاندان سيد گوهر علي شاهه جي پوٽن مان آهي جڏهن ته والد گرامي سيد گوهر علي شاهه جي ڏوهٽن مان آهي ۽ ڏاڏو مغليه خاندان سان تعلق رکي ٿو. ننڍپڻ کان ئي سندن رخ اولياءِ ڪرام جي درٻارن طرف هئو. سندن والد گرامي فرمائي ٿو ته گوهر شاهي پنجن يا ڇهن سالن جي عمر کان ئي غائب ٿي ويندا هئا ۽ اسان جڏهن سندن کي ڳولهڻ نڪرندا هئا سين ته سندن کي نظام الدين اولياءِ (نئين دهلي) جي مزار تي ويٺل ڏسندا هئا سين. مون کي ڪيترا ڀيرا ائين محسوس ٿيو ته جيئن پاڻ نظام الدين اولياءِ سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن. هي ان وقت جو واقعو آهي جڏهن حضرت گوهر شاهي جو والد گرامي نوڪري جي سلسلي ۾ دهلي ۾ رهيل هئو. مارچ 1997 ۾ جڏهن گوهر شاهي انڊيا تشريف کڻي ويا ته نظام الدين اولياءِ جي درٻار جي گادي نشين اسلام الدين نظامي نظام الدين اولياءِ جي اشاري تي کين درٻار جي سيراندي وٽ دستار پارائي هئي.

ننڍپڻ کان ئي جيڪا ڳالهه چوندا سا پوري ٿي ويندي هئي، ان سبب کان مان سندن هر جائز ضد پوري ڪندو هئس. سندن والد گرامي وڌيڪ فرمائي ٿو ته: ”گوهر شاهي معمول مطابق روزانو صبح جو لان (Lawn) ۾ ايندا آهن ته مان سندن آمد تي احترام ۾ اٿي بيهندو آهيان“. انهيءَ ڳالهه تي گوهر شاهي مون کان ناراض ٿي ويندا آهن ۽ چوندا آهن ته مان توهان جو پٽ آهيان، مون کي شرم ايندو آهي توهان ائين نه اٿي بيهندا ڪيو. پر منهنجو بار بار اهو ئي جواب هوندو آهي ته مان اوهان جي لاءِ نه پر جيڪو الله اوهان ۾ وسيل آهي ان جي احترام ۾ اٿي بيهندو آهيان. موڙه نوري پرائمري اسڪول جو ماستر امير حسين چوي ٿو: ”مان علائقي ۾ تمام سخت استاد مشهور هئس، شرارتي ٻارن کي ماريندو هئس ۽ سندن شرارت اها هئي ته پاڻ اسڪول دير سان ايندا هئا ۽ جڏهن مان ڪاوڙ ۾ کين مارڻ لڳندو هئس ته مون کي ائين محسوس ٿيندو هيو ته ڄڻ ڪنهن منهنجو ڏنڊو پڪڙي ورتو هجي ۽ اهڙي طرح مون کي کل اچي ويندي هئي.

حضرت گوهر شاهي جي برادري ۽ دوستن جا تاثرات:

اسان ڪڏهن به سندن کي ڪنهن سان وڙهندي جهيڙو ڪندي يا ڪنهن کي مار ڪٽ ڪندي ناهي ڏٺو بلڪه ڪو دوست جيڪڏهن ڪاوڙ ڪندو هو يا کين مارڻ لاءِ ايندو هو ته پاڻ کلي پوندا هئا.

حضرت گوهر شاهي جي گهر واري چوي ٿي:

اول ته کين ڪاوڙ ايندي ئي ناهي ۽ جي ڪاوڙ ايندي آهي ته انتهائي شديد هوندي آهي ۽ سا به ڪنهن بيهودي ڳالهه تي. حضرت گوهر شاهي جي سخاوت جي باري ۾ چوي ٿي: ”صبح جو جڏهن پنهنجي ڪمري کان لان تائين ويندا آهن ته کيسو ڀريل هوندو آهي ۽ موٽي واپس ايندا آهن ته کيسو خالي ٿي ويندو آهي. سڀ پئسا ضرورتمندن کي ڏئي ايندا آهن ۽ پوءِ جڏهن مون کي پئسن جي ضرورت پوندي آهي ته منهن ٺاهي وٺندا آهن ۽ اهڙي طرح مون کي ڪاوڙ ايندي آهي پوءِ معصوماڻو چهرو ڏسي شعر پڙهندي آهي.

