Skip to content

گوهر شاهي جو عالمِ انسانيت لاءِ انقلابي پيغام

مسلمان چئي ٿو ته: ”مان سڀ کان اعليٰ آهيان“، جڏهن ته يهودي چئي ٿو: ”منهنجو مقام مسلمان کان به ُاچو آهي“، ۽ عيسائي چئي ٿو: ”مان انهن ٻنهي کان بلڪه سڀني مذهبن وارن کان مٿي آهيان ڇو ته مان الله جي پٽ جي امت آهيان.“ پر گوهر شاهي چوي ٿو:”سڀ کان بهتر ۽ بلند اهو ئي آهي جنهن جي دل ۾ الله جي محبت آهي ڀلي هو ڪنهن به مذهب مان نه هجي! زبان سان ذڪر ۽ صلوٰة هن جي اطاعت ۽ فرمانبرداري جو ثبوت آهي جڏهن ته قلبي ذڪر، الله جي محبت ۽ رابطي جو وسيلو آهي.“

بامرتبو تصديق نقل ڪندڙ زنديق، ڪوڙي نبوت جو دعويدار ڪافر آهي. جڏهن ته ڪوڙي ولائت جو دعويدار ڪفر جي ويجهو آهي. ولي دوست کي چوندا آهن ۽ دوست جو هڪ ٻئي کي ڏسڻ ۽ همڪلام ٿيڻ ضروري آهي. حضور به هڪ ڀيرو اصحابن کي چيو هيو ته ڪجهه ڪم صرف منهنجي ڪرڻ جا آهن، توهان جي لاءِ نه آهن. هر نمازي جي اها ئي دعا هوندي آهي ته: ”اي الله مون کي انهن ماڻهن جو سڌو رستو ڏيکار جن تي تنهنجو انعام ٿيو. جيستائين ان جو روح بيت المعمور ۾ وڃي نماز نه پڙهي جنهن کي حقيقي نماز چوندا آهن ڇو ته اها نماز مرڻ کانپوءِ به جاري رهندي آهي. جيئن ته معراج واري رات ۾ بيت المقدس ۾ به سڀني نبين جي ارواح نماز پڙهي هئي، ۽ جيستائين رب جو ديدار نه ٿي وڃي ان وقت تائين شريعت جي اتباع ضروري آهي. البته سست ۽ گناهگار ماڻهن لاءِ به الله ڪجهه نعم البدل ٺاهيو آهي. الله جي نالي جو قلبي ذڪر به ظاهري عبادت ۽ گناهن جو ڪفارو ڪندو رهندو آهي ۽ ڪڏهن نه ڪڏهن ان کي الله جو محب ۽ روشن ضمير بڻائي ڇڏيندو آهي.

”جڏهن توهان جون نمازون قضا ٿي وڃن ته الله جو ذڪر ڪري وٺجو
اٿندي، ويهندي تان جو ننڊ ۾ پاسا مٽائيندي به“ (القرآن)

ولين جو قرب، لاڳاپو، نظر ۽ دعا به گناهگارن جو نصيب چمڪائي ۽ دوزخ کان بچائي وٺندي آهي. جيئن ته حضور امت جي گناهگارن جي بخشش لاءِ حضرت اويس قرني کان به دعا لاءِ اصحابن کي موڪليو هيو. سخاوت، رياضت ۽ شهادت سان به گناهن جو ڪفارو ۽ بخشش به ٿي سگهي ٿي. عاجزي، توبهه تائب ۽ ڳوڙها ڳاڙهڻ به رب کي پسند آهي. جنهن جي سبب نصوح جهڙو ڪفن چور ۽ مري ويل عورتن جي بي حرمتي ڪرڻ وارو بخشيو ويو. (القرآن)

هڪ ڏينهن عيسٰي شيطان کان پڇيو ته تنهنجو بهترين دوست ڪير آهي؟ هن چيو: ڪنجوس عابد. اهو ڪيئن؟ ان جي ڪنجوسي ان جي عبادت کي ضايع ڪري ڇڏيندي آهي. پوءِ پڇيو تنهنجو وڏو دشمن ڪير آهي؟ هن چيو: گناهگار سخي. اهو ڪيئن؟ ان جي سخاوت ان جي گناهن کي جلائي ڇڏيندي آهي. خدا جي ٻانهن ۽ خدا جي مخلوق سان پيار ڪرڻ ۽ خيال رکڻ وارا، حق جو ساٿ ۽ انصاف وارا ماڻهو به رب جي نظرِ ڪرم جي قابل ٿي ويندا آهن.

علامه اقبال ٽين چوٿين جو شاگرد اسڪول کان واپس آيو ته هڪ ڪتي ان جي پٺيان هلي پئي، پاڻ ڏاڪڻ تي چڙهي ويو ۽ اها بي حسي کان ڏسندي رهي. پاڻ سوچيائين ته شايد بکي آهي. سندس والد سندس لاءِ هڪ اپراٺو رکيل هئو. هن اڌ ڪتي کي وجهي ڇڏيو، هوءَ جلدي کائي وئي وري بي حسي سان ڏسڻ لڳي. پاڻ باقي اڌ به ان جي اڳيان وجهي ڇڏيو، ۽ پاڻ سڄو ڏينهن بکيو رهيو. رات جو ان جي والد کي بشارت ٿي ته تنهنجي پٽ جو عمل مون کي پسند آيو آهي ۽ هو منظورِ نظر ٿي ويو آهي.

