Skip to content

حضرت عيسيٰ عليه السلام جي هن دنيا ۾ ٻيهر آمد

عيسيٰ عليه السلام جي حضرت رياض احمد گوهر شاهي سان آمريڪا ۾ ملاقات

28 جولاءِ 1997 لنڊن ۾ ڏنل هڪ انٽرويو ۾ حضرت گوهر شاهي ملاقات جي گڏيل تاثرن جو اظهار فرمايو.

Jesus and Sarkar

29 مئي 1997 ۾ ايل مائونٽي لاج طائوس نيو ميڪسيڪو آمريڪا ۾ رهيل هئس. رات جي ٻئين پهر مون کي پنھنجي ڪمري ۾ ڪنھن جي موجودگي جو احساس ٿيو. ڪمري ۾ ناڪافي روشني هئي. مون کي لڳو ته منهنجو ڪو عقيدتمند آھي جيڪو بنان اجازت ڪمري ۾ اچي ويو آهي. مون ان شخص کان پڇيو، ڇو آيو آهين؟ ان شخص جواب ۾ چيو ته مان توهان سان ملڻ آيو آهيان. مون انھي وچ ۾ ڪمري جي لائيٽ روشن ڪري ڇڏي. مون ڏٺو ته هڪ حسين و جميل نوجوان منهنجي سامهون بيٺو آهي، جنهن کي مان ڪو نه سڃاڻيندو هئس. ان شخص کي ڏسي منهنجا لطائف خوشي مان جهومڻ لڳا- ۽ اهڙي ڪيفيت پيدا ٿي ويئي جهڙي مٿين عالم جي محفلن ۽ نبين جي موجودگي ۾ ٿيندي آهي. مون کي احساس ٿيو ته ان شخص کي گهڻين ٻولين تي عبور حاصل آهي. هن نوجوان مون کي ٻڌايو ته هو عيسيٰ ابنِ مريم آهي. ۽ في الحال آمريڪا ۾ آهي. مون هن کان پڇيو، تون ڪٿي رهندو آهين؟ ان شخص جواب ڏنو، نه ئي پهرين منهنجو ڪو ٺڪاڻو هئو ۽ نه ئي هاڻي آهي!

جڏهن حضرت رياض احمد گوهر شاهي کي ملاقات جي دوران ٿيڻ واري وڌيڪ ڳالهه ٻولهه جي گزارش ڪئي ويئي ته پاڻ فرمايائون ته عيسيٰ ابنِ مريم ۽ منهنجي وچ ۾ جيڪا گفتگو ٿي آھي اھا في الحال ھڪ راز آھي، پر مستقبل قريب ۾ ڪنھن مناسب وقت تي مان ان راز کي فاش ڪندس. حضرت گوهر شاهي وڌيڪ فرمايو ته مان ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ٽوسان ايري زونا (آمريڪي رياست) وڃڻ جو اتفاق ٿيو. هتي ڪنھن مون کي هڪ تصوير ڏيکاري ۽ چيو ته هي عيسيٰ ابنِ مريم آهي. مون ھڪدم تصوير واري نوجوان کي سڃاڻي ورتو. ڇو ته اها تصوير انهيءَ نوجوان جي هئي جيڪو منهنجي ڪمري ۾ طائوس ۾ آيو هئو. مون تصوير جي مالڪ کان ھن تصوير جي تفصيلات معلوم ڪئي. ان مون کي ٻڌايو ته ڪجهه ماڻھو مقدس جاين جي زيارت لاءِ ويا جتي انهن تصويرون ڪڍيون. جڏهن ڪيمرا جي فلم develop ڪئي ويئي ته حيرت انگيز طور تي ھن نوجوان جي تصوير اچي وئي جڏھن ته ڪنھن به ھن نوجوان کي اتي نه ڏٺو ۽ نه ئي ھن جي تصوير ڪڍي ھئي. بحرحال مون ان نوجوان يعني عيسيٰ ابن مريم جي تصوير وٺي ورتي ۽ چنڊ ۾ ظاهر ٿيل ڪيئي تصويرن سان ان کي ملائي ڏٺو. چنڊ ۾ ظاهر ٿيندڙ تصويرن مان هڪ تصوير ان سان مشابهت رکي پئي. مون کي يقين ٿي ويو ۽ ان طرح مون تصديق ڪري ڇڏي ته هي عيسيٰ ابن مريم جي حقيقي تصوير آهي.

تازو ئي آمريڪا ۾ هڪ رسالي بائبل جي علماءِ جي حوالن سان عيسيٰ ابن مريم جي ٻيهر واپسي ۽ قيامت ويجھو ٿيڻ وارن واقعن متعلق مضمون شايع ڪيو. ان مضمون ۾ گهڻين ڳالهين جو ذڪر هئو خاص طور تي بائبل سان متعلق راز ۽ پيشگويون هيون جن کي ويٽيڪن (روم اٽلي) جاري ڪيو هئو. بائبل جي عالمن جون هي پيشگويون حضرت رياض احمد گوهر شاهي جي عيسيٰ ابن مريم جي ٻيهر آمد جي اعلان سان ملندڙ جلندڙ آهن.

ترجمي معلومات

ھي ترجمي برادريءَ جي مدد سان تيار ڪئي وئي آھي ۽ درستگي ۽ اصل متن سان مطابقت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ان جي تصديق ضروري آھي۔

Copyright © 2025 Mehdi Foundation International