دل ڪي بڙي سخي هين ........ بيٺي هين ڌن لٽا ڪي

حضرت گوهر شاهي جي صاحبزادن جا سندن باري ۾ تاثرات:

بابا اسان سان پيار به گهڻو ڪندا آهن ۽ خيال به گهڻو رکندا آهن پر جڏهن اسين کين کان پئسا گهرندا آهيون ته پاڻ تمام گهٽ ڏيندا آهن ۽ چوندا آهن ته: ”توهان فضول خرچي ڪندؤ“، تڏهن اسين چوندا آهيون ته: ”يا ته اسان کي به فقير بڻائي ڇڏيو يا اسان کي پئسا ڏيو“.

حضرت گوهر شاهي جي والده ماجده جا سندن باري ۾ تاثرات:

ننڍ پڻ ۾ ڪڏهن اسڪول نه ويندو يا جواني ۾ ڪاروبار دوران ڪڏهن نقصان ٿي وڃي ته مان سندن پڇاڻو ڪندي هئس پر پاڻ ڪڏهن به مون کي ڪنڌ کڻي جواب نه ڏنائين جڏهن ته منهنجو بزرگ ڪڪه ميان ڍوڪ شمس وارو چوندو هئو ته: ”رياض کي گار نه ڏيندي ڪر جيڪو ڪجهه مان هن ۾ ڏسان ٿو توکي خبر ناهي“. انساني همدردي ايتري جو جيڪڏهن ’رياض‘ کي پتو پئجي وڃي ته اٺن ڏهن ميلن جي مفاصلي تي ڪا بس خراب ٿي پئي آهي ته انهن ماڻهن لاءِ کاڌو تيار ڪرائي سائيڪل تي انهن کي ڏيڻ ويندو هئو.

حضرت گوهر شاهي جو هڪ ويجهو دوست محمد اقبال ويٺل فضوليان:

محمد اقبال چوي ٿو ته برسات جي موسم ۾ ڪڏهن ڪڏهن جڏهن ٻنين جي ٻاري تان گزر ٿيندو هيو ته بي شمار ماڪوڙا قطارون ٺاهي ان ٻاري تي هلي رهيا هوندا هئا. اسان ماڻهون ٻاري تي هلي پوندا هئا سين ۽ ماڪوڙن جو خيال نه ڪندا هئا سين پر پاڻ ٻاري کان پري هٽي ڪري گپ ۾ هلندا هئا ته جيئن ماڪوڙين کي تڪليف نه ٿئي. جڏهن سندن مٿان قتل جو ڪوڙو ڪيس ٺاهيو ويو ته ڪرائم برانچ جو قدوس شيخ انڪوائري لاءِ آيو، پاڙي وارن ان کي ٻڌايو ته اسان جي نظر ۾ ته گوهر شاهي ڪڏهن مڇر به نه ماريو هوندو، ڪٿي هڪ انسان جو قتل!

حضرت گوهر شاهي ۽ سندن مامي:

هي انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن مان اٺين جماعت جو طالب علم هئس. هڪ ڀيرو مامي (جيڪا زاهد و پارسا ۽ عبادتگزار هئي پر حرص ۽ حسد ۾ به مبتلا هئي جيڪو اڪثر عبادتگزارن ۾ هوندو آهي) چيو ته تو ۾ ٻيو سڀ ته ٺيڪ آهي پر تون نماز نٿو پڙهين. مون جواب ڏنو مانس: ته نماز رب جو تحفو آهي مان نٿو چاهيان ته نماز سان گڏوگڏ بخل، تڪبر، حسد، ڪيني جي ملاوٽ رب وٽ موڪليان جڏهن به نماز پڙهندس ته صحيح نماز پڙهندس، توهان ماڻهن وانگر نه جو نماز به پڙهو ٿا ۽ غيبت، چغلي، بهتان جهڙا ڪبيرا گناهه به ڪيو ٿا.

حضرت گوهر شاهي پنهنجي ننڍپڻ جا حالات بيان فرمائين ٿا:

ڏهه ٻارنهن سالن جي عمر ۾ ئي خواب ۾ رب سان ڳالهيون ٿينديون هيون ۽ بيت المعمور نظر ايندو هئو پر مون کي ان جي حقيقت جو علم نه هيو. چله ڪشي کان پوءِ جڏهن ساڳيون ڳالهيون ۽ ساڳيائي منظر سامهون آيا ته حقيقت آشڪار ٿي. هڪ دفعي جو ذڪر آهي ته منهنجو هڪ مامو جيڪو فوج ۾ ملازم هيو اهو طوائفن جي ڪوٺن تي ويندو هيو، گهر وارن جي روڪڻ سبب هو مون کي پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هيو ته جيئن گهر وارن کي شڪ نه ٿئي. مون کي چانهه ۽ بسڪوٽ کائڻ لاءِ ڏيندو هئو ۽ پاڻ اندر هليو ويندو هئو، جڏهن ته مون کي طوائفن ۽ ڪوٺن جي سوچ سمجهه ڪان هئي. مامو مون کي اهو ئي چوندو هيو ته هي عورتن جي آفيس آهي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ منهنجي دل ان جاءِ کان کڄي وئي. تڏهن مامي چيو ته هي عورتون آهن ۽ الله هنن کي انهيءَ مقصد لاءِ ٺاهيو آهي. يعني هن مون کي به شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مامي جي ڳالهين جو ايترو اثر ٿيو جو نفس جي ڪشمڪش ۾ سڄي رات سمهي نه سگهيس ۽ پوءِ اوچتو اک لڳي وئي. ڏسان ٿو ته هڪ وڏو گول چبوترو آهي ۽ مان ان جي هيٺان بيٺو آهيان. مٿان سخت قسم جو آواز اچي ٿو: ”هن کي آڻيو“، ڏسان ٿو ته مامي کي ٻه ماڻهو پڪڙي وٺي اچي رهيا آهن ۽ اشارو ڪن ٿا ته هي آهي. پوءِ آواز اچي ٿو ته: ”هن کي گرزن سان ماريو“، تڏهن ان کي مارين ٿا ته هو رڙيون ڪري ٿو ۽ دانهون ڪري ٿو ۽ رڙيون ڪندي ڪندي هن جي شڪل سوئر وانگر ٿي ويندي آهي. پوءِ آواز ايندي آهي ته: ”تون به هن سان گڏ جيڪڏهن شامل ٿئين ته تنهنجو به اهو ئي حال ٿيندو“. پوءِ مان توبهه توبهه ڪيان ٿو ۽ اک کلي ٿي ته زبان تي اهوئي هوندو آهي ته: ”يا رب منهنجي توبهه، يا رب منهنجي توبهه“ ۽ ڪيترن سالن تائين ان خواب جو اثر رهيو.

ان کان ٻي ڏينهن مان ڳوٺ ڏانهن وڃي رهيو هئس، بس ۾ ويٺو هئس رستي ۾ ڏٺم ته ڪجهه ڌاڙيل هڪ ٽيڪسي مان ٽيپ ريڪارڊ ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. ڊرائيور مزاحمت ڪئي ته ان تي ڇرين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو. اهو منظر ڏسي اسان جي بس اتي بيهي رهي ۽ اهي ڌاڙيل اسان کي ڏسي ڀڄي ويا ۽ ڊرائيور ڦٿڪي اسان جي سامهون جان ڏني، پوءِ ذهن ۾ اهو ئي آيو ته زندگي جو ڪهڙو ڀروسو، رات جو سمهڻ لڳس ته اندران هي شعر گونجڻ شروع ٿي ويا،

ڪر سڀ خطائون معاف منهنجيون ........ تنهنجي در تي آئون اچي ڪريس

۽ سڄي رات ڳوڙها ڳاڙيندي گزري، هن واقعي کان ڪجهه عرصي بعد مان دنيا ڇڏي ڄام ڏاتار جي درٻار تي ھليو ويس، پر اتان به ڪا منزل نه ملي ۽ منهنجو ڀيڻيوو مون کي اتان واپس دنيا ۾ وٺي آيو. 34 سالن جي عمر ۾ بري امام سامهون آيو ۽ چيائين ته: ”هاڻي تنهنجو وقت آهي ٻيهر جهنگ ڏانهن وڃڻ جو”. ٽي سال چله ڪشي کان پوءِ جڏهن ڪجهه حاصل ٿيو ته ٻيهر ڄام ڏاتار جي درٻار تي ويس صاحبِ مزار سامهون اچي ويو، مون چيو مانس: ”ان وقت جيڪڏهن مون کي قبول ڪيو وڃي ها ته وچ ۾ نفساني زندگي کان محفوظ رهان ها“. ان جواب ڏنو: ”ان وقت تنهنجو وقت نه هئو“.

ترجمي معلومات

ھي ترجمي برادريءَ جي مدد سان تيار ڪئي وئي آھي ۽ درستگي ۽ اصل متن سان مطابقت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ان جي تصديق ضروري آھي۔

Copyright © 2025 Mehdi Foundation International