جڏهن سبڪتگين هرڻي جو ٻچو جهنگل کان کڻي هلي پيو ڏٺائين ته گهوڙي جي پويان پويان هرڻي به ڊوڙي رهي آهي. سبڪتگين بيهي رهيو، ڏٺائين ته هرڻي به بيهي رهي ۽ پنهنجي منهن کي هن آسمان ڏانهن کنيو. سبڪتگين ڏٺو ته ان وقت ان جا ڳوڙها وهي رهيا هئا ۽ سبڪتگين ٻچي کي آزاد ڪري ڇڏيو. ان واقعي کان پوءِ سبڪتگين تي ايترو الله جو ڪرم ٿيو جو رب جي نالي تي اڪثر روئندو هئو.

مولانا روم چوي ٿو ته: يک زمانه صحبتِ با اولياءِ .... بهتر است صد ساله طاعت بي ريا
(ولي جي هڪ لمحي جي صحبت سئو سالن جي بي ريا عبادت کان بهتر آهي).

حديثِ قدسي: ”مان ان جي زبان بڻجي ويندو آهيان جنهن سان هو ڳالهائيندو آهي،
ان جا هٿ بڻجي ويندو آهيان جنهن سان پڪڙيندو آهي.“

ابوذر غفاري: حشر واري ڏينهن ماڻهو ولي کي سڃاڻي چوندا، ”اي الله! مون هن کي وضو ڪرايو هيو“ جواب ايندو، هن کي بخشي ڇڏيو! ٻيو چوندو: يا الله مون هن کي ڪپڙا پارايا يا کاڌو کارايو هيو. جواب ايندو، هن کي به بخشي ڇڏيو. اهڙي طرح بيشمار ماڻهو هنن جي ذريعي بخشيا ويندا.

حديثِ قدسي: جنهن به منهنجي ولي سان دشمني ڪئي، مان ان جي خلاف اعلانِ جنگ ڪيان ٿو. الله جي جنگ هڪڙي ڏينهن جو سر ڪٽڻ نه هوندو آهي بلڪه هنن جو ايمان ڪٽي ڇڏيو ويندو آهي. جيڪو اڳين ساري زندگي ۾ دوزخ ۾ روزانو اذيت سان سر ڪٽجندو رهندو. جيئن ته بليم باعور جيڪو تمام وڏو عالم ۽ عابد هيو پر موسيٰ سان دشمني سبب دوزخ ۾ وڌو ويو. ماڻهو چون ٿا: ”رب عبادت سان ملندو آهي“. اسين چئون ٿا: ”رب دل سان ملندو آهي“. عبادت دل کي صاف ڪرڻ جو ذريعو آهي، جيڪڏهن عبادت سان دل صاف نه ٿيو ته رب کان گهڻو پري آهين. حديث: ’نه عملن کي ڏسندو آهيان، نه شڪلين کي بلڪه نيتن ۽ قلبن کي ڏسندو آهيان‘. البته عبادت سان جنت ملي سگهي ٿي پر جنت به رب کان تمام پري آهي. ”هي باطني علم صرف انهن ماڻهن لاءِ آهي جيڪي حورن ۽ بهشت جي پرواهه ڪرڻ بنا رب سان محبت، قرب ۽ وصال چاهين ٿا“.

پوءِ بقول سورة ڪهف: الله انهن کي ڪنهن ولي مرشد سان ملائي ڇڏيندو آهي.

جڏهن الله تعاليٰ ڪنهن ٻانهي جي ڪنهن به ادا سان مهربان ٿي ويندو آهي ته ان کي وڏي پيار سان ڏسندو آهي. ان جو پيار سان ڏسڻ ئي ٻانهي جي گناهن کي ساڙي ڇڏيندو آهي. ان سان گڏ ويهڻ وارا به نظرِ رحمت جي هيٺ اچي ويندا آهن. رب جا دوست اصحابِ ڪهف سمهندا رهيا يا مراقبي ۾ رهيا، الله انهن کي پيار سان ڏسندو رهيو جنهن سبب کان انهن جو ساٿي ڪتو به حضرت قطمير بڻجي جنت ۾ ويندو. جڏهن شيخ فريد الله جي نظرِ رحمت ۾ آيو ته گڏ ويٺل مال چاريندڙ به رنگيو ويو.

