Skip to content

بهشت ڪهڙن ماڻهن لائِ آهي

ڪجهة ازلي جهنمي بة اعمال ۽ عبادتن وسيلي بهشتي بڻجڻ جي ڪوشش ڪندا آهن پر آخر ۾ شيطان وانگر مردود ٿي ويندا آهن ، ڇو تة بخل ، تڪبر ، حسد انهن جي وراثت آهي ـ

حديث : جنهن ۾ ذري برابر بة بخل ۽ حسد تڪبر آهي اهو جنت ۾ نٿو وڃي سگهي ـ

بهشتي ماڻهو جيڪڏهن عبادتن ۾ نة بة هجن تة سڃاتا ويندا آهن ، اهي ماڻهو دل جا نرم ۽ صاف ، ۽ حرص و حسد کان پاڪ ۽ سخي ٿيندا آهن جيڪڏهن عبادتن ۾ لڳي وڃن تة تمام مٿانهون مقام حاصل ڪري وٺندا آهن ـ ۽ الله تعالٰي انهن ئي جي بخشش جا بهانا بڻائيندو آهي ۽ ڪجهة ماڻهو وچ وارا هوندا آهن انهن جي نيڪي بدي جو پروانو هلندو آهي ـ ۽ ڪجهة الله جا خاص هوندا آهن ـ انهن ئي روحن ازل ۾ الله سان محبت ڪئي هئي ـ انهن کي جنت دوزخ سان مقصد نة بلڪة الله جي عشق ۾ تن من ڌن لٽائي ڇڏيندا آهن ـ الله جي ذڪر ۽ رحمت سان پنهنجي روحن کي چمڪائي وٺندا آهن ، ديدارِ الهي بة حاصل ڪري وٺندا آهن ، جنت الفردوس صرف انهن ئي روحن لائِ مخصوص آهي ـ ۽ انهن ئي لائِ حديث آهي تة : ڪجهة ماڻهو بنا حساب جي جنت ۾ ويندا ـ

"تشریح"

جن کي دنيا جو نظارو ڏيکاريو "دنيا انهن جي" مقدر ۾ لکي ڇڏي ـ انهن هيٺ دنيا ۾ اچي ڪري دنيا حاصل ڪرڻ لائِ جان جي بازي لڳائي ڇڏيـ چوري، ڌاڙو، رشوت، وياج جهڙن ڏوهن کي بة نظر انداز ڪري ڇڏيو ايستائين جو وحدانيت جو بة انڪار ڪري ڇڏيائونـ انهن مان ڪجهة روح هئا جن جنت حاصل ڪرڻ لائِ مذهب يا عبادت بة اختيار ڪئي پر عزازيل وانگر بي سود ثابت ٿيون ڇو تة ڪو گستاخي، يا الله جو نا پسند مذهب يا فرقو انهن جي رستي ۾ رڪاوٽ بڻجي ويوـ ٻيا روح جن بهشت طلب ڪيو هئو انهن دنياوي ڪمن سان گڏ و گڏ عبادت ۽ رياضت کي اوّلين ترجيح ڏني، حور ۽ قصور جي لالچ ۾ عبادت گاهن طرف ڊوڙ لڳائي ۽ جنت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، پر انهن مان ڪجهة ماڻهو عبادت ۾ سست رهيا جيئن تة جنت انهن جي قسمت ۾ هئي انهي ئَ لائِ ڪو بهانو انهن جي ڪم اچي ويو پر هو جنت جو اهو مقام حاصل نة ڪري سگهيا جيڪو نيڪوڪارن حاصل ڪيوـ انهن ئي لائِ الله فرمايو: "ڇا انهن ماڻهن سمجهي ڇڏيو آهي، تة اسان انهن کي نيڪوڪارن جي برابر ڪري ڇڏيندا سين! " ڇو تة جنت جا ست (7) درجا آهنـ عام ماڻهن کي هدايت نبين، ڪتابن، گروئن، ولين جي ذريعي ٿيندي آهيـ انهن کي هن مذهب ۾ داخلا ۽ ڪلمو ضروري آهيـ ۽ خاص بنا مذهب ۽ بنا ڪتابن جي بة الله جي نظرِ رحمت ۾ اچي ويندا آهن يعني انهن کي هدايت نور سان ٿيندي آهي۔

