”جشن شاهي ملهائڻ جا سبب“
15 رمضان 1977 تي الله جي طرفان خاص الهامات جو سلسلو به شروع ٿيو هئو.
راضيه مرضيه جو واعدو ٿيو، مرتبو به ارشاد ٿيو ھئو.
جيئن ته هر مرتبي ۽ معراج جو تعلق 15 رمضان سان آهي ان لاءِ انهي ڏينهن انهي خوشي ۾ جشن شاهي ملهايو ويندو آهي.
1978 ۾ حيدرآباد اچي رشُد و هدايت جو سلسلو جاري ڪري ڇڏيائون ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هي سلسلو سڄي دنيا ۾ ڦهلجي ويو. لکين ماڻهن جا قلب الله الله ۾ لڳي ويا. لکين ماڻهن جي قلبن تي اسم الله نقش ٿيو ۽ انهن کي نظر آيو. لکين ماڻهون ڪشف القبور ۽ ڪشف الحضور تائين پهتا. لکين لاعلاج مريض شفاياب ٿيا. هر مذهب، هر قوم، هر نسل جا ماڻهون حضرت گوهر شاهي کان رشُد و هدايت حاصل ڪري الله جي محبت ۽ ذات تائين پهچڻ شروع ٿي ويا.
خدا جي قسم! مان به انهن ئي ماڻهن مان آهيان جن جي دلين تي خوشخط لکيل اسمِ اللھ چمڪي رهيو آهي.
(از شيخ نظام الدين .... ميري لينڊ، آمريڪا)
ترجمي معلومات
ھي ترجمي برادريءَ جي مدد سان تيار ڪئي وئي آھي ۽ درستگي ۽ اصل متن سان مطابقت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ان جي تصديق ضروري آھي۔