جڏهن الله ابو الحسن جي ڪنهن ادا تي مهربان ٿيو ته همڪلامي جو سلسلو شروع ٿي ويو. هڪ ڏينهن کيس چيائين: اي ابو الحسن جيڪڏهن تنهنجي متعلق مان ماڻهن کي ٻڌائي ڇڏيان ته ماڻهو تو کي پٿر هڻي هڻي ماري ڇڏين. هن جواب ڏنو: جيڪڏهن مان تنهنجي متعلق ماڻهن کي ٻڌائي ڇڏيان ته تون ڪيترو مهربان آهين ته توکي ڪو به سجدو نه ڪري رب چيو: ايئن ڪر نه تون ٻڌاءِ، نه اسان ٻڌائينداسين.

جڏهن ٽيون ڀيرو زيد کي شراب جي ڏوهه ۾ آندو ويو ته اصحابن چيو: هن تي لعنت، هر هر انهيءَ ڏوهه ۾ اچي ٿو. حضور فرمايو: لعنت نه ڪيو هي الله ۽ ان جي حبيب سان محبت به ڪري ٿو، جيڪي الله رسول سان محبت ڪن ٿا اهي دوزخ ۾ نٿا وڃي سگهن.

بيشڪ الله ڪل مخلوق سان محبت ڪري ٿو ۽ سڀ مخلوق جو خيال رکي ٿو معذور ڪيڙي کي پٿر ۾ به رزق پهچائي ٿو پر جهڙي طرح نافرمان اولاد کي سزا ۽ عاق ڪيو ويندو آهي، اهڙي طرح نافرمانن ۽ گستاخن لاءِ هو قهار بڻجي ويندو آهي.

يقين ڪيو توهان کي به رب ڏسڻ چاهي ٿو پر توهان اڻڄاڻ، لاپرواهه يا بدبخت آهيو. جنهن کي ماڻهو ڏسندا آهن ان کي روز صابڻ سان ڌوئيندا آهيو، روز ڪريم لڳائيندا ۽ خط ٺاهيندا آهيو ۽ جنهن کي رب کي ڏسڻو آهي ڇا تو ڪڏهن ان کي به ڌوتو آهي؟

حديث: هر شي کي ڌوئڻ لاءِ ڪو نه ڪو اوزار آهي جڏهن ته دلين کي ڌوئڻ لاءِ الله جو ذڪر آهي.

پاڪيزه محبت جو تعلق به دل سان هوندو آهي زبان سان I Love You چوڻ وارا مڪار هوندا آهن. محبت ڪئي نه ويندي آهي ..... ٿي ويندي آهي، جيڪو به دل ۾ لهي وڃي. رب کي دل ۾ لاهڻ جي لاءِ تصور، قلبي ذڪر ۽ ولي الله هوندا آهن.

صرف گاڏي جو انجڻ منزل مقصود تائين نه ٿو پهچائي سگهي جيستائين ٻيون شيون به يعني اسٽيئرنگ، ٽائر وغيره نه هجن. اهڙي طرح نماز به تزڪيه نفس (نفس جي پاڪي) ۽ تصفيه قلب (قلب جي صفائي) کانسواءِ اڌوري آهي. جيڪڏهن انهن لوازمات کانسواءِ نماز ئي سڀ ڪجهه ...... ۽ جنت آهي ته پوءِ توهان ٻين کي ڪافر، مرتد ۽ دوزخي ڇو چوندا آهيو جڏهن ته اهي به نماز پڙهندا آهن. فرق اهو ئي آهي ڪو عيسيٰ جي گڏهه تي سوار آهي ۽ ڪو دجال جي گڏهه تي سوار آهي يعني اندر کان ٻئي ڪارا. صرف عقيدن جو فرق ٿيو جڏهن ته عقيدا هتي رهجي ويندا، اندر جا روح اڳتي ويندا.

زبان ۾ نماز پر دل ۾ خرافات، حرص ۽ حسد، هي نمازِ صورت چورائيندي آهي. عام ماڻهو انهي سان خوش فهمي ۾ مبتلا رهندا آهن ۽ فرقا بندي جو شڪار ٿيندا رهندا آهن. انهن جي دين ۾ تبليغ فتنو بڻجي ويندي آهي. فرض ڪيو توهان ڏهه پندرنهن سال ڪنهن فرقي ۾ رهي ڪري عبادت ڪندا رهيا پوءِ توهان ٻي فرقي کي صحيح سمجهي ان ۾ شامل ٿي ويا. ان جو مقصد توهانجو پهريون فرقو باطل هيو، باطل جي عبادت قبول ئي ناهي ٿيندي، يعني توهان ڏهه پنڌرنهن سالن جي نمازن کي جهٽلائي ڇڏيو. ٿي سگهي ٿو نئون فرقو به باطل هجي! پوءِ پوئين به وئي ۽ اڳين به وئي. پٽي لٿي ته گهاڻي جي ڏاند وانگر اتي ئي موجود پاتو. عمر برباد ٿيڻ کان بهتر هئو ته ڪنهن ڪامل کي ڳولهي وٺو ها.

ترجمي معلومات

ھي ترجمي برادريءَ جي مدد سان تيار ڪئي وئي آھي ۽ درستگي ۽ اصل متن سان مطابقت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ان جي تصديق ضروري آھي۔

Copyright © 2025 Mehdi Foundation International