الله جن کي چاهي ٿو نور سان هدايت ڏئي ٿوـ القرآن

چوندا آهن تة بهشت ۾ داخلا لائِ ڪلمو ضروري آهي، بهشت ۾ هنن جسمن کي نة پر روحن کي وڃڻو آهي ۽ داخل ٿيڻ وقت پڙهڻو آهي تة پوئِ هي روح مقامِ ديد ۾ وڃي ڪنهن بة وقت ڪلمو پڙهي وٺندا مرڻ کان پوئِ ئي سهي جيئن حضور پاڪ جي مائُ ۽ پي ئُ ۽ چاچي جي روحن کي مرڻ کان پوئِ ئي ڪلمو پڙهايو ويو هئوـ بلڪة خواص الخاص روح مٿان ئي ڪلمو پڙهي يعني اقرار تصديق ڪري ئي ايندا آهنـ حضور پاڪ فرمايو هئو تة " مان دنيا ۾ اچڻ کان اڳ بة نبي هئس" اهي لفظ روح جا ئي روحن لائِ ٿي سگهن ٿا جسم تة هن دنيا ۾ مليوـ قومون هجن تڏهن سردار هوندا آهن! امتي هجن تڏهن نبي هوندا آهن، نة تة انهن جو ڪهڙو ڪم؟ پوئِ انهن ئي ماڻهن کي مختلف مذهبن ۾ موڪليو ويندو آهي، ڪو بابا فريد جي روپ ۾ ۽ ڪو گرو نانڪ جي روپ ۾ ظاهر ٿيندا آهنـ الله کي حاصل ڪرڻ وارا روح مذهب نة ڏسندا آهن بلڪة جنهن جي الله تائين رسائي ڏسندا آهن ان سان گڏ لڳي ويندا آهنـ غوث علي شاهة جيڪو هڪ ولي ٿي گزريو آهي تذڪرة غوثية ۾ لکيو اٿس تة مون هندو جوڳين کان بة فيض حاصل ڪيو آهيـ هي رمز نة سمجهي ڪري مسلم عالمن غوث علي شاهة مٿان واجب القتل جا فتوا لڳايا ۽ مسلمانن کي چيو تة: جنهن جي بة گهر ۾ اهو ڪتاب هجي انهي ئَ کي ساڙي ڇڏيو وڃي، پر اهو ڪتاب بچندي بچائيندي اڄ بة هندستان، پاڪستان ۾ موجود ۽ مقبول آهي ۔

ڪجهة قومن نبين کي تسليم ڪيو ۽ ڪجهة نبين کي نة مڃيوـ نة مڃڻ وارين قومن ۾ بة رب انهن ئي جي مذهب جي مطابق انهن ماڻهن کي موڪليو ۽ انهن هنن کي گناهن کان بچائڻ جي تعليم ڏني ۽ انهن ئي جي عبادت ۽ رسمن ۽ رواج جي ذريعي انهن جو رخ رب ڏانهن موڙڻ جي ڪوشش ڪئيـ امن ۽ رب جي محبت جو سبق ڏنوـ جيڪڏهن اهي ماڻهو نة هجن ها تة اڄ هر مذهب هڪٻئي لائِ بڻجي وڃي ها، اهڙين روحن کي دنيا ۾ خضر (وشنو مهاراج) کان بة رهنمائي ملندي آهي جيڪو هر مذهب جو ڀيد ڄاڻي ٿوـ

ترجمي معلومات

ھي ترجمي برادريءَ جي مدد سان تيار ڪئي وئي آھي ۽ درستگي ۽ اصل متن سان مطابقت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ان جي تصديق ضروري آھي۔

Copyright © 2025 Mehdi Foundation International